دوستو! السلام عليڪم ڪافي ڏينهن کان آئون سنڌ سلامت کان غير حاضر رهان پيو. ان جو سبب هيءُ آهي ته منهنجي والده جي طبيعت ٺيڪ ناهي ، ان سلسلي ۾ ڀڄ ڍڪ ڪيان پيو. توهان ڀائر دعا ڪيو امڙ کي الله تعالى صحتياب ڪري. وري ملنداسون پيا.
جواب: غير حاضري جو سبب ادا سڪندري صاحب اوهان کي هن اڱڻ تي خوش آمديد ٿا چئون، ڀلي ڪري آيا۔ اسان جي دعاء آهي ته ڌڻي اوهان ۽ والده صاحبه جن کي شفاءِ ڪامله عاجله نصيب فرمائي۔ ڪجهه وقت ڪڍي ڦيرو ڀريندا رهندا۔ سدائين گڏ۔۔۔
جواب: غير حاضري جو سبب رب العالمين امڙ سڳوريءَ کي صحت ڪامله عطا ڪندو ۔۔۔ صاحب! ڏيج شفا ميان مريضن کي ۔۔۔ آمين اوهان امڙ جو خيال ڪندا ۽ جيتري خدمت ڪري سگهو ڪندا ۔۔۔ اها ئي اسانجي خوشي آهي ۽ اها ئي اوهان لاءِ جنت ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: غير حاضري جو سبب سائين اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ اوهان جي امڙ کي جلد کان جلد صحتياب ڪري ۔۔آمين۔۔۔۔۔۔
جواب: غير حاضري جو سبب اسان جي دعاء آهي ته ڌڻي اوهان ۽ والده صاحبه جن کي شفاءِ ڪامله عاجله نصيب فرمائي۔ آمين
جواب: غير حاضري جو سبب ادا اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ اوهان جي امڙ کي صحت ڪاملا عطا ڪري آمين سدائين گڏ