• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قدرت جو مُڪو....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪالهه سپريم ڪورٽ 3 نومبر تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي جرم ۾ سابقه صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف کي عدالت ۾ حاضرٿيڻ لاءِ هڪ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي...
پر سوال اهو آهي ته ڇا ان طلبي تي ريٽائرڊ جنرل پرويز مشرف عدالت ۾ ايندو...؟
اسان جو سابقه صدر چوندو هو ته هي يونيفارم منهنجي کَل آهي... مان پنهنجي کَل ڪيئن لاهيان.....
هو چوندو هو ته آخري مڪو منهنجو هوندو....
هو اهو به چوندو هو ته بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف منهنجي لاش تان گذري ئي واپس ورندا....
هو اهو به چوندو هو ته هي منهنجي فوج آ هي ڪڏهن به منهنجو ساٿ نه ڇڏيندي....
هو اهو به چوندو هو ته افتخار محمد چوڌري ماضي جو قصو ٿي چڪو آهي... هو ڪڏهن به واپس نه موٽندو....
دوستو حالتن جي پاسي ورائڻ کي ته ڏسو اڄ اهو ئي افتخار محمد چوڌري ۽ اهائي سپريم ڪورٽ ماضي جي قبر کوٽي کيس عبرت جو نشانو بنائڻ واري آهي....
اڄ هن فوج جو سپاهي پرويز مشرف جي حق ۾ هڪ لفظ به چوڻ لاءِ تيار ناهي...
اڄ هن ملڪ ۾ بي نظير جي تصوير حڪومت ڪري رهي آهي...
اڄ نواز شريف ملڪ ۾ پورو پورو پروٽوڪول پيو وٺي... جڏهن ته هن کي جلاوطن ڪرڻ وارو جنرل ٻين جي ٽڪڙن تي پيو پلجي....
يونيفارم کي کَل چوڻ وارو شخص اڄ پنهنجي کَل بچائڻ لاءِ پنهنجي دوستن کي ڍال بنائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.....
دوستو توهان ڏٺو اهو وقت ۽ قدرت جو مُڪو آهي ڇو ته آخري مُڪو هميشه قدرت جو هوندو آهي.....
 
ادا رشيد جي مهنجي سامهون هجين ها ته اهو مڪو مان توکي وهائي ڪڍان ها جو مشرف جي باري ۾ ائين ٿو ڳالهائين ادا مشرف جهڙو ڪوبه ماڻهون نه ٿي سگهندو نواز شريف هجي يا افتخار

آئي لو مشرف آئي لو مشرف آئي لو مشرف آئي لو مشرف
 
ادا رشيد جي مهنجي سامهون هجين ها ته اهو مڪو مان توکي وهائي ڪڍان ها جو مشرف جي باري ۾ ائين ٿو ڳالهائين ادا مشرف جهڙو ڪوبه ماڻهون نه ٿي سگهندو نواز شريف هجي يا افتخار

آئي لو مشرف آئي لو مشرف آئي لو مشرف آئي لو مشرف

گهوڙا ڙي !!! ادو علي علي ته مشرف جي عشق ۾ اصلي آخري درجي تي وڃي پهتو آهي طلاق به ٽن دفعن جي چوڻ سان ٿي ويندي آهي هي ته اصل ٽن کان به ڳالهه چڙهي وئي ... الله خئير ڪري جي مشرف کي ڪجه ٿي ويو ته علي عليءَ جو حشر الائجي ڇا ٿيندو .... دوستو ! لڳي ٿو ته ڀوري مينهن جي کير پيئار ڻ واري واعدي کان اڳ هي دوست نه پٿر ڪري وڃي سو دوستو، کيس سمجهايو ته عشق ۾ ايترو اڳتي وڃڻ سٺو ناهي ... ٻيلي ڏاهو ٿي ...
asul mattasul mattasul matt
hall charihall charihall chari
 
اداعلي علي صاحب
ٻيلي رحم رحم ۔۔۔۔
ڀاءُ رشيد رڳو مشرف جي هڪ پهلو تي ڳالهايو آهي انهن مشرف جي لفظن جي توهان اسان سڀني کي خبر آهي
ڀاءُ رشيد هن تحرير کي اگر ( حيرت جو مقام ) ۾ شئير ڪيو هاته شايد ادو علي اعتراض نه ڪري ها
 
اداعلي علي صاحب
ٻيلي رحم رحم ۔۔۔۔
ڀاءُ رشيد رڳو مشرف جي هڪ پهلو تي ڳالهايو آهي انهن مشرف جي لفظن جي توهان اسان سڀني کي خبر آهي
ڀاءُ رشيد هن تحرير کي اگر ( حيرت جو مقام ) ۾ شئير ڪيو هاته شايد ادو علي اعتراض نه ڪري ها

صدق سچا مرشد shabashshabash
 
ظالم جو انجام هن دنيا ۾ هميشه سبق آميز هوندو آهي۔ تاريخ اٿلائي ڏسو، ظالمن جي اڻ کٽندڙ فهرست ملندي، پر سڀني کي ذلت ئي نصيب ٿي آهي۔ هن ظالم جيترو ظلم بلوچن تي ڪيو، ان کان پوءِ ڪو به بلوچ هن جي تعريف ڪري نه ٿو سگهي۔ ادو علي علي يا ته مذاق پيو ڪري يا وري پاڻ بلوچ ناهي۔
 
Back
Top