• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرفراز مهدي چانڊيو

ابو جواد

سينيئر رڪن
سڀني دوستن کان معذرت هي اسان جو دوست نئون آيو آهي تنهن ڪري پنهنجو تعارف ذاتي ميسيج ۾ لکيو هيائين آ ان کي تعارف واري سيڪشن ۾ موڪلي رهيو آهيان

اڄ 06:03 pmسرفراز مهدي چانڊيو

پيارا سنڌ واسيو السلام عليڪم مان اڄ پنهنجو تعارف پنهنجي زباني پيش ڪري رهيو آهيان
مان ضلع خيرپور مير س جي تعلقي ڪوٽڏجي ۾ ڪنب شهر جي ڀرسان ڳوٺ بنگل خان چانڊيو ۾ پنج اپريل اوڻويھ سو ڇهاسي ۾ اک کوليم پرائمري ۽ مڊل تعليم ان ئي ڳوٺ ۾ مڪمل ڪيم يٽڪ هاءِ اسڪول ملهير خان پاتو ۾ ڪئي اٿم ۽ انٽر تعليم ڪنب ڪاليج مان ڪري هيئنر شاھ لخيف يونيورسٽي ۾ ماسٽرس ڪري رهيو آهيان سنڌ سلامت ڏسڻ سان مون کي به شوق ٿيو ته ان جو رڪن ٿيان ان ڪري اهو پهريون پيغام موڪلي رهيو آهيان باقي مختلف موضوعن تي ضرور بحث ڪبو
 
جواب: سرفراز مهدي چانڊيو

پيارا ڀا ۽ مٺڙا مائٽ سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا هتي اوهان کي کل ڀوڳ کان وٺي تحقيقي تحريرن تائين قيمتي مواد پڙهڻ وٽان ملندو هن محبتي اوطاق جي ترقي لا دوست تمام گهڻي زحمت ڪري رهيا آهن سائين نثار ابڙو، مست صاحب، ڦلپوٽو فقير، علي علي، ۽ محترم سليمان وساڻ فورم جي ترقي لا قابل قدر ڪاوشون ڪيون آهن توهان جي به علمي تحريرن جو انتظار رهندو
 
جواب: سرفراز مهدي چانڊيو

ادا سرفراز صاحب اوهان کي اسان جي طرفان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون .
 
Back
Top