نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
پ پ ۽ قوم پرستن جو گڏ ٿيڻ هڪ وقتائتو عمل
زرار پيرزادو
زرار پيرزادو
پيپلز پارٽي ۽ سنڌي قوم پرست پارٽين تي اها تنقيد هميشه کان ٿيندي رهي آهي ته اهي پارٽيون سنڌ دشمن طاقتن سان ته اتحاد ڪندي نظر اينديون آهن پر هڪ ٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهن هونديون.
سنڌي قوم جي ان ڏس ۾ هڪ تمام وڏي بد قسمتي اها به رهي آهي ته سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون جهڙوڪ پ پ ۽ قوم پرست پارٽيون هڪ ٻئي جون نظرياتي مخالف هئڻ ڪري هڪ ٻئي کان پري پري رهيون آهن، جنهن جو فائدو سنڌ دشمن طاقتون ماڻينديون رهيون آهن.
پر هاڻي ڪجهه ويجهن سالن کان سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ ٻنهي ڌرين يعني پ پ ۽ قوم پرست پارٽين سنڌ جي ڪن زندگي ۽ موت جهڙن معاملن تي گڏ ويهڻ جو انتهائي هاڪاري تجربو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
هاڻي به پ پ ۽ سنڌي قوم پرست پارٽين جهڙوڪ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جسقم، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ وغيرهه. آدم شماري کي گڏيل طور ڪرائڻ جي جيڪا ضرورت محسوس ڪئي آهي تنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي.
باوجود ان جي ته موجوده پ پ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي سموريون قوم پرست پارٽيون ڏمريل به آهن پر انهن آدم شماري جي هڪ نقطي تي متحد ٿي سياسي ميچوئرٽي جو مظاهرو ڪيو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته آدم شماري ۾ جيڪڏهن وڌ کان وڌ جائز ۽ حقيقي نموني سنڌي ماڻهن جو انگ لکرايو ويندو ته ان جو گهڻو فائدو پ پ کي ئي رسڻو آهي، ڇاڪاڻ ته پ پ جو سڀ کان وڏو ووٽ بينڪ سنڌ ۾ ئي آهي.
پ پ جنهن جي هاڻي وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪومت به آهي تنهن کي اهو احساس به ٿيڻ لڳو آهي ته ڌارين کي آدم شماري جي ان عمل کان الڳ نه ڪيو ويو ته ان جو نقصان پ پ کي پاڻ به وڏي پئماني تي ٿيندو.
پ پ کي هاڻي اهو به احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڌاڙيلن ۽ انتهاپسندن توڙي بنياد پرستن جي آزار ڪري سنڌ مان جيڪي واڻيا لڏي هندستان هليا ويا آهن، يا وڃي رهيا آهن، تنهن جو نقصان به پ پ جي ووٽ بينڪ تي پئجي رهيو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي قوم جو سياسي، معاشي، مالياتي، تاريخي ۽ حڪومتي حقن کي ماڻڻ لاءِ قانون ساز ادارن ۾ اڪثريت سان موجود هئڻ لازمي آهي ۽ اها اڪثريت تڏهن ٿيندي جڏهن سنڌي قوم آدم شماري ۾ پنهنجو حقيقي انگ لکت ۾ درج ڪرائي.
پر ٿيندو ايئن آهي ته سنڌي قوم آدم شماري واري ان انتهائي اهم ۽ بنيادي ڪم ڏانهن گهربل ڌيان ۽ سنجيدگي نه ڏيکاري، غفلت توڙي لاتعلقي جو مظاهرو ڪري پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻندي رهي آهي.
آدم شماري ۾ انتهائي سنجيدگيءَ مان حصو نه وٺڻ ايئن آهي جيئن اليڪشن ۾ حصو نه وٺي ڪري قانون ساز اسيمبلين اندر ڌارين کي موڪلڻ جو سنهري موقعو ڏيڻ هجي.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پ پ ۽ قوم پرست پارٽيون هاڻي جڏهن گڏجڻ لڳيون آهن ته کين سنڌ دشمن طاقتن کان خبردار ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ جڏهن به پ پ ۽ قوم پرست پارٽين ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن سنڌ دشمن طاقتن ئي کين پري ڪرڻ جي سازشن ۾ ڪاميابي پئي ماڻي هئي.
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان