خورشيد قائم خاني (عوامي آواز)[justify] جڏهن مغلن چتوڙ ڳڙهه جو قلعو فتح ڪيو ته اسان قسم کنيو ته جيستائين مغلن کان قلعو خالي نه ڪرائينداسين سک سان نه ويهنداسين. گهر ٻار ۽ عيش آرام واري زندگي تياڳي ڇڏينداسين. کٽ تي هنڌ نه وڇائينداسين. ڌاتوءَ جي ٿانون ۾ ماني نه کائينداسين ۽ سون چاندي اسان لاءِ حرام هوندا. اهڙي طرح صدين کان اسان لوهر ڏاند گاڏين ۾ گهر سجائي ڳوٺ ڳوٺ واهڻ واهڻ گهمندا رهيا آهيون پر پنهنجو قسم ڪڏهن به نه ٽوڙيو. اها ڳالهه مون کي ڳوٺ جي گاڏئي لوهرن جي مهاراج پريم آنند ٻڌائي. انهن لوهر لاڏائن کي هندستان ۾ گاڏئا لوهر ۽ سنڌ ۾ ڪارئا چيو ويندو آهي. پريم آنند موجب ڪارئن جو تعلق راجستان جي اولهندي رياست ميواڙ جي جنگجو راجپوت قبيلن سان هو ۽ سندس نکن کي سولانگي، پرمار، چوهاڻ، بارونا ۽ ڀاڳيلو چيو ويندو هو ۽ اهي سڀ ماتا جي پوڄا ڪندا آهن. راجستان، گجرات، مهاراشٽر ۽ مڌيا پرديش کان وٺي سنڌ تائين لڏ پلاڻ ڪندڙ انهن ڪارئن ۾ اها ڪهاڻي عقيدي جي حيثيت رکي ٿي ۽ هو ان کي اڪثر پنهنجي روايتي لڏ پلاڻ جي جواز طور پيش ڪندا آهن. ڪارئن مردن جون مڇون ڊگهيون ۽ ڏاڙهين ۾ وچ مان سينڌ ڪڍيل هوندي اٿن. عورتن جون ٻانهون ڪلهي تائين سفيد يا رنگين پلاسٽڪ جي ٿلهين چوڙين سان ڀريل هونديون آهن. اڪثر وقت اهي عورتون روڊ ڪناري پنهنجي ڪم ۾ مصروف هٿوڙا هلائيندي نظر اينديون آهن، ڪارئا ڏاٽا ڪهاڙي، ڪوڏرون، هرجا ڦر ۽ ٻيا زرعي اوزار ٺاهيندي يا انهن جي مرمت ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن. ڪارئا پنهنجي مخصوص پيشي کان سواءِ مذهبي، لساني ۽ تهذيبي اعتبار کان انهن ئي علائقن جي ٻين لاڏائو قبيلن کان مختلف نه آهن خيال آهي ته هي به ڌراوڙ نسل سان واسطو رکن ٿا. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ڪارئا ڪچين آبادين ۾ رهڻ لڳا. ڇو؟ ڇا هاڻ سندن چتوڙ قلعو فتح ڪرڻ وارو قسم پورو ٿي ويو آهي؟ مون پريم آنند کان پڇيو. هو منهنجي سوال تي مرڪيو ۽ سندس پوڙهين اکين ۾ هڪ چمڪ پيدا ٿي. هن چيو ته ها هاڻ اهو قسم پورو ٿي چڪو آهي، غالبن اها 50 واري ڏهاڪي جي شروعات جي ڳالهه آهي هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو، جنهن کي قديم تاريخ جي چڱي خاص ڄاڻ هئي، ڪارئن جو وڏو سميلن (ڪٺ) ڪوٺايو ۽ گاڏئي لوهرن جي قربانين ۽ تاريخي ڪردارن جو اعتراف ڪندي ساراهه ڪئي ۽ درخواست ڪئي ته جيئن ته مغلن جي فوج ڪڏهو ڪو چتوڙ قلعو خالي ڪري چڪي آهي ان لاءِ هاڻ لوهرن جي لڏ پلاڻ جو وڌيڪ ڪوبه جواز نه آهي ۽ حڪومت کين مستقل رهائش لاءِ پلاٽ به ڏيندي ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ سولا قرض به ڏنا ويندا. پر لوهرن نهروءَ کي جواب ڏنو ته جيستائين لوهر چتوڙ قلعي ۾ فاتح طور داخل نه ٿيندا تيستائين مستقل رهائش جي آڇ قبول نه ڪندا. ان تي هڪ رسمي جنگ جو ناٽڪ ڪيو ويو، هزارين لوهر تلوارون ۽ ڍالون کڻي قلعي تي حملي آور ٿيا ۽ فاتح جي حيثيت ۾ اندر داخل ٿيا تڏهن سندن قسم پورو ٿيو ۽ هو ننڍن ٽولن جي صورت ۾ جتي هئا اتي رهڻ لڳا. ڇا هاڻ لوهر نئين زندگي مان خوش آهن؟ مون پڇيو، پراڻيون عادتون سولائي سان نه ٿيون وڃن. تازو چتوڙ جي ياترا ڪري آيل ڀڳو وراڻيو. عام طور زندگي جو طريقو پراڻو ئي آهي پر فرق اهو پيو آهي ته هاڻ اسان جبلي چرپر ڪرڻ ۽ سفر ۾ رهڻ جي نشي جي تابع ناهيون. پهرين اسين ايئن ڀڄندا رهندا هئاسين جيئن پويان مغلن جي فوج پيل هجي پر هاڻ جيئن اها مجبوري ختم ٿي وئي هجي. پوءِ به اسان لاڏائو زندگي کان پري وڃي نه سگهيا آهيون. جيتوڻيڪ اسان جي اڪثريت هاڻ جهڳيون ۽ ڪچا گهر اڏيا آهن ۽ ڪجهه ڪارئا پڪن گهرن ۾ به رهن ٿا پر پوءِ به رات جو گهر ڇڏي کليل آسمان هيٺ سمهڻ پسند ڪندا آهن. ان وچ ۾ اسان جي ڪمري ۾ ڪيول، ڪرشن، نارائڻ ۽ پريم وڏي تعظيم سان داخل ٿيا ۽ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيا. سانورا ۽ چمڪدار اکين وارا اهي ڪارئا ڇوڪرا اسڪول مان آيا هئا ۽ انهن مان هڪ اڌ ڪاليج جو شاگرد به هو. پريم انجنيئر بڻجڻ چاهي پيو. سندن اڪثريت ميواڙ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکي ٿي. مون کين ناڊ راجستان نالي مشهور ڪتاب مان ميواڙ جي تاريخ جا چونڊ ٽڪرا ڏيڻ جو واعدو ڪيو جڏهن مون کانئن اجازت طلب ڪئي ته هو کٽن تي ويٺل هئا، چاندي ۽ پتل جي ٿانون ۾ کائي پي رهيا هئا ۽ ڪنن ۾ ننڍيون سونهري واليون هين.[/justify]
جواب: ڪارئن چتوڙ جو قلعو فتح ڪري قسم پورو ڪيو هائو يار پريا مڙس ۔۔۔ لک ٿورا جو انهن ڪارئن لوهارن جي آکاڻيءَ جي خبر پئي ۔۔۔ اسين پڻ انهن لوهارن کي ننڍڙي لاءِ ڏسندا هئاسون ته بيشڪ سندن ڏاڙهيون وچان سينڌ ڏنل ۽ سندن مائن کي اصل سڄي ٻانهن ۾ اڇيون چوڙيون هونديون هيون ۔۔۔ پر اڄ خبر پئي ته اهي لوهار به مغلن جا ستايل هئا ۔۔۔ هر دور ۾ ظالم به موجود آهن ته مظلوم به ۔۔۔