سنڌ ۾ علم تجويد ۽ قرائت جي اشاعت مفتي ڪليم الله ليغاري _ ڪراچي [justify]قرآني علوم مان اهم علم تجويد ۽ قرائت جو علم آهي جنهن جو سنئون سڌو تعلق ڪلام الاهي سان آهي جيئن ڪلام الاهي سڀني ڪلامن ۾ افضل ۽ اشرف آهي تيئن علم تجويد ۽ قرئت به سڀني علمن ۾ افضل ۽ اشرف آهي علم تجويد ۽ قرائت جي اهميت کان ڪير به مسلمان انڪار نه ٿو ڪري سگهي، قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين مختلف عالمن محدثن فقيهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ ٻين قرآني علمن وانگر هن علم جي به خدمت ڪئي آهي هن ڏس ۾ باب الاسلام سنڌ جي عالمن به علم تجويد ۽ قرائت جي اشاعت ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي جن مان چند مشاهير جي خدمات جو مختصر تذڪرو پيش ڪجي ٿو. [/justify] • شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٺوي [justify]حضرت شيخ الاسلام نه فقط عظيم محدث، مفسر، محقق، متڪلم، سٺا شاعر هئا بلڪه پاڻ وقت جا شيخ القراء به هئا، سندس شمار مشاهير اسلام ۾ تئي ٿو، جن سڄي زندگي قرآني علوم جي اشاعت ۽ ديني خدمت ۾گذاري، پاڻ ڪثير التصانيف آهن سندن ھر علم ۽ فن تي مختلف ٻولين عربي، فارسي، سنڌي ۽ نظم ۽ نثر ۾ ڪي ڇپجي شايع ٿي چڪا آهن ته ڪي اڃا ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.اسان مخدصم صاحب جي قرآني علمن مان علم تجويد ۽ قرائت بابت لکيل ڪتابن جو تذڪرو ۽ مختصر تعارف پيش ڪريون ٿا. نالو : محمد هاشم بن عبد الغفور بن عبد الرحمان بن عبد اللطيف بن عبد الرحمان بن خير الدين حارثي ٺٽوي. ولادت: مخدوم صاحب جي ولادت بٺوري جي قريب هڪ ڳوٺ ۾ خميس رات 10/3/1104 هه1692 ع ۾ ٿي سندن والد جي جهوليءَ ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا، سندس والد صاحب وقت جي وڏن عالمن فاضلن مان هو. تعليم پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان شروع ڪيائون قرآن شريف فارسي، عربي جا ابتدائي ڪتاب صرف، نحو، فقه وغيره والد صاحب وٽ ئي پڙهيا، ان کان پوءِ گاديءَ جو هنڌ ٺٽو جيڪو ان وقت علوم وفنون، علماء ومشائخ جو مرڪز هو، رخ ڪيائين اتي ئي تعليم پوري ڪيائين، سندن استادن جا نالا هي آهن: علامه شيخ عبدالغفور بن عبد الرحمان (سندس والد) وفات 1113 هه علامه ضياء الدين بن ابراهيم صديقي ٺٽوي وفات 1171 هه شيخ شيخ محمد سعيد وغيرهم مخدوم صاحب جڏهن سال 1135 هه ۾ حرمين شريف حج لاءِ سفر ڪيائون ته حرمين جي عالمن کان فقه ۽ حديث پڙهي3ا جن جا نالا هي آهن. علامه شيخ عبدالقادر بن ابي بڪر بن عبدالقادر صديقي، مڪي وفات 1138 هه شيخ عيد بن علي النّمرسي المصري الازهري الشافعي وفات 1140 هه علامه شيخ ابي طاهر محمد بن ابراهيم الڪوراني المدني وفات 1145 هه علامه شيخ محمد بن عبدالله المغربي الفاسي المدني المالڪي وفات 1141 هه علم قرائت ۽ ست قرائتون ۽ اجازتون: سندن استاد شيخ علي بن عبدالملڪ الدراوي المالڪي المغربي المدني وفات 1145 هه کان حاصل ڪيائين. شاگرد: سندس شاگردن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، چند مشاهير جنجا نالا هيٺ ڏجن ٿا. عبدالرحمان سندس وڏو پٽ وفات 1182 هه عبد اللطيف ننڍو پٽ وفات 1187 هه علامه غلام حسين ابو الحسن (صغير) مدني، سنڌي وفات 1187 هه عبدالحفيظ بن درويش العجيمي المڪي وفات 1246 هه شيخ سيد عبدالرحمان بن سيد محمد اسلم حنفي، مڪي مخدوم عبدالخالق ٺٽوي فقير الله علوي افغاني، شڪارپوري وفات 1195 هه محمد بن محمد اشرف بن آدم، نقشبندي، سنڌي شيخ الاسلام محمد مراد بن محمد يعقوب سيوهاڻي وفات 1198 هه وغيرهم تصنيفون حضرت مخدوم صاحب تصنيف ۽ تاليف جا شاهسوار مولف آهن، سندن تحقيق ۽ تاليف جو انداز نرالو آهي، سندن تاليفات 150 ڏيڍ سو جي لڳ ڀڳ آهن. اسان فقط علم قرائت ۽ تجويد بابت لکيل ڪتابن جا نالا ڏيون ٿا. 1) تحفة القاري بجمع المقاري (عربي) هي رسالو عربي ۽ سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيو آهي، عربي متن ٻن محققن طرفان شايع ٿيو آهي. (1) مفتي محمد جان نعيمي جي تحقيق ۽ تخريج سان ڊيمي سائيز جي 88 صفحن تي 1421 هه مطابق 2001 ع ۾ سُهڻي ٽائيٽل سان، مڪتبه مجدديه نعيميه، ملير ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي. (2) تحفة القاري بجمع المقاري عربي ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي مڪه المڪرمه جي تحقيق سان 1422 هه / 2001 ء خود قاري صاحب طرفان سنڌي ترجمي، هاشمي رڪوع جي آخر ۾ ڇپيو آهي. تحفة القاري جو سنڌي ترجمو پهريون قرآن ڪريم جا هاشمي رڪوع جا نالي سان پهريون دفعو ماهوار “السنڌ” شماره 80 سيپٽمبر 2000ء ۽ انجمن خدام التجويد ڪنڌڪوٽ طرفان شايع ٿيو. 2) الشفاء في مسئلة الراء (عربي) هي ڪتاب راء ٿلهو ۽ سنهو پڙهڻ بابت تحقيقي انداز ۾ لکيو ويو آهي علم تجويد بابت هي ڪتاب مخدوم صاحب 1147 هه ۾ دوران لکيو. هي ڪتاب ڊاڪٽر قاري عبدالقيوم سنڌي جي تحقيق ۽ تفصيلي مقدمي سان ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي مشتمل 1999 ع مطابق 1420 هه ۾ سهڻي ٽائيٽل سان مڪتبة “ الجامعة البنورية” ڪراچي طرفان شايع ٿيو. 3) اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مد السڪون (عربي) علم تجويد بابت هي رسالو مخدوم صاحب سال 1148 هه ۾ لکيو، ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي جي تحقيق ۽ مقدمي سان ڊيمي سائيز جي 72 صفحن تي سهڻي ٽائٽل سان سال 1999ع (1420 هه) ۾ مڪتبة الجامعة البنورية ڪراچي طرفان شايع ٿيو. 4) جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم قرآن مجيد جي فضائل بابت هي رسالو مولف 1134 هه ۾ لکيو هي رسالو اڃا ڇپيو نه آهي. البته ان جو اختصار ڪنهن هبة الرحمان الرحيم في فضائل القرآن جي نالي سان شايع ڪيو آهي. 5) ڪفاية القاري في متشابهات القرآن (عربي) هي رسالو قرآن مجيد جي متشابهات ۾ (1008) عربي بيتن تي مشتمل آهي هي عربي ٻولي ۾ هي منظوم (الفيه) جوڙي پنهنجي علميت جو ڪمال ڏيکاريو آهي هي ڪتاب ڊاڪٽر عبد القيوم سنڌي جي تحقيق سان اعلى ڪاغذ تي معياري ڇپائي سان پهريون ڇاپو 1428 هه/2007ع ۾ سعودي عرب مان شايع ٿيو آهي. 6) حاشية علي متن الشاطبيه ستن قرئتن بابت مشهور ڪتاب شاطبيه جو حاشيو آهي. قاري ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي جي تحقيق سان ڇپجي رهيو آهي. 7) رفع الخفاء عن مسئلة الراء هي رسالو مقدمة الجزريه جي را بابت بيتن جو شرح آهي هي رسالو مولف 11/9/1172 هه ۾ لکيو. 8) خلاصة البيان في عدآي القرآن هي قرآن مجيد جي علم الفواصل (آيتن جي ڳاڻاٽي) متعلق آهي. 9) ڪشف الرمز عن وجوه الوقف علي الهمز هي ڪتاب قرائت جي نهايت گهنجريل موضوع بابت آهي جنهن تي ماهر قاري ئي قلم کڻي سگهي ٿو. 10) رساله في تعداد وجوه القراه في لفظ (الئن) بالاستفهام 11) رسالة في وجوه القرءة الجاريه في قوله تعالى “واذا اخذنا ميثاق بني اسرائيل لا تعبدون الا الله (بقره:38) 12) رسالة في وجوه القرءة الجاريه في قوله تعالى “وان من اهل الڪتاب ان ان تامنه بقنطار يؤده اليڪ (آل عمران: 75) 13) رسالة في وجوه القرءة الجاريه في قوله تعالى “حتي اذا استانس الرسل (يوسف:110) وفات پاڻ سڄي ڄمار علوم نبوي جي اشاعت ۽ خدمت ۾ گذاريائين خميس ڏينهن 6 رجب المرجب 1174 هه ۾ ٺٽي ئي ۾ وفات ڪيائين. آخر ۾ اسان حضرت شيخ الاسلام جي ستن قرائتن ۽ تجويد جي سند پيش ڪريون ٿا جيڪا سندس شاگرد شيخ الاسلام محمد مراد سيوهاڻي جي پوٽي محدث، محمد عابد سندي انصاري(وفات 1257 هه) جن پنهنجي جڳ مشهور اسانيد ۽ ثبت جي ڪتاب حصر الشارد ج 1 صفحو 100 تي آندي آهي. جيڪو سال 1424 هه ۾ پهريون ڇاپو ٻن جلدن ۾ مڪتبة الرشد رياض طرفان شايع ٿيو آهي. للامام السندي فاقول قد من اللہ تعالي علي ولہ الحمد بقراة القرآن العظيم من فاتحتہ الي خاتمتہ علي قراءة: الائمة السبعة المشھورين بروايتہم الاربعة عشر المحصورة من طرفہم المشھورة وہم: ابور ويم نافع بن عبدالرحمن ابي نعيم المدني من روايتي قالون وورش عنہ وابو محمد عبداللہ بن کثير المکي من رواية البزي وقبل باسنادہما عنہ، وابو عمرو بن العلا البصري من رواية السوسي والدوري عن ابي محمد اليزيدي عنہ وابو بکر عاصم بن ابي النجود الکوفي من روايتي حفص وابي بکر بن عياش عنہ وابو الحسن علي بن حمزه الکسائي الکوفي من روايتي حفص الدوري والليثي عنہ۔ وابو عمران عبداللہ بن عامر اليحصبي الدمشقي من روايتي ابن ذکوان وھشام بسندہما العہ وابو الحسن عمارة حمزة ابن حبيب الزيات من روايتي خلاد وخلف عن سليم عنہ وذلک بما تضمنتہ المنظومة المعروفة بالشاطبية قرأة تحقيق وبيان تجويد مرارا متعددة علي شيخي العلامة الفھامة زينة دھرہ وقدوة عصرہ الحاوي لعلم الاديان والابدان الجامع للفنون العقلية والنقلية والوضح لھا باحسن بيان عمي وصنو ابي الشيخ محمد حسين بن محمد مراد الانصاري الخزرجي الايوبي نسبا، السندي بلدا النقشبندي طريقة، والحنفي مذھبا رحمة اللہ تعالي وبواہ دار کرامة۔ قال شيخنا: (قرات بھا علی والدنا) شيخنا الحفظ الامام المحقق ولي اللہ تعالي العارف الشيخ محمد مراد بن محمد يعقوب من محمود الانصاري السندي، قال: قرات بھا جميع القرآن العظيم من فاتحتہ الی خاتمہ علی شيخنا الںمام الھمام مقتدی الانام الشيخ محمد ھاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمن السندي التتوی قال: قرات بھا علی اھل عصرہ الشيخ عبدالقادر بن ابي بکر بن عبدالقادر الصديقي نسبا، المکي بلدا والحنفي مذھبا مفتي الحنفية بمکة الشرفة قال: قرات بھا علی ولي اللہ تعالی العارف عدة القراء وقدوة الحفاظ ابي ابقا حسن بن علي العجيمي الحنفي المکي قال: قرات بھا علی جماعة: اجلہم الشيخ ابو الوفا احمد بن محمد الملقب بالعجل۔ قال: قرات بھا علی الامام يحيي بن مکرم الطبري المکي امام مقام ابراہيم عليہ السلام قال: قرات بھا علی جدي الحافظ محب الدين الاخير محمد بن محمد الطبري قال: قرات بھا علی الشيخ العلامة المقري شيخ الشيوخ الحافظ الامام شمس الدين ابي الخير محمد بن محمد بن علی الشھير بابن الجزري الشافعي قال: قرات بھا علی عدة من المشايخ الائمة العلماء الاعلام من اجلہم الشيخ تقي الدين عبدالرحمن بن علي المبارک البغدادي الواسطي المقري الشافعي، قال: قرات بھا علی الشيخ الںمام العالم العلامة ابي عبداللہ تقي الدين محمد بن احمد بن عبد الخالق الشھير بالصائغ رحمہ اللہ تعالیٰ ، وجزاہ خيرا۔ 1. حصر الشارد من اسانيد محمد عابد، طبع مکتبة الرشد، رياض۔ 2. قرآن ڪريم جا هاشمي رڪوع سنڌي قاري ڊاڪٽر عبدالقيوم مڪة المڪرمه. [/justify]
جواب: شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٺوي ادا طاهر مهرباني مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي شخصيت سنڌ جي علمي شخصيتن مان تمام گهڻي فضيلت واري رهي آهي۔ سندن علمي ۽ قلمي پورهيو ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ پاڻ نه صرف پنهنجي سر پر پنهنجا لاتعداد شاگرد به علمي ۽ فقهي ميدان ۾ قابل ڪري پيش ڪيا آهن۔ لک قرب اهڙي سهڻي ونڊ جا
جواب: شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٺوي مهرباني پيارا ڀاءُ اوهان جي پسند ڪرڻ لئه۔ واقعي به مخدوم صاحب جن جون وڏيون خدمتون آهن۔ ليکک اسان جا پيارا دوست محترم سائين مفتي ڪليم الله ليغاري صاحب آهن، جيڪي به هن ميدان جا شهسوار آهن، سندن به وڏيون خدمتون آهن، جيڪي وقتا فوقتا ان شاءَ الله دوستن اڳيان آڻبيون۔
جواب: شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٺوي ادا طاهر صاحب توهان جي مهرباني جو توهان حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله صاحب بابت اسان کي معلومات ڏني، جنهن لاء اوهان جي مهرباني۔ (ادا سنڌ جو ٺٽو ضلعو تاريخي طور تي هڪ جدا حيثيت رکي ٿو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن تاريخي ضلعي کي اڄ مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هتان جا تاريخي ماڳ حڪومت جي بي ڌياني سبب ميسارجڻ لڳا آهن. تاريخي ماڳن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي. هن جي ڪا به سار لڌي نه ٿي وڃي.جڏهن ته ٺٽو سنڌ جو ماضي ۾ تختگاهه رهيو آهي، ۽ هن شهر ۾ ڪيترن ئي عالمن اديبن صوفين، سالڪن، جنم ورتو ۽ هت ابدي آرام ڪرڻ لاء هن جڳهه کي چونڊيو، ٺٽي جي تاريخ پڙهڻ لاء سنڌ جي مشهور مورّخ مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب جو ڪتاب تحفت الڪرام پڙهڻ وٽان آهي، ٺٽي شهر ۾ مخدوم محمد معين ٺٽوي کان وٺي ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جهڙيون شخصيتون پيدا ٿيون آهن۔ جن سنڌ جي عوام کي نه صرف اسلامي سبق ڏنا آهن پر انهن کي عام ڀلائي ڏانهن به سڏيندا رهيا آهن، ادا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جهڙي شخصيت کان ڪير واقف نه آهي، ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب جي شخصيت ستارن ۾ چنڊ مثل آهي۔ سندس لائبريري به دنيا جي وڏين لائبريرين مان هڪ لائبريري هئي ۽ سندس لائبريري ۾ چوٿين صدي جا قلمي نسخه به سنڀاليل هئا، سندس لائبريري لاء سنڌ جو مشهور عالم اديب علامه غلام مصطفه قاسمي رح صاحب ماهوار رسالي نئين زندگي جي جولاء 1959ع واري پرچي ۾ هاشميه لائبريري واري عنوان ۾ لکي ٿو ته ۔۔۔۔ مخدوم صاحب جي لائبريري دنيا جي وڏين لائبريرين مان هڪ لائبريري ڳڻي ويندي هئي ۽ دنيا جو ڪو اهڙو ڪتاب نه هو جيڪو هن ڪتبخاني ۾ موجود نه هجي، اڄ اها لائبريري غيرن جو شڪار نه ٿئي هان ۽ سنڌ ۾ رهي هان ته مصر ۽ اسپين جي قديم ڪتب خانن جون سڪون لاهي هان۔ ۔۔۔۔ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب جن پاڻ هڪ وڏا عالم، مبلغ، ، محدث، فقيه، مفتي، تفسير جا ڄاڻو، تاريخدان ۽ بزرگ ٿئي گذريا آهن، سندس والد صاحب جو نالو عبدالغفور حارثي هو، پاڻ ذات جا پنهور هئا، ۽ حارثي سندس پاڙوهو۔ شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪيائين، تنهن کانپوء ٻين ڪيترن ئي عالمن کان به علم پرايائين،مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب سنڌي، عربي، ۽ فارسي ۾ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا اٿن۔ سندس پنهنجن ڪتابن جو تعداد تقريبن 150 ٻڌايو ٿو وڃي جڏهن ته 300 ڪتابن تي ته مخدوم صاحب جا حاشيه لکيل آهن سندس ڪتابن مان مشهور ڪتاب تفسير هاشمي آهي، پاڻ نه صرف نثر نويس هئا پر پاڻ هڪ بهترين شاعر به هئا، پاڻ سنڌي سان گڏ فارسي شاعري پڻ ڪئي اٿن، ۽ سندس فارسي شاعري ( مدح نامون سنڌ) ۾ جهجهي تعداد ۾ ملي ٿي جنهن کي سنڌ جي هڪ وڏي عالم مولانه محمد ادريس ڏاهري صاحب جن سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، پاڻ شاه صاحب جا همعصر بزرگ آهن، پاڻ 11۔4 هه مطابق 1692ع ۾ پيدا ٿيا، ۽ 1174هه مطابق 1761ع ۾ وفات ڪيائون۔) ( مون کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو سندس قبر مبارڪ تي فاتحه پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، سندس قبر مٿان به الله جي رحمت آهي جو سندس قبر مٿان ڪو به غير شرعي ڪم مون نه ڏٺو۔ ادا طاهر صاحب توهان حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله صاحب جن جو هڪ قلمي نسخو (ڪشف الغطاء فيما يحل ويحرم من النوح والبڪاء) کي صرف ( عربي ۾ ئي ) ايڊٽ ڪري ڇپرائيندو يا ان جو سنڌي ۾ ترجمو به ڪري رهيا آهيو۔ اگر ترجمو به ٿئي وڃي ته اهيو ڪم تمام بهترين ڪم ٿئي ويندو۔ جنهن سان هر عام سنڌي کي به فائدو پهچندو۔ ۽ ماشاءالله سان توهان جي عربي به تمام سٺي آهي، ۽ توهان ايم فل ۾ تحقيق به عربي جي لٽريچر تي ڪري رهيا آهيو، نوٽ۔۔۔۔حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله صاحب جي باري ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاء توهان هيٺ ڏنل سنڌي ادبي بورڊ جي لنڪ تي ڪلڪ ڪري شخصيات واري سيڪشن ۾ وڃي ڪري پڙهي سگهو ٿا۔۔۔۔ ادا طاهر توهان جي وري به مهرباني جو توهان محترم مفتي ڪليم الله لغاري صاحب جو سنڌ جي عظيم شخصيت شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب تي مصمون ونڊ ڪيو۔ الله توهان کي ان ڳالهه جو به اجر عطاء ڪري۔ http://www.sindhiadabiboard.org/
جواب: شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٺوي ادا ممتاز اوهان جا لک لائق جو اوهان هر موضوع تي جامع انداز سان رپلائي ڏيندا آهيو جو پياسي سير ٿي وڃي. في الحال ڪشف الغطاء تي عربي ۾ ڪم هلي پيو ان جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اوهان جي دعاء سان سنڌي ۾به ضرور ڪبو ان شاءَ الله.