• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌين کي جاهل رکڻ لاءِ تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: پليجو

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڪرمپور (پ ر) سنڌي عورتن کي سجاڳ ۽ باشعور ڪرڻ لاءِ جديد سائنسي ۽ ترقي پسند علم، ڄاڻ ۽ سمجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ قائد رسول بخش پليجي ڪرمپور ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت تعليم کي تباهه ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌي قوم کي جاهل، ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل قوم ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن ۽ ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ وڃي علم، سمجهه ۽ شعور جا نوان ڏيئا روشن ڪرڻ کپن. رسول بخش پليجي چيو ته هن سرڪار مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر ٿيندو. هن چيو ته سنڌي قوم جي مردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن کي سنڌ جون زمينون، نوڪريون، تيل، گئس ۽ ٻيا سمورا وسيلا بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي پُرامن جمهوري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. رسول بخش پليجي چيو ته ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ بدامني، لاقانونيت ۽ دهشتگردي جو راڄ آهي، اڄوڪو حڪمران ٽولو سنڌ وڪڻي ان جي عيوض پنهنجا گهر ڀرڻ ۽ مال ميڙڻ ۾ پورو آهي.

(عوامي آواز)
 
Back
Top