شاھ صاحب جي شعرن جي تشريح جو سلسلو 2 رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛ لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛ سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛ سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي سائين عرس پريو صاحب جن جي مهرباني جن هن سلسلي جي شروعات ڪرائي. هي سلسلو اڳتي اوهان جي پسند يا نا پسند سان ئي هلندو، جيسيتائين اوهان دوست پسند ڪندو تيسيتائين هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين .جنهن ۾ اسان جي سبق پڙهيا آهن اهي اوهان جي سامهون دُهرائيندا سين جتي چُڪ هوندي اتي اصلاح جي اميد رهندي. ٻي سائين عرس صاحب جي مهرباني جو شعر سان گڏ ان شعر جو حوالو به ڏين ٿا جنهن سان شعر جو متن يا ان جي اڳيان پٺيان موجو اشعار ڏسي ان تي لکڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هي شعر صاحب جي رسالي ۾ سر ڪلياڻ جي داستان نمبر ٽيون ۾ رقم آهي جنهن جو نشان نمبر 4 آهي رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛ هن شعر ۾ شاھ صاحب سالڪ جي اندر جو احوال ٿو ڏئي ته جنهن کي عرفان ٿيندو آهي يا عرفان جي منزلن ۾ هڪ منزل اها به آهي جنهن ۾ ان جون رڳون پنهنجي خالق جي تابع هونديون آهن جنهن کي اسان پنهنجي معاشري ۾ گهڻي ڀاڱي لون لون ۾ لڳل جي مثال ڏيند آهيون ۽ اهو عشق فقط پنهنجي خالق سان ئي ٿي سگهي ٿو.جنهن کي حقيقي عشق چيو وڃي ٿو جو خالق سان ئي ٿي سگهي ٿو جنهن جي محبت انسان جي فطرت ۾ روزِ ازل کان آهي جا محبت خالق سان ئي ٿي سگهي ٿي مخلوق سان هن محبت ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي . لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛ عاشقن جو لڇڻ ڪڇڻ جانب لاءِ ئي هوندو آهي هو محبوب جي حڪم بنان هر شي جا انڪري هوندا آهن هنن کان هنن جي محبوب جي حڪم خلاف ڪو ڪم وٺي ته ان کي جواب ڏئي ڇڏيندا آهن هنن جي هر گهڙي ۾ هو هوندو آهي هي پل به هن کان ڌار ناهن رهندا جنهن جي مثال سلطان باهو جي هن جملي ۾ آهي جنهن ۾ فرمائين ٿا ، جو دم غافل سو دم ڪافر سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛ جنهن مونکي هي آزاز ڏنا آهن اهوئي منهنجو معالج آهي اهو ئي اچي مون تي مرحم رکندو . (هاڻي هن ۾ سوال آهي ته هن جنهن سور ڏنا آهن سو مرحم ڇو رکندو ته سالڪن جي اهڙي ٻولي مان مراد الله جي ذات پاڪ آهي الله بي نياز آهي هو اسان تي مرحم ڇو رکندو هن ، هن اسان کي زخمي ڇو ڪيو آهي وغيره هي سوال سانڍڻا آهن جن جو جواب ڪاٿي نه ڪاٿي ايندو ۽ هي سوال غور طلب پڻ آهن،) سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي جيڪو ڏسڻ ۾ عذاب اهو ان ۾ ئي راحت آهي ڇا مطلب ؟ يعني جنهن کي لوڪ ڪندي عذاب سمجهندو آهي جيئن اسان وٽ ڪئي اهڙيون ريتون ۽ رسمون هونديو آهن جي اسان جي علم توڙي طبعيت سان ميل ناهن کائينديون پوءِ به اسان انهن کي هن خوف کان سرانجام ڏيندا آهيون ته ماڻهون ڇا چوندا جنهن فعل کي زماني ۾ ڪرڻ اسان عذاب سمجهندا آهيون جيئين حضرت علي عه جن دعاءِ ڪميل ۾ فرمايو آهي ته مونکي ماڻهن جي وزن دٻائي رکيو جنهن جي ڪري مون تنهجون ڪجھ حدون اورانگهيون يعني اسان گهڻي ڀاڱي الله جي نافرماني ماڻهن جي محبت ۾ ڪري ويندا آهيون ۽ سمجهندا آهيون ته جي هي ڪم اسان نه ڪيو ته اسان عذاب ۾ اچي ويندا سين ۽ بدلي ۾ باطني بيسڪوني مقدر بڻجي ويندي آهي (نه خدا هي ملا نه وسالِ صنم ، مَري ٿي جن ڪي ليئي وه ميچ ديکتي رهي .) ته شاھ صاحب فرمايو جنهن ڪم کي اسان عذاب سمجهيو آهي در حقيقت ان ۾ ئي راحت آهي . ڇو جو الله جي بندگي آهي انجي تعبيداري ۾ جنهن جو اختتام پر سڪون آهي ۽ دنيا يا شيطان جي بندگي جنهنجو ڇوڙ اندر ۾ بي سڪوني بي آرامي وغيره جهڙا آزار آهن. اسان سالڪن جي سنگت ۾ ائين سمجهيو آهي.
جواب: شاھ صاحب جي شعرن جي تشريح جو سلسلو سائين لاجواب؛ 1۔ محبت انسان جي فطرت ۾ روزِ ازل کان آهي جا محبت خالق سان ئي ٿي سگهي ٿي۔ 2۔ عاشقن جو لڇڻ ڪڇڻ جانب لاءِ ئي هوندو آهي۔ 3۔ جنهن مونکي هي آزاز ڏنا آهن اهوئي منهنجو معالج آهي اهو ئي اچي مون تي مرحم رکندو . 4۔ اسان گهڻي ڀاڱي الله جي نافرماني ماڻهن جي محبت ۾ ڪري ويندا آهيون، الله جي بندگي آهي انجي تعبيداري ۾ جنهن جو اختتام پر سڪون آهي ۽ دنيا يا شيطان جي بندگي جنهنجو ڇوڙ اندر ۾ بي سڪوني بي آرامي وغيره جهڙا آزار آهن. اسان جي اکين تي پٽي پڙهيل آهي، اسان دنيان کي سڀ ڪجهه سمجون ٿا، دنياوي محبت ئي روح جي راحت سمجهون ٿا، پر حقيقت هي آهي ته دنيان وي محبت ۾ سڪون ڪون آهي جيڪو سڪون ملندو آهي اهو نفس کي ملندو آهي۔ پر جڏهن حقيقت جي جي خبر پوندي آهي ته پوء اهو سڀ ڪجهه ڪوڙ لڳندو آهي۔ حقيقت هن حال جي جي ظاهر ڪجي زري ، ته لڳي ماٺ مرئون کي ڏونگرپون ڏري، وڃن وڻ ٻري اوڀر اڀري ڪين ڪي شاه صاحب ادا تمام بهترين انداز ۾ سمجهاڻي ڏني اٿومهرباني
جواب: شاھ صاحب جي شعرن جي تشريح جو سلسلو عشق جي اعلا درجي جي ڪيفيت لطيف سڳوري پنهنجي عاشقانه لهجي ۾ بيان ڪئي آهي ۽ ڏاڏل ان عاشقانه ڪيفيت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تمام سٺي ڪوشش آهي ۔۔۔ جزاڪ الله خئير ۔۔۔ ۔۔۔ سلام ڏاڏل ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: شاھ صاحب جي شعرن جي تشريح جو سلسلو ادا ڏاڏل بهترين سمجهاڻي آهي جاري رکو. ادو ممتاز نظر نه ٿو اچي!!
جواب: شاھ صاحب جي شعرن جي تشريح جو سلسلو ادا ڏاڏل اوهانجي ڪوشش اسان جي لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي آهي...بهترين نموني سان اوهان اسان کي سمجهايو آهي....مهرباني قرب
جواب: شاھ صاحب جي شعرن جي تشريح جو سلسلو ادا اوهان سڄڻن جا ٿورا مون مسڪين تي جن اسان جي ٽٽل الفاظن کي موٽ ڏني سائين ها ڻي جڏهن وري پريو صاحب ونڊ ڪرائي