سنڌ ۾ گذريل سال جي ٻوڏ جيڪا تباهي مچائي، ان لکين ماڻهن کي دربدر ڪيو، جيڪي ماڻهو اڃا تائين پاڻ سنڀالي ناهن سگهيا، ۽ مٿان جڏهن امڪاني وهڪرن ۾ باقي وڃي ڪي ٻه چار مهينا بچيا آهن، تڏهن هڪ پاسي حڪومتي ذميوار ماڻهو خبردار پيا ڪن ان امڪاني ٻوڏ کان ماڻهن کي بچائڻ آبپاشي کاتي جي وس جي ڳالهه ڪونهي، ۽ ٻئي پاسي وري مرڪز جو ظلم اهو آهي، جو ان سموري متٿاثر ٿيل سنڌ لاءِ فقط 2 ارب رپيا ڏنا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ رڳو هڪڙي ضلعي کي 3 ارب رپيا عنايت ڪيا ويا. سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ۽ گهڻو ڪجهه کڻي هلي وئي، پر اختيار ڌڻين سمجهيو ته جيڪا ٻوڏ هلي وئي آهي، سا وري موٽ ڪونه کائيندي، برابر ويل ٻوڏ ته موٽ ڪونه کائيندي، پر جيڪا نئين ٻوڏ اچڻ جا امڪان آهن، سي ته ماهر ان وقت به بيان ڪري رهيا هئا، جڏهن ماڻهو اصلوڪن ماڳن تان لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن جي ڳولا ۾ دربدر ٿي رهيا هئا. آبپاشي کاتي جي بي وس هجڻ جي ڳالهه ڪو عام ماڻهو نه پيو ڪري، پر ان ئي کاتي جو وزير اها ڳالهه ٻڌائي رهيو آهي ته ٻوڏ آئي ته آبپاشي کاتي جي وس جي ڳالهه ناهي، عوام کي سهڪار ڪرڻو پوندو. خود بندن بابت سرڪار جو ڪنسلٽنٽ ۽ آبپاشي ماهر محمد ادريس راجپوت به چتاءُ ڏئي ٿو ته ٻوڏ ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي، عوام هوشيار رهي. جڏهن اختيار ڌڻي ۽ آبپاشي ماهر اهي انديشا ڏيکاريندا هجن ته ڪڏهن به ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ۽ ماڻهو اسان جي کاتن تي نه ڀاڙين ته ان جو مقصد ڇا ٿيو؟ ان جو مقصد اهو ئي ٿيو ته ”مسافر پنهنجي سامان جي حفاظت پاڻ ڪري.“ يا اهو ته ”هرڪو پاڻ ڄاڻي، اسان جو نه وڃي!“ اهي ادارا، جن کي قدرتي آفتن کان پوءِ ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ گهرجي ها، لڳي پيو ته ٻوڏ کان پوءِ اهي سڀ ادارا ڄڻ ته بي فڪر ٿي سمهي پيا، ۽ اها ڳالهه رڳو سنڌ جي حوالي سان هئي. نه سنڌ سرڪار وقت سر ڪجهه ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي، نه وري مرڪز ڪا ساري لڌي ته ان صوبي کي ڪجهه گهرجي يا نه؟ ان جا ٻه سبب ئي ٿي سگهن ٿا، يا ته خود سنڌ سرڪار متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ ايترو سنجيده نه هئي، ۽ اهو سوچي ڇڏيو ته سنڌ جا ماڻهو آهن، مڙئي وقت ڪڍي ويندا يا وري جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنجيده هوندي ته مرڪز ان کي روايتي انداز ۾ ڊيل ڪيو هوندو ته اهي هونءَ به ٻه چار ڏوڪڙ ڏيڻ تي به ماٺ ڪري ويهي رهندا، سو انهن پنجاب جي هڪ ضلعي کي ته 3 ارب رپيا ڏنا، پر سموري سنڌ تي رڳو ٻه ارب رپين جي ”مهرباني“ ڪئي. هي جيڪي اسان جا آبپاشيءَ جا ماهر توڙي ان کاتي جو وزير ٻيهر سنڌ ٻڏڻ جا انديشا ڏيکاري رهيا آهن، ان جو سبب اهو آهي، جو جيڪي بند متاثر ٿيا، انهن جي مرمت اڃا سوڌو ناهي ٿي سگهي. اها مرمت گهڻو وقت اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، جيڪو ڪم اڃا هاڻي شروع ٿيو آهي. جڏهن اسان ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته اها بحالي رٿيل آدمشماريءَ سان ڪيترو ڳنڍيل آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجن اصلوڪن ماڳن تي ناهن، سوال اهو آهي ته اهي ڪيئن ڳڻجي سگهندا، ۽ جن جا گهر ئي ناهن بچايا، سي گهر شماري ڇاجي ڪرائيندا؟ پر سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چئي ٿو ته آدمشماريءَ تائين بحالي ممڪن ناهي. جيڪڏهن بحالي ممڪن ناهي ته ڪو اهڙو مڪينزم ضرور جڙڻ گهرجي ته جيئن ٻوڏ سبب دربدر ٿيل ماڻهو هن آدمشماريءَ ۾ ڳڻجي سگهن. يقينن ايئن ٿيڻ گهرجي، پر ان جو آسرو ان ڪري به گهٽ نظر ٿو اچي، جو جيڪا حڪومت اڃا مڪمل طور تي بند ناهي ٺهرائي سگهي، جيڪا حڪومت پاڻ چئي ٿي ته آبپاشي کاتي جي وس جي ڳالهه ڪونهي، ماڻهو پنهنجو بلو پاڻ ڪن، ان وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي، جو 5 اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر شماريءَ لاءِ ڪو طريقو ڳولي لهي، جنهن تحت متاثر ڳڻپ کان رهجي نه وڃن. اسان اهو به سمجهون ٿا ته جڏهن سنڌ سرڪار اهي چتاءَ پئي ڏئي ته اسان بي وس آهيون، ۽ آبپاشي ماهر چون پيا ٻوڏ ٻيهر ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي، تڏهن اهو سوچڻ گهرجي ته ٻوڏ اڃا آئي ته ڪونهي. جيڪڏهن ان جا امڪان آهن به ته ان ۾ اڃا چند مهينا بچن ٿا، ۽ اهي چند مهينا به تمام گهڻا آهن، جيڪڏهن ان اسپرٽ سان ڪم ڪجي ته سنڌ کي ايندڙ امڪاني ٻوڏ کان بچائڻو آهي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ذريعن جو هجڻ به لازمي آهي. ان سلسلي ۾ مرڪز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهو ڪردار پئسن ڏيڻ جي صورت ۾ به ٿيڻ گهرجي، ۽ ذريعن کي وڌائڻ جي صورت ۾ به ٿيڻ گهرجي. ڪاوش
جواب: هرڪو پاڻ ڄاڻي! ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔ بس ڙي ادا تون ته آهين ئي شهيدن جو اولاد انڪري سچ ڳالهائي سگهين ٿو، اسين ڪا شئي چئون ٿا ته ماڻهون چون ٿا ته ” پاڪستان دشمن” اسلام دشمن” وغيره وغيره ۔۔۔۔ اوهانجي هيٺ ڏنل ڳالهه مان ڪهڙو مطلب وٺجي ته پنجاب سان پيار سنڌ سان ٻه اکيائي ڇو؟ آهي ڪنهن پاڪستان سان پيار ڪندڙ وٽ ڪو جواب؟ ڇا سنڌ غريب ملڪ آهي، ان مان ڪا ڪمائي نٿي ملي ؟ ڇا پاڪستان پنجاب وارن ٺاهيو هو يا ڇا پاڪستان صرف پنجاب آهي؟