دماغي هو الشافي: گل بنفشه ،جرڦل ، گائوزبان ، اسطو خودوس ، هريڙ زرد جي کل ،سنامڪي ، ڌاڻا خشڪ ، مغز بادام هر هڪ 20 گرام سڀني دوائن کي ڪٽي سنهو سفوف ڪري ان ۾ کنڊ 100 گرام سفوف ڪري ملائي محفوظ ڪري رکجي. ترڪيب استعمال: اڌ چمچو صبح شام ڳائي کير سان يا پاڻي سان . فائدا: دماغ جي طاقت لاء سٺي شيء آهي . دائمي نزلو ، مٿي جي ڦيري ۽ قبضي لاء به بهترين شيء آهي.
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو جزاڪ الله خئير، شين جي نسبت سان تمام سٺو نسخو ٿو لڳي، پر آزمائش شرط آهي ۔۔۔ انشاء الله ٺاهي کائبو ۽ دماغ جا چڪر بند ڪبا ۔۔۔ لک ٿورا سائين محترم ۔۔۔ اميد ته اهڙا سهڻا نسخا ونڊ ڪندا رهندا ۔۔۔ رب اوهانکي جزا ڏيندو۔
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو سائين حڪيم صاحب مهرباني تمام سهڻو ونڊ ۽ ڪارائتو نسخو آهي۔ پر اسان لاء ته اهي سڀ شيون هٿ ڪرڻ به مشڪل آهن۔ ڪمپيوٽر ۽ سنڌ سلامتي تي گهڻو ويهڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن مٿي کي ڦيري ايندي آهي۔ اوهان وٽ اهو نسخو ٺهيل هجي ته ٻڌائجو ۔ ڪڏهن ڳوٺ ويندي اوهان سان ملاقات به ڪبي ۽ اهو نسخو به وٺبو۔ اوهان جا لک لائق اهڙي سهڻي ۽ ڪارائتي ونڊ جا
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو سائين مهرباني اوهان جي اسان جهونن جو به دماغ ڪم ئي ڪونه ٿو ڪري پر سائين هتي اهي شيون ملن ئي ڪونه ٿيو ن خير الله مالڪ آهي پاڪستان مان گهرائي ٿا وٺون ادو سليمان اوهان سان ملڻ اچي ته اسان جي حصي جي به دوا ڏجو اسان جي سچڻ کي ۽ ڊبل فهي وٺجو ان جوان کان هه
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو سائين بلڪل هي نسخو استعمال ڪري ڏسبو توهان کي دعائن ۾ ياد ضرور ڪبو اهڙو ڪو ٻيو نسخو هجي ته ضرور شيئر ڪجو سدائين گڏ
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو ادا جيڪڏهن انهن دواءن جا نالا انگريزي ءَ ۾ لکي موڪليان ته توهان کي دوا ملي سگهندي؟
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو سائين جيڪڏهن عربي زبان ۾ لکي ڏيو ته ملي ويندي سائين ۔ مهرباني سائين اوهان جي
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو معنى پنهنجي مٿي کي ڦيري اچڻ جو سبب به اهو ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔ انهي نسخي کي ٺاهڻ ايترو آساني سان سمجهائڻ باوجود ڏکيو ٿو لڳي۔۔۔ حڪيم صاحب سان ملاقات ڪرڻ وقت مون لاءِ به هٿ ڪندا۔۔۔ ڇو ته هاڻي علي علي جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ انهي نسخي جي ضرورت ڪجهه وڌي وئي آهي۔۔۔
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو سائين مهربانيون اسان جهونن کي به روز چڪر پيا اچن۔ پر اسان مفت خور آهيون سليمان وساڻ اچي ته مون لاء به ڪو ڪلو کن مفت ۾ موڪلي ڏجو
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو هي ٻه شيون پاڻ کي آسان سان هٿ ٿي وينديون..باقين جا ته مان نالا به اڄ ٿو ٻڌان..خير ڳوٺ ويس ته اهي سيون...صابو پاساري جي دُڪان تان آرام سان ملي ويندو...۽ نسخو مان ضرور آزمائيندس..ڇوته پنهنجا به هاڻي پوئيان ڏينهن آهن...ڪمپيوٽر تي گهڻو ويهڻ ڪري..پاڻ کي رات جو گهڻو مٿي ۾ سوري پئي ٿو...باقي مٿي جي چڪرن کان رب پيو پناھ ڏي...حڪيم صاحب اوهان جي ونڊ تمام بهترين لڳي اُميد ته وقت سر اهڙي ونڊ ڪندا رهندا.
جواب: دماغي طاقت لاء نسخو سائين حڪيم صاحب تمام بهترين نسخو آهي ، اوهان کان عرض آهي ته ڇا اهو نسخو هر موسم لا آهي ، جواب جو منتظر