نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ جاپاني سياح ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي مان ائيرپورٽ لاءِ هڪ ٽئڪسيءَ ۾ اچي ويٺو، شارع فيصل تان گذرندي هڪ ڪار تمام تيزيءَ سان گذري وئي ته؛
جاپاني سياح رڙ ڪري چيو، واه واه ٽيوٽا ڪار ... جاپاني ڪار ... تمام تيز آهي.
ٿورڙو اڳتي هليا ته هڪ ٻي ڪار زرڙاٽ ڪندي گذري وئي، ته جاپاني سياح رڙ ڪري چيو واه واه ... نسان ڪار ... جاپاني ڪار ... تمام تيز آهي.
وري ڪجه فاصلو اڳتي وڌيا ته هڪ ٻي ڪار اصل هوا سان ڳالهيون ڪندي گذري وئي ته جاپاني سياح وري رڙ ڪري چيو، واه واه، متوسوبيشي ڪار .... تمام تيز آهي.
ٽئڪسي ڊرائير جيڪو پڪو پٺاڻ هو تنهنکي اصل ڳالهه مزو ئي نه پئي ڏنو ۽ جاپانيءَ جي انهن ڳالهين تي وٽ کائي رهيو ۽ اڃان اسٽار گيٽ کان اڳيان ائرپورٽ ڏانهن ٿي لڙيا ته هڪ ٻي ڪار اچي لنگهي، ته وري جاپانيءَ رڙ ڪئي ، واه واه، هنڊا ڪار، جاپاني ڪار ... تمام تيز آهي.
جڏهن ٽئڪسي اچي ايئرپورٽ تي بيٺي ۽ جاپانيءَ ٽئڪسيءَ جي ميٽر ڏي نظر وڌي ته کيس 500 جو انگ نظر آيو، پڇا ڪيائين ته هي ايترا پئسا ڇو، 300 روپين جي جاءِ تي 500 !!!!!
ٽئڪسيءَ واري چيو، واه واه ٽئڪسي ميٽر، پاڪستاني ميٽر ... تمام تيز آهي ...