• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موهالي، ورلڊ ڪپ ، هندستان ۽ پاڪستان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
موهالي هندستان جي صوبي پنجاب جو شهر جتي 30 مارچ تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ورلڊ ڪپ 2011 جو سيمي فائنل کيڏيو ويندو۔ موهالي ۾ پاڪستان جو رڪارڊ بهترين رهيو خاص ڪري ون ڊي ۾ پاڪستان جي جيت جو تناسب 65 في صد آهي۔ موهالي ۾ ٿيندڙ ميچ جون ٽڪيٽون جن جي قيمت 10 هزار رپيا هئي اها هاڻي هڪ کان ٻن لکن ۾ وڪامجي رهي آهي۔ موهالي جا هوٽل بوڪ ٿي چڪا آهن۔ هندستان جي عام ماڻهو کان وٺي امير ترين ماڻهو، شوبز اسٽار، پارليامينٽيرين سڀ گرائونڊ ۾ ميچ ڏسڻ چاهين ٿا۔ ان کانسواء واگها بارڊر ذريعي پاڪستانين جو ڪجھ تعداد به ميچ ڏسڻ لاء موهالي پهتو آهي۔​

23jn1xc.png


موهالي جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستاني ٽيم کي به ڀارتي صدر جهڙي سيڪيورٽي ڏني وئي آهي۔ ڀارتي وزيراعظم من موهن سان گڏ ممڪن آهي ته پاڪستاني وزيراعظم به ميچ ڏسڻ وڃي تنهنڪري موهالي کي نو فلائي زون جي حيثيت ڏنل آهي۔ اسٽيڊيم لاء اندر 30 هزار ۽ ٻه هزار اهلڪار ٻاهران سيڪيورٽي سنڀاليندا۔​

zjjj37.jpg


ورلڊ ڪپ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته اڄ تائين پاڪستان هندستان کان هڪ ميچ به کٽي ناهي سگهيو پر موهالي جي صورتحال ان جي برعڪس ٻي آهي۔ هتي پاڪستان جي فتح جو تناسب 65 في صد آهي۔ پاڪستان هتي هندستان خلاف 321 رنسن جو ٽارگيٽ چيز ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔ پاڪستان موهالي ۾ هندستان خلاف ٻه ميچون پويان بيٽنگ ڪندي کٽيون آهن۔​

2ir9e2f.jpg


هوڏانهن هندستاني ٽيم کي جتي هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جو فائدو آهي اتي تمام گهڻو پريشر به اٿس. ٻئي طرف هندستاني ميڊيا لٺ ۽ چٺ وارو ڪم ڪري رهي آهي. هندستان کي پهريان ئي سيمي فائنل جو فاتح به قرار ڏئي ڇڏيو اٿن اتي اهو شوشو به اٿاريو اٿن ته هندستاني ٽيم جا ڪجھ رانديگر وڪامي ويا آهن. عمران خان هندستاني ٽيم کي مشورو ڏنو آهي ته اهي ميچ واري رات ننڊ جون گوريون کائن نه ته کين ننڊ ڪونه ايندي ۽ ٿڪاوٽ سبب هو پرفارمنس نه ڏئي سگهندا. ماهر ۽ تجزيه نگار هن ميچ کي نفسياتي جنگ جو درجو ڏين ٿا. ڊاڪٽرن پڻ دل ۽ بلڊ پريشر جي مريضن کي ميچ ڏسڻ کان روڪيو آهي.​
 
Back
Top