TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
سنڌ جا قرآن مجيد جا خادم
مفتي ڪليم الله ليغاري_ ڪراچي
قاري ملا حڪيم سنڌي:
سنڌ جو رهاڪو هو، جيد قاري هو، سال 988 هجري ۾ پاڻ برهانپور پهتو، جلد شهرت ملڪن ماڳن پهتي، تجويد، قرائت جو درس ڏيندو هو. الله جي مزلوق کانئس قرائت سکي فيضياب ٿي. انهن مان مشهور حافظ قاري جند الله برهانپوري هو. (تذڪره قاريان هند ج 2 ص 134 ف 514)
شيرازين جو هڪ مشهور خاندان پنهنجو وطن ڇڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو. سيد فعفر شيرازي سنڌ ۾ ڄائو، پنهنجي پيءُ کان علوم پڙهيو سنڌ کان اچي ڪجهه عرصو پٽنا (هندستان) ۾ ترسيو پوءِ احمد آباد آيو. قطب عالم سان عقيدت ٿي وئي انهيءَ جي صحبت ۾ رهي کانئن اجازت ورتائين، قاري شيخ عبداللطيف جي مدرسي ۾ قرائت سبعه پڙهيو ۽ درس، تدريس ۾ لڳو رهيو احمد آباد ۾ فوت ٿيو. (تذڪره قاريان هند ج 2 ص 118 ف 474)