رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
صدا
مان هان صدا ڪنهن سائل جي
بي ڏوهي گهات ۾ گهايل جي
اڻ پورا اهساس جنيهن جا
مان ڪوڪ ٻڌان تهن ڪو ئل جي
جت داد ته ٿي فريادي جو
پو منظر بس بربادي جو
پوء ڪيئن چوان ڳل ڳانيئڙا
اي اوپرا منهنجا جانيئڙا
هو دور ته دونهي پئي آ دکي
هي سو ئي ڏسي جنهن نظر تکي
مان روز ٻيجل ٿي ٻاڪاريان
۽ آزادي کي پيو ساريان
هو نيٺ ته ايندي نيٺ ته ايندي
ڳلين ڳوٺن کي ڇوليندي
پو بيوس باندي ڪين هوندو ڪو
نه بک افلاس ۾ ڪو مرندو ڪو
***********
هي ڪانئر
هي ڳاله ڪري اونداهين جي
مان روشن روشن راهن جي
هي ڏاڍ ڏمر سان ڏيھ ڏڪائي
مان محبت ،الفت راڄن جي
هي ڪوڙو ڪانئر ڪين سٺو
مان ڳاله ڪريان سچارن جي
ٿو ظلم ڪري هيڻي تي هلون
ڪين ڳاله ٻڌي دل وارن جي
هي ڳاله ڪري محلاتن جي
مان پيٽ بکايل ٻارن جي
هي ساه سوٻاٽي وات ٻڌي
مان گونج ٻڌي آ نارن جي
هي پائي کائي يار اوچو
ڪين سار لهي سنگهارن جي
*********
تون ديس دروهي غدار به آن
تون ڌرتي دشمن يار به آن
مسڪينن لئ آزار به آن
چند ڏاڪڙن خاطر ڏوه ڪرين
ڀڀ پنهنجا پيو ٿو ڀرين
جو ڏيهي ڏڪاريل تنهن کي نه ڏين
هي توڪ غلامي جا لوڙهي
زنجير زندان جا سڀ ٽوڙي
ڇڏبو الم آزادي جو کوڙي
مان مٽي ملائي ڳوهي آ
ديس جو ڪير دروهي آ
جي ناه مليو سو ڏوهي آ
ڏينهن جو سج سگهارو آ
۽ رات جو چنڊ هي پيارو آ
پوء هڪ اماوس مارو آ
تنهن لئي هي ڏيئو ٻاريو آ
***********
چئو ڪو گيت او ساٿي
چئو ڪو گيت او ساٿي
چئي سنگت اسان کي ٿي
ڳايو ڪي گيت خوشين جا
کولي ڪي در دلين جا
پوي جهومي سمان سارو
نه ٿي ڪو نينهن ڪو کارو
ٽڙن جيئن گل بهارن ۾
وڏي خوشبو نظارن ۾
ٻڌون سڀ ٻولي ڪوئل جي
ازل آواز روحل جي
سوين چمڪاٽ ٽانڊاڻا
ڏسان ڪين روح ڪي ساڻا
چندر ما سان ڀريل راتيون
هجن سڀ ساه مليل ڇاتيون
اندر پان پو اٿيو اڌمو
نه وسريو آ اڃا صدمو
ڳايان ڇا گيت خوشين جا
ڀڪوڙيل چپ مرڪن جا
کسجن پيون خوشيون زوري
ڪرن ٿا چور هت چوري
هتي ممتا سدان تڙپي
هتي سولي سدان سڙڪي
هتي هر جاء تي زوري
رهي ٿي ڇاتي ڄڻ ڇوري
هتي گيتن ۽ نظمن جو
رڳو آلاپ ريتن جو
وجودن ۾ نه ڪا سگه آ
ڀريل پرزا جڙيل جڳ آ
نه جت آروح کي راحت
ونڊيان ڪنهن سان پنهنجي چاهت
*******
جيئڻ جياپو
هي جيئڻ جياپو آ ڪهڙو نياپو
جتي روح روڙي
جتي ساه سڏڪي
نه ڪوئي پروڙي
ته ڪهڙو آ ارمان
پشيمان ،پشيمان
افلاڪ آهون
روئي زمين ٿي
نه ڪوئي پڇيٿو
نه ڪوئي لڇيٿو
اڪيلو اڪيلو ارمان اڄ ڀي
وڏي ڀيڙ ۾
وڏو حل هنگامون
۽
ڌرتي ته ٽامو
تپي پئي آ هيڪر
قيامت،
اچي وئي آ جيڪر
هي ارمان اڌ ۾
هي احساس جهري پيا.......
نه ڪارڻ آ ڪوئي
نه ٻارڻ آ ڪوئي
نه جالڻ آ ڪوئي
نه جرڪيو جياپو
ڏيئي ويو نياپو
هي حيرت ۾ رغبت
مصيبت مصيبت
اهي ڏک ڏولاوا
اسان جو مقدر
جنهن ۾ جيئون پيا
قيامت ڪيون پيا
********
آواز ٻڙو
هي آهون
هي داهون
هي پورب پڪارون
اڃا آس ارمان
ڏين پياميارون
اهوروڄ راڙو
ڄڻ آ اگهاڙو
اندر پوء ساڙو
آواز ٻاڙو
ٻڌي ڪير ٻاهر
اڃا ناه ظاهر
گمان گم اڃا آ
هي دڙڪو
هي ٻڙڪو
اندر ساه سڙڪو
وري باھ ڀڀڙڪو
سڙي رک ٿي ويو
هوا ۾ اڏي ويو
اها دز،
وڏي ڌوڙ
سڄو سڀ سمان آ
اڃا ڀي گمان آ
نه ڪوئي اچيٿو
ڦاڙيندو ،لتاڙيندو
گهاڙيندو
فلڪ جيڏو فڪرآ ...
هي ڌرتي ته ٿوري
سمنڊ سرڪ هڪڙي
اها تاس تڪڙي
ڳڀا ٽڪر ڇتيون
وئي ٿي آ لڪڙي
جا هئي مون پڪڙي
انهيء جو آ ارمان
نه ٿيو پوء درمان
پشيمان پشيمان
هي مايوس محروم
ماڻهو موچارا
ويا ٿي نظاراانهن جو امنگون
ارمان اڌ ۾
ڄڻ پهاڙن جي پنڌ ۾
سڄو هيء سنسار
انهن لاء بيڪار
نه روئي سگهي ٿو
نه ڌو ئي سگهي ٿو
ائين جيئن جڪڙيل
پڪارن ۾ پڪڙيل
نراسي نراسي
اندر آس اڀريل
اکين ۾ اڪريل نه ٿيو ساه سوکو
نه ئي جيء جرڪيو
سڪ ۾ جو سرڪيو
ماڻهو نه مرڪيو
مئل ڪين چرڪيو
ائين سانت ساحل
هلي پئي ٿي هلچل
ڪري گم گيڙو
رنگن رڱيٿو
نه ماڻهون مڃيٿو
مٽجي وڃي ٿو
لٽجي وڃي ٿو
ڪٽجي وڃي ٿو
پٽجي وڃي ٿو.......