ڏي ٿو پر کنگهائي!
ڪتاب وتائي فقير تان ورتل
ڇپائيندڙ : سنڌي ادبي بورڊ
هڪ ڀيري وتايي فقير کي خيال آيو ته روزي رب ٿو ڏي جو رزاق آهي ۽ ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو اٿس. پوءِ ڇونه کڻي پاڻ پرک وٺجي. رڳو ماڻهن جي چوڻ تي اعتبار ڪري ڇو ويهجي. اهو خيال ڪري ڳوٺ کان ٻاهر نڪري هڪڙي جهنگ ۾ هڪڙي وڏي گهاٽي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. دل ۾ چيائين جي رزاق آهي ته پاڻهي اتي روزي رسائيندو.
هڪڙو ڏينهن گذريو، ٻيو ڏينهن گذريو ته فقير جو حال هيڻو ٿيڻ لڳو. هاڻ ٻُڏتر ۾ اچي ويو ته لهي وڃي ڪٿان ٽُڪر گُهري کائي يا اڃان به ڏسي ته ڇا ٿو ٿئي؟ اوچتو ڊنبلو ماڻهن جو اتي وڻ هيٺان اچي لٿو، جيڪي شڪار ڪري آيا هئا. پوءِ يڪدم اتي ئي ديڳڙا ڪڍي شڪار ٿيل هرڻ کي سيخ ڪيائون ۽ قورمو ٺاهيائون. رڌي پچائي واندا ٿيا ته انهن جي سردار چيو ته هُو پريان جهڳيون پيون ڏسجن، انهن ۾ ضرور ڪي غريب ماڻهو رهندا هوندا. منهنجو خيال آهي ته هڪڙي پاٽ ڀري انهن کي خدا ڪارڻ ڏئي اچو ته کائي دعا ڪن. بورچيءَ ماني وڌائي قورما ڪباب برياني مٿان رکي هڪڙي ماڻهوءَ جي مٿي تي پاٽ رکي.
جڏهن هو هلڻ وارو ٿيو ته وتايي ڏٺو ته کاڌو ته هاڻ هٿن مان ٿو وڃي. سو مٿان وڻ تي کنگهڪارون ڪرڻ لڳو. ماڻهو ڏٺو ته هڪڙو غريب مٿي ويٺو آهي، هنن سمجهيو ته ڪو ڪاٺير آهي. سو سڏي چيائونس ته فقير هيٺ لهي اچي کاءُ. وتايو هيٺ لهي آيو سڃاتائونس ته هيءُ ته وتايو فقير آهي. چيائونس فقير اتي ڇا ويٺو ڪرين؟ چيائين ته الله جو آزمودو ٿي ڪيم ته روزي ڪيئن ٿو رسائي؟ ڏي ٿو پر کنگهائي ٿو ڏي. جي نه کنگهان ها ته شايد اها پاٽ ٻئي هنڌ هلي وڃي ها، ائين چئي کائڻ کي لڳي ويو.