غريب گل سيتائي اڳي ايئن ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا زندگي روِشن جي مدار ۾ صدين کان پنھنجي سفر جي سلسلي تي روان دوان آھي ، وقت جون ڌارائون ماڻھوءَ جي من ۾ احساسن جي شدت سان پئدا ٿيل پنھنجائپ ۽ اوپرائپ جا نشان چٽينديون آھن ، روش بھ ھڪ اھڙي احساس جو نالو آھي ، جيڪو اگر اتساھ جو احساس بنجي پوي تھ انسان ڏکن جي ريگزارن جي تتل راھن تي بھ پنھنجي سفر ۽ ساٿ سان ڏکيا ڏھاڙابھ سھل ۽ سکيا سمجھي گھاري ويندو آھي ، پر جڏھن اھي ئي احساس منفي رخن جي رھگزارن جا رخ وٺي ، واءُ جي وس ٿي ھلڻ جا ھيراڪ ٿي پون تڏھن انسان جي اندر ۾ جلاوطنيون پاڻ مرادو پئدا ٿي پونديون آھن ، ۽ اھي جلاوطنيون ماڻھوءَ جي من سان ڪيڏا ڪلور ڪنديون آھن ، روح تي ڪربلا جھڙا ڪيس ڪنديون آھن ، ماڻھپي تان ويساھ کڄي ويندو آھي ، وحشتون من جي دنيا کي اڪيلائپ جي ڪاري رات جي چادر ۾ ويڙھي ڇڏينديون آھن، ۽ اھو سڀ ڪجھ اھو ئي سمجھي سگھي ٿو ، جنھن محبتن جي ايماندار امانت ڌڻي جي اڇي اجري آڳند تي ويھي محبتن جا راز ڄاتا ھوندا، صداقتن جي سٽن کي سمجھيو ھوندو ، سونھن ۽ سڪ جو مشاھدو ڪيو ھوندو ، جنھن رات راڻيءَ جي خوشبوءِ کي پنھنجي ھٿن سان ڇھي ان جي نفاست کي محسوس ڪيو ھوندو ، جنھن محبتن سان ڀرپور دلين جي ڌڙڪن کي راڳ جي روپ ۾ ٻڌڻ جي سکيا حاصل ڪئي ھوندي ، پوءِ جڏھن نھ ، ان ماڻھوءَ جي اجري جيون تي تھمتن جا دقيانوسي الزام ھڻي ان رابيل جي پنکڙين جھڙي حساسيت رکندڙ ماڻھوءَ کي فتوائن جي ڪمان ۾ ڪوڙ جا تير تاڻي سندس پاڪيزھ من کي ڇيھون ڇيھون ڪجي ، تڏھن انھي صادق ۽ حقيقت پسند انسان جو جيون ڀٽائي جي ھنن سٽن ۾ سمائجي وڃي ٿو پائي ڪــــان ڪمان ۾ ميــــان مار نھ مون ، مون آھين تون متان تنھجو ئي توکي لڳي . لاڙ جي چانور جھڙي خوشبو ، محبوبھ جي چميءَ جھڙو تاثير ، سن جي مٽي جھڙو مزاج ، ڀٽائي جي بيتن جھڙو تسلسل رکندر سائين سرڪش سنڌي سنڌ جو ھڪ سوال بنجي پيو آھي ، جنھن کي حل ڪرڻ جي جھڙوڪ ضرورت ئي نھ ھجي ، سنڌ جا ساڃاھ رکندڙ سمورا ماڻھو سرڪش سنڌي تي ڳالھائڻ کان ائين لنوائن ٿا ، جيئن سنڌ جي آزادي جي عنوان تي کُلي ڳالھائڻ ويل ھڪ اڄاتل خوف سبب سياستدانن جي پيشاني پگھرجي ويندي آھي . ڪالھ جو اھو سرڪش سنڌي جنھن جي اچڻ تي محفل ۾ موجود ماڻھن جي مک تي عقيدت ۽ اتساھ جا جمالا جھومندي نظر ايندا ، ۽ کوڙ سارا ننڍڙا ماڻھو کيس اکين جي پنبڻين سان سلام آڇيندي سڪون محسوس ڪندا ھئا، کوڙ سارا شاعر،قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سندس شاعري کي خراجِ عقيدت ۽ پوڙھائپ جي پھرن ۾ بھ پنھنجي جرئت کي جوان رکڻ جھڙي جذبي کي دعائن جا گل دستا ارپيندي پنھنجي عزت ۽ مان سمجھندا ھئا ، ھمعصر ۽ ھم ذوق رکندڙ دوستن جو حلقوکيس ھميشھ اٿي آڌرڀاءُ ڪرڻ کان بھ ڪونھ ڪيٻائيندو ھئو ، ۽ اڄ جڏھن ھو ڪجھ بدذوق ۽ بي سمجھ ماڻھن جي بد مستي جو شڪار ٿي پيو آھي ، سندس ڪردار جي سفيد چادرکي چمڙن جھڙي صفت رکندڙ عقل جي انڌن جي چرٻ زباني خواھمخواھ خراب ڪرڻ جي ٿورڙي ڪوشش ڇا ڪئي ، بس سڄي جڳ جھان ڏٺو تھ سمورن ساٿين سرڪش سنڌي کي سڄي ڏيھ جو ڏوھاري ڄاڻي کيس ايترو اوپرو ڪري ويٺا آھن جو ھاڻي ڪنھن کي اھو بھ پتو ناھي تھ اھو سرڪش آخر آھي ڪٿي ....؟ ۽ ڪھڙي حال ۾ .....؟ . بيمار تھ سائين سرڪش سنڌي اڳي بھ ھوندو ھيو ، پر پوءِ بھ ھن پوڙھي شخص ڪنھن نئين ننڍي ، توڙي ھمعمر کي اھا لکا بھ نھ ڏني ھوندي تھ ڪو ھو بيمار بھ آھي ، رات توڙي ڏينھن مشاعرن کان ويندي قومي ڪاڄن جي اسٽيجن تي ھوشو جھڙي ھمتن جو ڏيک ڏيندڙ سائين سرڪش سنڌي بيماري جي بستري پئجي رھيو آھي ، توڙي جو سندس پير ھاڻي، سندس چئي آکئي ۾ بھ نھ رھيا آھن ، پر پوءِ بھ سندس اکيون آسروند آھن ، سندس اکين جون ماڻڪيون دروازي جي تاڪن ڏانھن اڃان بھ تڪن ٿيون ،انھن سمورن دوستن جي لاءِ جيڪي ھن ڏانھن اچڻ جا پنڌ وساري ويٺا آھن، ھو بيماري جي اھڙي عالم ۾ ھوندي بھ موبائيل فون جي وڄندڙ گھنٽي تي فون ۾ نمبر ڏسي اڪير اچاريل اکر ” بابلا خوش آھيو‟ ٻڌڻ ويل اھو محسوس ٿيندو آھي ، ڄڻ سندس ۾ زندگي جا سمورا خوشنما رنگ موٽي آيا ھجن ، ۽ نھ رڳو ايترو پر دوستن جي باري ۾ بھ پڇڻ ھن کان ڪڏھن وسريو ناھي ، ھو اڄ بھ انھن سمورن دوستن کي ساري ٿڌا ساھ کڻي ٿو ، جن ٻٽا معيار رکي ۽ اوندھ جي پوڄاري انسانن جي نظر ۾ اچڻ ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪمايل نالي ۽ ناماچاري جي خراب ٿيڻ جي خوف سببان کيس ڇڏي ۽ پاسيرا ٿي بيٺا آھن ، ھو تھ انھن دوستن ڏانھن سلام بھ موڪلي ٿو ، جيڪي ھن جا حال حقيقت ڄاڻن وارا ھوندي بھ کيس موڪليل سلام جو جواب بھ نھ ٿا موڪلين ، سندس اکين جو بنبڻيون ان وقت پوسرجي پون ٿيون ، ۽ لڙڪ بنبڻين جي ڪنڊ تي اچي اٽڪي پون ٿا ، جڏھن ھو چوي ٿو تھ منھنجو ڏوھ رڳو اھو آھي تھ مون حقيقت پسندي کان ڪم ورتو ، ۽ ان جي سزا اھا آھي جو اڄ ھن حال ۾ بھ ڪو دوست دل کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ رڳو ظاھري زباني بھ حال پڇڻ جي ھمت نھ ٿا ساري سگھن ، ساھ جي تڪليف ۾ مبتلاسائين سرڪش سنڌي ، جنھن جي پنڌ جا ساکي سنڌ جا اھي روڊ رستا ۽ پيچرا آھن جن جي ڪشادن سينن تي ھلندي ھن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو ، ھن نھ رڳو شاعر ھجڻ جي حد تائين رھي سنڌ جي ارڏي نسل کي اتساھ بخشيو پر ھن عملي طرح بھ قومي قافلن جي صفِ اول جو ڪردار ادا ڪيو ، ھن قلم جي قوت کي ڪافي نھ سمجھندي ، ٻانھن جي ٻل کي ضروري ڄاتو ، ھن رات جي تاريڪي ۾ اگر بغاوت جا گيت پئي کليا تھ ڏينھن جي روشني ۾ سرخ جھنڊي جي ڇانو ۾ آزادي جي گھُر پئي ڪئي آھي ، اوجاڳيل اکين سان پنھنجي چوطرف نوجوانن ۽ دوستن جا ھجوم ڏسي سندس ٿڪ ئي لھي ويندا ھئا ، ۽ ھاڻي وقت جي واءُ انھن سمورن کي ائين وکيري ڇڏيو آھي جو سائين سرڪش جي اکين جي اُداسي لطيف جي ھنن سٽن جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي تھ اڳي ائين ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا ھاڻي ائين ٿياس جو جت نھ نيئن پاڻ سين سنڌ جي قلمڪارن ، قومي اڳواڻن ۽ ادب جي دنيا جي سمورن دوستن کي اھو ياد ھئڻ گھرجي تھ ھن سنڌ جي ڌرتي جي سيني تي ھڪڙو سرڪش سنڌي بھ آھي ، جنھن پنھنجي عمر جون انيڪ بھارون ھن قوم جي خوشحالي کي ارپي اھا آس من ۾ سانڍي ساھ کي ويساھ جا دلاسا ڏيندو رھيو آھي ، دل کي آٿتون ڏيندو رھيو آھي تھ پيري جي پڇاڙڪن ڏھاڙن ۾ ھي سڄي قوم سندس سھارو بنجي کيس پيار۽ پنھجائپ جا گل ارپي کائنس پوڙھي ھئڻ جو احساس ختم ڪندي ، ليڪن ھتي ٿيو ان جي ابتڙ ڪجھ حالتن جي ستم ظرفي سببان ۽ ڪجھ ڪم ظرف ۽ اصولن کي پٺي ڏيندڙ دانشورن جي مھربانين سان پنھنجن لاءِ پرائو ٿي پيو آھي ، نفرت جي ايڏي وڏي ديوار اڏي وئي جو دوستن کي سڏڻ جي اميد بھ موڪلائي وئي ، اوپرائپ جي احساس کي ايترو شديد ڪيو ويو جو سڄي سٿ مان ڪير بھ پنھنجو ٿيڻ ،جھڙوڪ جوکم جو ڪم سمجھي نٽائي ھليو ٿي ويو ،۽ آھستي آھستي سمورا سنگتي ساٿي منھن مٽائي ھليا ويا ، بس ڇڏي ويا تھ رڳو اوپرائپ جو عذاب ڏيندڙ احساس ۽ اڪيلائي جو نھ کٽندڙ ريگستان ، جنھن ۾ محبتون ورھائيندڙ ، باک جي ٿڌڙي ھير جھڙو اڪيلو انسان جنھن کي سرڪش سنڌي جھڙو نالو بھ آھي ، ھو بيمار ضرور آھي پر يقين ڪريو بد مزاج ناھي ، ھن جي مزاج ۾ اڄ بھ اھا ئي مھڪ موجود آھي ، جيڪا ماڻھوءَ جي روح کي بھارن جھڙي تسڪين ڏئي ٿي . انڪري آئون سمورن اديبن ، دانشورن ۽ وس وارن اڳيان عرض ٿو رکان تھ اچو تھ بي حسي جي عالم مان نڪري ھڪ اھڙي انسان جي زندگي لاءِ آٿت بنجي آواز اٿاريون جيڪو سڄي زندگي سنڌ جي روشن صبح ۽ سکين سانگين جي سلامتي لاءِ پتوڙڻ پنھنجو فرض سمجھي ڪندو رھيو آھي ، سندس قلم جي پورھئي کي نظر ۾ رکي سندس زندگي لاءِ ڪجھ ڪريون ، ڇومونکي يقين آھي تھ ھن مٽيءَ جو خمير ايترو خراب ڪونھ ٿيو آھي جو منھنجي سنڌ جو ھڪ سلڇڻو ، ڪنواري نرتڪي جي ڪرائي ۾ پيل ڪانچ جي چوڙي جھڙو نازڪ ، امڙ جي دعائن جھڙو مزاج رکندڙ ، ھوشو جي ھمت ،حوصلي ۽ جرئت جھڙا جذبا رکندڙ سنڌ جي ھن جھونڙي سرڪش کي بيماري جي بستر تي ايترو اڪيلو ڪري ڇڏيون ، ان لاءِ اچو تھ سنڌ جي ھن اڏول سرڪش جي جيون کي ڪجھ پل پيار ،پنھنجائپ ۽ محبتن جو آڇي ، کيس اڪيلائپ جي احساس کان آزاد ڪرڻ ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪريون .
جواب: اڳي ايئن ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا غريب گل سيتائي سائين مهرباني تمام بهترين ء سبق آموزونڊ ڪيو اٿو۔ ڏاڍي خوشي ٿي اهو ڏسي ته توهان هاڻ مڪمل ء ڪازائتا ونڊ ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي۔ اميد ته اهڙا ونڊ جاري رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اڳي ايئن ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا غريب گل سيتائي ادا مهرباني واقعي سرڪش سنڌي زندگيء جون انيڪ بهارون هن قوم ۽ سنڌي ماڻهن لاء وقف ڪيون آهن پر دوست هتي ته ڪيترائي سرڪش آهن جيڪي ان آسري ۾ آهن ته ڪو سندن سار لهندو پر يار سنڌي قوم مئلن کي ياد ڪندي آهي جيئرن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيندي آهي۔ اهوئي سبب آهي جو مان به ڪڏهن به اها توقع رکي ڪم نه ڪندو آهيان ته جواب ۾ مونکي ڇا ملندو۔ جيڪڏهن اوهان ٻين مان اميدون رکڻ شروع ڪيون ته پوء مايوسيء جي ڪاري ڪُن ۾ گم ٿي ويندا۔ سرڪش کي ياد ڪرڻکپي ۽ سندس سار لهڻکپي۔ مان سڀني دوستن کي عرض ڪندس ته سرڪش نه وساريو ۔
جواب: اڳي ايئن ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا غريب گل سيتائي دوستن جي همت افزائي ڪرڻ جي مهرباني ، باقي اسان سڀني تي فرض عائد ٿئي ٿو ته سنڌ جي انهن خادمن کي نه وساريون جن هميشه وطن ۽ ويڙهيچن جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۔
جواب: اڳي ايئن ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا غريب گل سيتائي پر سائين سرڪش آهي ڪٿي ۽ ڪهڙي اسپتال ۾ ۔۔۔ ته اسين سنڌ سلامت پاران ٻيو نه ته گلن جو تحفو ته موڪلي سگهون ۔۔۔ ڪنهن دوست کي ان بابت ڪا خبر هجي ته ونڊ ڪري ته کيس سنڌ سلامت جي هن اڱڻ پاران کيس سلام، پيار ۽ ڪجه گل ارپنا ڪجن ۔۔۔ باقي ته اسانجون دعائون آهن سرڪش سنڌيءَ سميت سڀني سنڌين سان انصاف ٿئي ۔۔۔ سرڪش سنڌي باغيرت ۽ سلڇڻو سنڌ دوست رهيو آهي ۔۔۔ اڄ هو جيڪڏهن تڪليف ۾ آهي ته اسان کي ان جي سار لهڻ کپي ۽ کيس پيار ۽ محبت سان سندس حوصلو وڌائڻ کپي ۔۔۔ لک ٿورا غريب گل جا ۔۔۔