السلام عليڪم سڀني مومنين کي يا علي مدد ماءُ ڇا آهي؟ سمنڊ چيو ماءُ اُها هستي آهي جيڪا اولاد جا تمام راز پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. ڪَڪَر چيو ته ماءُ اُها هستي آهي جيڪا انڊلٺ جيان خوبصورتي جا تمام رنگ سمائي وٺندي آهي. دُعا چيو ته ماءُ اُها هستي آهي جيڪا گنهگار اولاد کي به دوزخ کان بچائي وٺندي آهي. جنت چيو ته ماءُ اُها هستي آهي جيڪا مونکي به قدمن جي هيٺيان دٻائي ويٺي آهي. الله رب العزت چيو ته ماءُ منهنجي طرفان انسانذات لاءِ قيمتي ۽ ناياب تحفو آهي. توهانجي دُعائن ۽ نيڪ تمنائين جو طلبگار فقير حيدر علي
ماء هڪ عظيم هستي آ، ماء هڪ وڏي نعمت آ ماء هڪ خوبصورت گل آ، جنهن جي خوشبو اڻ ملهي آ ماء جڏهن پيار مان کلندي آ، ته ڄڻ دل ۾ رهندي آ ماء هڪ اهڙو گل آ، جيڪو ڪڏهن به مرجهائي نه ٿو ماء هڪ اهڙو رشتو آ، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي ماء جو پيار هڪ اهڙو پيار آ، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي ماء هڪ قيمتي تحفو آ، جيڪو اسان ڪڏهن ضايع نه ٿا ڪري سگهون ماء سمنڊ جي گهرائي آ، ماء سج جي تپش آ ماء چنڊ جي ٿڌڪار آ، ماء زمين جي چمڪ آ ماء سان سرو جهان روشن آ، ماء سان ئي گهر آباد آ ماء جنت جي باغن مان هڪ باغ آ، ماء جي پيرن هيٺان جنت آ
shabashshabashshabash lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
واه واه فقير واه ... اصل فلمي هيري واري انٽري هنئين اٿوَ، ماءُ جي لئه ڇا چئجي سو ته اوهان ٻنهي دوستن بشمول ادي وحيد سمي جي چئي ڇڏيو ... لک ٿورا