ٿر جي پوليس ڀاڳين کي ڪيئن چور بڻايو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ٿر سنڌ سدوري جو وارياسو پٽ جنهن جي مٽي صدين کان اڃايل ۽ هر ويل بادل جي اوسيئڙي ۾ خاموش صدا جو روپ ڌاري پنهنجن جھانگين، سانگين، سادن ۽ سٻاجھڙن ماروئڙن کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءَ ڏيندي دنيا جي نقشي تي قائم ۽ دائم آهي، ٿر جو ٻيو نالو ماروي جو ملڪ ملير آهي، ٿر ۾ جيڪڏهن مينهن نه پوي ته ٿر جي سڄي سونهن اداسي ۾ بدلجي ويندي آهي، واري سج جي گرم ڪرڻن سان تپي باھه ٿي ويندي آهي، چوپايو مال چارو ۽ پاڻي نه ملڻ جي ڪري مريو وڃي ٿو. اها ڳالھه ڪنهن زماني جي وڻندڙ ڏند ڪٿا جو وسريل باب بڻجي ويئي آهي ته ٿر جتي سک ۽ شانتي جا ابابيل اڏامن ٿا ، هاڻ ٿر جي سک ۽ شانتي کي ڪو نانگ سراپي ويو آهي، پنهنجي هيڏي ساري ڄمار ۾ وڏڙن کان هميشه محبتن جا همرچا ٻڌي، ٽوال ڪلهي تي رکي بيخوفي ۽ سڪون سان رمندا رهياسين پر اڄوڪو ٿر ڪنهن کنڀي جيان اڀري آيل مقامي سياستدانن، اڳواڻن، پٽيلن ۽ وائٽ ڪالر اڳواڻن جي اکين جي تاڪ ۾ ڄڻ ڪو شڪار بڻجي ويو آهي. عام طور تي ٿر ۾ جڏهن ڪا ننڍي وڏي اڻبڻت سامهون ايندي هئي، خاص ڪري وسڪاري ۾ ٻني جي اوڙ وڌائڻ، ٻني جي ڀيل يا وري کوھ جو وارو وارڻ پر اڄ مجموئي طور تي جتي ٿر بيٺل آهي اتي سڄي صورتحال تي سرسري نظر ڦيرائڻ سان پتو پوندو ته ڄڻ هاڻ ٿر به اتر سنڌ جي ضلعن جيان آهستي آهستي نسل پرستي، برادري تڪرار، انا پرستي ۽ سياسي منافقن جي ور چڙهي ويو آهي. هينئر تازو ڪجهه عرصي کان ٿر جي ڳوٺن مان چوپائي مال جي چوري ۽ چورن طرفان ڀنگ وٺي ڀاڳين کي مال واپس ڏيڻ معمول بڻيل آهي ۽ انهن چورن ۽ پاٿاريدارن جا ڀرجھلا علائقي جا مقامي پٽيل ۽ حڪومتي اهم اڳواڻ بڻيل آهن.وري اسان جي پوليس انهن جي ئي حڪم جي پابند بڻيل آهي انهن کي ڪير ڏوهاري ڪير ساڌ آهي، اهو ڪڏهن به نظر نٿو اچي

    ڪاوش
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٿر جي پوليس ڀاڳين کي ڪيئن چور بڻايو؟

    ادا اهو حال ته تقريبن ساري سنڌ جو آهي.
    اوهان ٻڌو هوندو ڪراچي روشنين جو شهر آهي اڄ اها ڳالهه نه آهي.
    الله اسان تي رحم ڪري اسان جا پنهنجا اعمال ئي ته آهن.
    وري ڏوه ڏيندا آهيون وڏيرن کي اسٽيبلشمنٽ کي غير ملڪي هٿن وغيره کي!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو