• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا عدالتون آزاد آهن ؟؟

ڇا عدالتون آزاد آهن ؟؟

دوستو !

اڄ ڪلھ اسان جي ملڪي عدالتن پاران ڪيل فيصلن تي خوب ٽيڪا ٽپڻي ٿي رهي آهي . عدالتن مٿان پريشر ۽ انهن کي هلائڻ وارو جيڪو رستو مقرر ٿيل آهي اهو انتهائي خراب ۽ غلط آهي . تنهن ڪري ملڪي عدالتي فيصلا ڏاڍن جي حق ۾ ٿين ٿا .

ان ڳا له تي بحث ڪر ڻ اجايو آهي . پاڻ ۾ قوت پيدا ڪريو ۽ عدالتي فيصلا پنهنجي حق ۾ ڪرايو . اچو ته ڏسون ته اهي قانون جوڙيندڙ پاڻ پنهنجي جوڙيل قانونن جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي . سموري برصغير جا قانون ميڪالي لکيا آهن ، ۽ پنهنجي لکيل مضمون ۾ جيڪو هن وارن هيٽنگز تي لکيو آهي، لکي ٿو ته :
“ ڪنهن کي به خبر نه هوندي هئي ته ان ڌارين عدالتن جي ڪري ڇا ٿيندو ؟ اهي عدالتون انهن ججن تي مشتمل آهن، جن جو لکين انسانن تي ڪنٽرول آهي، تن جي روايتن کان اڻ واقف هئا، عدالتي ڪاروائي ڌارين زبان ۾ هلائي ويندي هئي ، سزائون اجنبي زبان ۾ ٻڌايون وينديون هنيون ۽ ان جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهن مان بدترين شخص انهن ۾ جمع ٿيا آهن ، جن ۾ مخبر ، ڪوڙا شاهد ،عادي مقدمي باز ،فريبي ۽ ڌوڪيباز اهلڪارن جي هڪ فوج جمع ٿي وئي آهي .”

ميڪالي وڌيڪ چوي ٿو ته “ هڪ هندوستاني گورنر يا حا ڪم کي فقط هڪ اشاري ڪرڻ جي دير هوندي هئي ، ته فلاڻو تباه ٿيڻ کپي بس چوويهن ڪلاڪن اندر ان جي خلاف شديد الزام ، اهڙين شاهدين ۽ تفصيلوار واقعن سان گڏ تيار ٿي ويندا آهن جو ڪوبه ماڻهو ، جيسين تائين هن کي اها خبر نه هجي ته ايشيا ۾ دروغ گوئي ءَ کان ڪيترو ڪم ورتو ويندو آهي ، سو سمجهندو ته هن تي جرم سورهن آنا ثابت آهي ،”

حوالو:
1
ڪتاب : ڪلچرل ايمپيريلز
ليکڪ رابرٽ سيل

2
ڪتاب : تاريخ ۽ رياست صفحو نمبر 124
ليکڪ : ڊاڪٽر مبارڪ

3
ڪتاب : يادگيريون صفحو 33
ليکڪ : سيٺ نائونمل
سنڌي ترجمو : محمد حنيف صديقي
ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورد
 
Back
Top