شوگر هڪ لا علاج بيماري آهي پر ڪن مريضن کي گهريلو شين مان ايترو فائدو ٿيندو آهي جو ماڻهو حيران ٿي ويندو آهي اڄ هڪ اهڙي ترڪيب ٻڌائي رهيو آهيان جنهن سان شگر جي مريضن ۾ تمام گھڻو فائدو ٿئي ٿو . ڪڻڪ جو بوه جيڪو مال کي کارائبو آهي ٻُڪ کن ڌوئي صاف ڪري رات جو اڌ ڪلو پاڻي ۾ پسائي صبح جو اٿي صاف ڪري ڪپڙي مان ڇاڻي پاڻي پي ڇڏجي۔جيڪڏهن انگريزي گوريون کائيندڙ هجي ته آهستي آهستي بند ڪري ڪن کي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ شوگر ڪنٽرول ٿي ويندي آهي ۔ڪن کي ًٽن يا چئن ڏينهن ۾ يا دير سان به فائدو ٿيندو آهي انهي ڪري ٻي ٽي ڏينهن شگر ٽيسٽ ڪري خبر وٺجي ان کان پو ئي گوريون بند ڪجن
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري سائين حڪيم صاحب مهربانيون تمام سولو ۽ سستو ايئن کڻي چئجي ته مفت وارو نسخو اوهان ونڊ ڪيو آهي۔ يقينن دوستن کي جن کي اها تڪليف هجي اهي پاڻ ۽ پنهنجي دوستن کي هن بابت ٻڌائن۔ اسان جو ٽنڊو محمد خان اچڻ گهڻي فائدي وارو رهيو جو اوهان جي پاسورڊ جي ريفريش ٿيڻ کانپوء اوهان جون ترڪيبون ۽ نسخا هرروز پڙهڻ لاء پيا ملن۔
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري برادرم سليمان وساڻ صحيح ٿاچئوته اوهان جي ٽنڊو محمدخا ن ۾ اچڻ کان پوءِ ئي ٻيهر لکڻ جي قابل ٿيس اوهان جي ۽ ادي رشيد جي مهرباني
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري سائين لک ٿورا تمام سٺو ۽ ڪارائتو نسخو ونڊ ڪيو اٿوَ ،،، جزاڪ الله ۔۔۔ معاف ڪجو هڪ عرض ته بوه يا ڪٽي ۔۔۔ جانورن کي هڪ ته ڪڻڪ جي ڪٽي کارائيندا آهيون جيڪا شايد ڪڻڪ جي داڻي تان لهندي آهي، ٻيو وري بوهه جيڪو ڪڻڪ جي ٻوٽي جون ڏانڊيون هونديون آهن ۔۔۔ انهن ٻنهي مان اوهانجي مراد ڪهڙي آهي ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر معذرت پڪ ڪرڻ لاءِ ٿو لکان ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري برادرم نثار ابڙو صاحب بوه مان مراد جيڪو تهريشر مان ڏانڊيون ۽ ڪڻڪ جي ڪٽي ٻئي شامل آهن يا کڻي ايئن چئجي ته ٽرڪن ۾ جيڪو بوه لوئر سنڌ کان ڪراچي ويندو آهي اهوئي مراد آهي
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري واھ سائين پاڻ کي هن مرض کان الله سائين بچايو آهي..پر اسان جي هڪ معزز دوست کي هي بيماري آهي..مان فون ڪري انهن کي جڏهن ٻڌايو ته هو يقين نه پيا ڪن ۽ کلن پيا...مون انهن کي زور ڀريو ته بهترين نسخو آهي.
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري حڪيم صاحب تمام بهترين نسخو ٻڌايو اٿو الله هر مريض کي شفا عطا ڪري اميد ته اهڙن نسخن جي ونڊ جاري رکندا لک ٿورا
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري حڪيم صاحب جزاڪ الله۔توهان جي هن نسخي مان تمام گهڻن ماڻهن کي مدد ملندي۔ڇاڪاڻ ته اڄ ڪله شوگر جي بيماري عام ٿي ويئي آهي۔۔
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري سائين حڪيم صاحب لاجواب تمام سٺو ۽ ڪارائتو نسخو ونڊ ڪيو اٿوَ ،،، جزاڪ الله ۔۔۔
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري تمام آسان نسخو آهي ۽ خرچ به نهايت گهٽ آهي ، دوستن کي ضرور اڳاهي ڏٻِي انشاءالله سائين حڪيم محمد يوسف صاحب اوهان جي بهترين ونڊ لا ٿورايتا آهيون
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري محترم عاشق سولنگي صاحب مفت جي شئي تي ڪير به توجه نه ڏيندو آهي ۔بهرحال شوگر جي بيماري ۾ اهڙيون ئي شيون فائدو ڪنديون آهن۔ ماڻهن جو کلڻ اڻڄاڻي جي ڪري آهي
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري سائين محترم کتري صاحب، اميد ته خوشين ۾ هوندا السلام عليڪم ورحمت الله سائين محترم! ۔۔۔ منهنجي دل جي ڌڙڪن ڪڏهن ڪڏهن تيز ٿي وڃي ٿي، تازو 2 مارچ تي انجي رفتار 210 تائين پهتي هئي، جيڪا تمام گهڻي سستي ۽ ڪمزوري پئدا ٿي ڪري ۔۔۔ ڊاڪٽرن ڏسيو آهي ته هن بيماري جو نالو ۽ فنڪشن ڪجهه هن طرح سان آهي؛ Supraventricular tachycardia (SVT) is any tachycardic rhythm originating above the ventricular tissue. Paroxysmal supraventricular tachycardia (PSVT) is a rapid rhythm of the heart which involves an accessory pathway. This is in contrast to the potentially deadlier ventricular tachycardias, which are rapid rhythms that originate within the ventricular tissue or atrioventricular (AV) node. اوهان کان سوال اهو ته ڀلا اهڙي ڪنهن بيماريءَ جو اسانجي حڪمت ۾ ڪو علاج آهي، مهرباني ڪري جيڪڏهن ڪو ڏس پتو هجي ته عنايت ڪندا ته ٿورائتو رهندس ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري مانوارا سائين کتري صاحب اميد ته خيريت سان هوندا سائين اوهان جي ٻڌايل نسخي بابت هڪ ٻه سوال هئا اميد ته جلدي جواب عنايت ڪندا هڪ اهو ته سائين ان نسخي سان شگر هميشه لا ختم ٿي ويندي يا عارضي فائدو رسندو؟ ٻيو اهو ته (ڪڻڪ جي به) کي ڪنهن مخصوص ٿانو (مثال طور ٺڪر جي ٿانو ) ۾ پسائجي يا هر ٿانو ۾ پسائي سگهجي ٿو ۽ پسائڻ کان پو فريزر ۾ رکي سگهجي ٿو يا نه؟
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري حڪيم صاحب سان معذرت سان، شوگر هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ لبلبي جا انسولين هارمون پيدا ڪرڻ وارا خليا ختم ٿي ويندا آهن يا وري گهتجي ويندا آهي، ميڊيڪل سائنس جي تمام تر وسيع تحقيق باوجود ان جو مڪمل علاج ناهي لڌو ويو! گهريلو ٽوٽڪا زڪام کنگھ يا ڪنهن هلڪي بيماري لا ته شايد ڪارآمد هجن، پر هن موذي مرض لا اهڙا علاج جان ليوا ثابت ٿي سگهن ٿا! ۽ ان کي استعمال ڪندڙ مريض آخرڪار ڪنهن سيريس پيچيدگي سان ۽ ٽرمينل اسٽيج ۾ ڪنهن وڏي سرڪاري يا غير سرڪاري اسپتال ۾ بيهوشي جي حالت ۾ ملندا آهن۔ جن جا وارث پو ٻڌائيندا آهن ته فلاڻي حڪيم جو فلاڻو نسخو استعمال ڪيو هو، پهريان شگر صفا ڇڏي وئي ۽ هاڻي هي مسئلو ٿيو آهي، مان پاڻاهڙا ڪيترائي مريض ڏٺا آهن جيڪي اهڙي حالت کان پو علاج جي قابل ناهن رهندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! وڌيڪ هر ماڻهو پاڻ سياڻو آهي!
جواب: کنڊ (شوگر) جي بيماري سائين قبلا الله اوهان کي صحت ڏي، باقي ان مسئلي لا ڪنهن حڪمت کي ڇڏي پنهنجي ڊاڪٽر جي علاج تي ڀروسو ڪيو! بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ رکو ۽ خوراڪ ۾ احتياط ڪيو الله بهتر ڪندو!