پروفيسر منگها رام ملڪاڻي: سنڌي ننڍي ناٽڪ جو باني!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [justify]دوستو اڄ 27 مارچ سڄي دنيا ۾ ناٽڪ جي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي۔ ان حوالي سان سنڌ جي ان شخصيت جو خاڪو پيش آهي جنهن سنڌي ٿيٽر لاء وڏو ڪم ڪيو۔[/justify]

    پروفيسر منگها رام ملڪاڻي: سنڌي ننڍي ناٽڪ جو باني!
    شوڪت حسين شورو

    [justify] هونءَ ته سنڌيءَ ۾ پهرئين ناٽڪ لکڻ جو اعزاز ميرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار ناٽڪ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو، بعد ۾ جديد ننڍا سنڌي ناٽڪ جن کي ون ائڪٽ پلي يا يڪ فصلو ناٽڪ چئجي ٿو، سي پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکيا. هن جو جنم 14 ڊسمبر 1896ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ اُڌارام شيوڪرام خدا آبادي عامل زميندار هو. سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي روشن خيال شخص هئا. منگها رام اسڪولي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ورتي. هن تي خاص ڪري ٻن ماسترن جو گهڻو اثر ٿيو. انهن ٻنهي کي آدرشي استاد ڪري ڪوٺيو اٿس. هڪ غلام علي نانا هو، جيڪو ٻيون درجو پڙهائيندو هوس ۽ ٻيو وليرام آئلمل ٿڌاڻي هو، جنهن وٽ هو چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. غلام علي نانا کيس انگريزي ٻولي صحيح نموني ڳالهائڻ ۽ لکڻ سيکاري. هن تي ڪن ٻين وڏين سنڌي هستين جو به اثر ٿيو هو. ساڌو هيرانند ۽ رشي ڏيارام گدو مل سندس ٻن پڦين کي انگريزي ۽ سنسڪرت پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ايندا هئا. ديوان ڪوڙو مل سندس پيءُ جو دوست هو ۽ گهر جي ويجهو رهندو هو. مضمون نگار ۽ لغت نويس پرمانند ميوا رام سندس ماسات هو ته دوست به هو. ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند سندس ناٺي جو سئوٽ هو ۽ منگها رام کي پيار ڪندو هو. منگها رام پنهنجي شروعاتي دور جون لکڻيون ڇپجڻ کان اڳ ميرزا قليچ بيگ کي ڏيکاري راءِ وٺندو هو.

    منگها رام جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته کيس ناٽڪن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. هو بمبئي يونيورسٽي پاران ورتل مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ چوٿون نمبر آيو ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر بيٺو، جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو. انهن پئسن مان هن 17 ڪتاب خريد ڪري اچي پنهجي گهر ۾ لائبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگها رام ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هو ڪاليج ۾ تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ، ناٽڪ، ادب ۽ راندين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو. ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جو سيڪريٽري به ٿيو. هن کي مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ ۾ زنانو پارٽ ڪرڻ لاءِ مليو. هو اڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو ته پيءُ جي زور ڀرڻ تي کيس شادي ڪرڻي پئي. هن 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس پيءُ وڏي ڄمار جو ٿي چڪو هو. منگها رام پيءُ جو چوڻ مڃي اچي زمينداري سنڀالي. ٽنڊي محمد خان ۾ سندن ٻنيون هيون. زمينداريءَ جو اهو دور چار پنج سال هليو، جنهن ۾ کيس زمينداريءَ ۽ هاري جيوت جي آزمودن کان سواءِ نويڪلائي ۾ قدرتي نظارن جي وچ ۾ ادب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ به گهڻو وقت مليو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٽئگور جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن رسالي مان ڪجهه بيت چونڊي انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيا ۽ اهي کڻي وڃي ميرزا قليچ بيگ کي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ڏنا. مرزا صاحب اهو ترجمو پڙهي کيس شاباسي ڏني. منگها رام گرديو ٽئگور جي ”گارڊنر“ ڪتاب جو ترجمو نظماڻي نثر ۾ ڪيو، جيڪو ”پريت جا گيت“ نالي سان ڇپيو. ان دور ۾ منگها رام ملڪاڻي ناٽڪي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪار طور چمڪي اٿيو هو. 1920ع ڌاري جديد سنڌي ناٽڪ جي وڏي نالي خانچند درياڻي جيڪو منگها رام سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهيو هو، تنهن ناٽڪن جي ذريعي سماجي خرابين خاص ڏيتي ليتي خلاف ناٽڪ لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ شروع ڪيا هئا. هن انهن موضوعن تي 25 کن ڪتاب لکيا هئا، جن مان اڌ اصلوڪا ۽ اڌ اُلٿو ڪيل هئا. انهن مان ڪافي ناٽڪن ۾ منگها رام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا. خان چند ۽ منگها رام بزرگ اديبن لعل چند امر ڏنيمل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻي جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪئي. ان جو مهورت گرديو ٽئگور پاڻ پنهنجن هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو. منگها رام ملڪاڻي ان ڏهاڙي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڏاڍي اتساهه ۽ امنگ سان مهينو کن محنت ڪئي. ٽئگور جي شاعري ۽ سندس ناٽڪ ”چترا“ مان انگريزي ۾ هڪ ڏيک سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ هڪ مذاقي چهچٽو به شامل ڪيو ويو. ائڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال ۾ گرديو جي سامهون پروگرام پيش ڪيو ويو. منگها رام ملڪاڻي جي چوڻ موجب ٽئگور جهڙي اعليٰ هستيءَ جي اڳيان ڪلچرل پروگرام ڏيکارڻ لاءِ جگر کپندو هو. پردو مٿي کڄيو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي منگها رام کي ڪا خبر نه پئي. اسم پٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽ هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام منگها رام کي نياپو موڪليو ته گرديو توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻي سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾ زنانو پارٽ ڪيو هو. گرديو ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ ناشتو به ڪرايو. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو، ”اوهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم. ٻوليءَ سمجهڻ کان سواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم.“ ڄيٺمل پرسرام ٻڌايس ته ”اهو ٽڪر اسان جي برک ليکڪ ميرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ مان ورتل هو.“ ناشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ گرديو هنن کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر اماڻڻ آيو ۽ موڪلاڻي ڪندي چيائين، ”شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿو.“ گرديو ٽئگور جي هٿن سان مهورت ڪيل هيءَ ناٽڪ منڊلي سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ان 15 سالن جي عرصي ۾ ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ پيش ڪيا. منگها رام ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند درياڻي جي ناٽڪن جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ۽ ”زماني جي لهر“ ۾ هن يادگار ڪردار ڪيا. درياڻي جي اصلوڪي ۽ اهم ناٽڪ ”زمينداري ظلم“ (1928ع) ۾ منگها رام هڪ پير مرد مظلوم هاريءَ دلمراد جو ڪردار ڪماليت سان ادا ڪيو. خان چند درياڻي بعد ۾ سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ وڃي فلمي دنيا ۾ گهڙيو. هن پنهنجي پهرين فلم ”انسان يا شيطان“ (1933) ۾ منگها رام کي هيرو جو پارٽ ڏنو. هيروئن جدن ٻائي (نرگس جي ماءُ) هئي. فلم جو ڊائريڪٽر موتي گدواڻي هو. خان چند درياڻي جي بمبئي وڃڻ سبب رابندر ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگها رام کي فلمي دنيا پسند نه آئي، ان ڪري موٽي آيو. منگها رام ملڪاڻيءَ سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو ماڊرن ون ائڪٽ پلي بڻايو. هن 25 کن ناٽڪ جوڙي سنڌي يڪ فصلو ناٽڪ کي سماجي سڌاري جو واهڻ بڻايو. ”پاپ ڪين پڃ“، ”بٽئي“ ۽ ”ٽي پارٽي“ اسٽيج تي نهايت مقبول ٿيا هئا.

    منگها رام پنهنجين ٻنين تي هو ته کيس ڊي-جي-سنڌ ڪاليج جي پرنسپل شهاڻي وٽان نياپو آيو ته ڪراچي اچ ته انگريزي فيلو ڪري رکانءِ. پيءُ هن جي مرضي ڏسي کيس موڪل ڏني. منگها رام کي هاسٽل جو وارڊن به ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي ليڪچرر ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. هاڻي پروفيسر منگها رام ملڪاڻي سڏجڻ لڳو. دادا جشن واسواڻي ۽ پروفيسر احمد علي خواجه (مشهور ليکڪ خير النساءُ جعفري جو والد) سندس شاگرد هئا. ورهاڱي کان پوءِ پروفيسر ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج ۾ انگريزي جو پروفيسر ۽ شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو. ان وچ ۾ هن جيڪو پهريون ڪتاب لکيو، سو هو ”ادبي اصول“ جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن جا اصول سمجهايل آهن. ان کان سواءِ هو ادبي تاريخ ۽ تنقيدي ليک ۽ ڪتابن تي تبصرا لکڻ لڳو. سندس شاهڪار ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان تي کيس ساهتيه اڪادمي جو انعام مليو، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سما لوچنا“، ”پڇمي ياترا“ (سفر نامو)، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ ڪتابن کان سواءِ ”جوانيءَ جا جذبا ۽ پيريءَ جون يادون“ سندس نظماڻي نثر جو مجموعو آهي.

    پروفيسر ملڪاڻي انڊيا ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت هلچل ۾ هڪ رهبر طور ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان 1949ع کان شروع ٿي هئي. پروفيسر ملڪاڻي 13 سال ان جو پريزيڊنٽ چونڊبو رهيو، جيستائين هو ڪاليج مان رٽائر ڪري پنهنجي پٽ وٽ ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو. پروفيسر ملڪاڻي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. هن 84 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.[/justify]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. عبدالغفار مڱريو

    عبدالغفار مڱريو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آڪٽوبر 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    Literature poet
    ماڳ:
    Hyderabad, pithoro
    دنيا ڪيترو نه وڏو علم آھي، ليڪن دنيا جي اندر علم جا اخروت ازل کان ڀرپور نموني سان ڀريل آھن! علم اُھو انسان حاصل ڪري سگھي ٿو ،جيڪو بزرگن جي صحبت ۾ رھي ڪري ، بزرگن سان احوال جي مطابق اُنھي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪارنامون حاصل ڪري وٺي ٿو..!! ڪجھ فلاسفر رائيٽر دينتدان، علمدان ، سياستدان ، ۽ رياضتدان، ڪيترين ئي قسمن جا ماڻھو ھن جھان ۾ موجود آھن! پر ڪافي رُڪني اجتماعي،، انفرادي سرگرميون الڳ اچي وڃن ٿيون..!! دنيا جي علم ۾ ھر انسان اچي وڃي ٿو ، پر عالمي ، علمي ، عملي ! طريقي سان علم ۾ پرک رکندڙ سڃاھ سڀاھ اُھي ادب وارا ماڻھو ئي ٿي سگھن ٿا..!! مون ڪيترن ئي قسمن جو علم پرايو جڏھن ادب جي ازواج ۾ شموليت ڪئي تڏھن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اھڙي ڪا ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ اُنھن ماڻھن سان مشاعل ويجھر ٿيڻ نسبتن الڳ آھي...!!
    ڪالم ، آرٽيڪل ، سوشلزم، ڪميولزم ، ۽ الڳ طريقي سان ڪيترائي ئي قسمن جو علم پرائڻ سان پرورش حاصل ٿيندي آھي...!!
    حضرت عبدالغفار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو