نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ نوجوان جي سچي آکاڻي؛

http://imageshack.us

http://imageshack.us
هڪ نوجوان ڇوڪري، لنڊن شهر جي هڪ سامان جي گدام ۾ ڪلارڪ جو ڪم شروع ڪيو هو، هر روز کيس صبح جو 5 بجي اٿي 14 ڪلاڪ ساڳيو ڪم ڪرڻو پوندو هو، کيس گودام جي صفائي، سٿرائي ۽ ترتيب ڪرڻ جي ذميواري پڻ نڀائڻي هوندي هئي ... 14 ڪلاڪن جي ان روزاني مشقت کان تنگ اچي ويو، ۽ پنهنجي ڪم سان نفرت ڪرڻ لڳو، پر هڪ ڏينهن صبح جو اٿيو ۽ اهو فيصلو ڪيائين ته بس هاڻ وڌيڪ ان نفرت جوڳي نوڪريءَ کي برداشت نه ڪندو. هن 15 ميلن جو فاصلو پيرين پنڌ طع ڪندي پنهنجي ماءُ جي طرف ويو جت هوءَ هڪ ڪارخاني ۾ ڪندي هئي.
پنهنجي ماءُ کي وڃي سڄي حقيقت ڪيائين ته هن ڪم ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي ڪم کان ايترو تنگ آهي جو ان ڪم جي بجاءِ هو خودڪشيءَ ڪرڻ کي بهتر ٿو سمجهي، نوجوان کي اها خبر هئي ته هي ڪم سندس لاءِ ناهي ۽ هو ان کان نفرت ڪري ٿو. پنهنجي ماءُ کي اهو احوال ڪندي هن پنهنجي اڳوڻي اسڪول ماستر کي پڻ هڪ خط لکيو ۽ ماجرا ٻڌائي ته هو وڌيڪ ڪم نه ڪندو بلڪ هو هاڻ زندگيءَ مان تنگ اچي ويو آهي، ممڪن خودڪشي ڪري وجهي.
اسڪول ماستر سندس ڳالهه سان اتفاق نه ڪندي کيس هلڪي آٿت ڏني ۽ سندس همٿ ۽ ذهانت جي تعريف ڪئي، نه فقط سندس تعريف ڪيائين پر کيس پنهنجي اسڪول ۾ نوڪريءَ جي صلاح پڻ ڪيائين. اسڪول ماستر کي هن نوجوان جي ذهانت جي ڄاڻ هئي، ان ماستر جي ان ننڍڙي صلاح ۽ تعريف ان نوجوان جي زندگي بدلائي ڇڏي ۽ هو تمام سٺو انگريزي ٻوليءَ جو استاد ثابت ٿيو، اڳتي هلي ان نوجوان انگريزي ادب جو مستقبل ئي بدلائي ڇڏيو ... ان نوجوان جا ڪتاب سڄي انگلستان ۽ يورپ ۾ تمام گهڻو وڪرو ٿيڻ وارا ڪتاب ليکجڻ لڳا ... ۽ ان نوجوان پنهنجين لکڻين سان ڪروڙين ڊالر ڪمائي ورتا ....
ان نوجوان ڇوڪري جو نالو هي ؛ Herbert George Wells هربرٽ جارج ويلس (انگريزي ادب جو مشهور ليکڪ)
******************
ڪهاڻيءَ جو اخلاقي پهلو؛
تعريف ڪرڻ جي سگهه ڏسو، اسڪول ماستر هڪ ننڍڙي تعريف ۽ نوجوان جي مدد ڪرڻ سان نه فقط ان ڇوڪري جي زندگي بدلائي ڇڏي بلڪه انگريزي ادب کي هڪ وڏو لکڪ عطا ڪيو، جيڪڏهن اهو ماستر ان نوجوان کي دڙڪا ڏئي ها ۽ کيس ڀاڙيو ۽ بزدل چوي ها ته ممڪن نتيجو ڪجهه ٻيو هجي ها ... ياد رکو ڪنهنجي زندگي بدلائڻ لاءِ ان انسان جي خوبين تي نظر ڪيو ۽ انجي تعريف ڪري کيس همٿايو ... ممڪن اوهان ان ماڻهونءَ جي زندگي بدلائي ڇڏيو ...