• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سليو آهي ائين سالڪن

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڏسي عاشقن جي آجيان پتنگ ٿيا پشيمان
هو ڏسن ته پسن هتي عجيب جو آستان
هوُ سڙِي سڃ ٿيا هي مري محبوب جا مهمان
هوُ سڙي سڃ ٿيا هنن کي برھ جي باھ ڪيو باغبان
پيري وئي پوڙهائپ مان نيهن ڪيا نوان نوجوان
ڏاڏل سان هي داستان سليو آهي ائين سالڪن​
 
جواب: سليو آهي ائين سالڪن

پيري وئي پوڙهائپ مان نيهن ڪيا نوان نوجوان
ڏاڏل سان هي داستان سليو آهي ائين سالڪن

ڏاڏل سائين مهربانيون

اوهان جا سهڻا خيال آهن۔ عاشقن جي آجيان کان پوء واقعي ايئن ئي لڳندو۔ يقينن اسان وارو جهونو علي علي هي شاعري پڙهي جوان ٿي ويو هوندو۔
 
جواب: سليو آهي ائين سالڪن

ڏاڏل سائين مهربانيون

اوهان جا سهڻا خيال آهن۔ عاشقن جي آجيان کان پوء واقعي ايئن ئي لڳندو۔ يقينن اسان وارو جهونو علي علي هي شاعري پڙهي جوان ٿي ويو هوندو۔
سائين اها خبر ته سالڪن کي هوندي ته ڪير جوان ٿيو ۽ ڪير جواني ۾ جهونو ٿي ويو ۽ ٻي خبر هوندي ان کي جنهن کي لڳل هوندي باقي پسند ڪرڻ جا لک ٿورا آ
 
جواب: سليو آهي ائين سالڪن

پتنگ چايين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءِ،
پچڻ گهڻـــا پچايـــا، تـــون پچـڻ کـي پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عــام کـي۔
سر يمن ڪلياڻ
 
Back
Top