دوستو، هي سنڌجي ٿر جون ڪجه تصويرون آهن ... گهمي دل کي آٿت ڏيندا، پئسا ناهن ته ڪا ڳالهه ناهي، هنن تصويرن مان ئي ٿر جي ثقافت ۽ علائقي گهمڻ جو مزو ماڻيو ... باقي اڃان بارش جي موسم وارن فوٽن جو اڃان انتظار آهي ...
لاجواب شيئرنگ آهي ادا سائين shabashshabashshabashshabashshabashshabash shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
نثار ابڙو صاحب اوهان جي موڪليل تحرير ۾ ٿر جي تصويرن جي زيارت ڪئي سين۔۔۔۔ سڇ پڇو ته منهنجي اکين اڳيان ننگر پارڪر جو ڪارونجهر جبل تري آيو۔۔۔۔ جتي مان پنهنجي سروس جو ڪجهه عرصو اتي به گذاريو آهي۔۔۔۔۔ سائين نثار ابڙو صاحب مون تقريبا سنڌ پوري گهمي آهي پر مونکان ٿر جون راتيون نه وسرنديون آهن جون جولاءِ مهيني ۾ به اسان مٿان رلي يا گرم چادر وجهي سمهندا هئاسين ۽ نيٺ وڏي عثر اندر ڪمري ۾ وڃڻ تي مجبور ٿي پوندو هئس۔۔۔۔۔ مان ته ائين ئي چوندس ته ٿر جي راتين جهڙيون راتيون مون ڪٿي نه ڏٺيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
تمام بهترين تصويرون آهن جنت نما ٿر جون، چند مهينا پهرين مان ڀي تنظيمي سلسلي ۾ ٿر ويو هُئس مُنهنجي پهرين ياترا هُئي ٿر وڃڻ جي مونکي ته ٿر بغير وسڪاري جي ئي تمام پيارو لڳو، مونکي مٺيءَ جو شهر ته ايترو وڻيو جو لفظن ۾ ان جي خوبصورتي بيان ڪرڻ مُنهنجي وس کان ٻاهر آهي۔ جيئن ته هينئر وسڪاري جي موسم آهي، مارو ماڻهو همرچن وارا گيت ۽ سُر سارنگ ڳائي وسڪاري جو مزو وٺي رهيا آهن ڪافي دوستن جون دعوتون ملي رهيون آهن ٿر گهمڻ جون پر اڃان شايد وسڪاري ۾ ٿر گهمڻ اسان جي نصيب ۾ ڪونهي۔ مون وٽ به ڪجهه حسين ٿر جون ڪجهه تصويرون آهن ادا نثار ابڙي سان گڏ مان ڀي شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان توهان سان۔
واه ادا توهان ته اسان جو دل که هڪ وري نئي اسٽائيل سان خوش ڪري ڇڏيو توهان جهڙي دوستن کان ته سند سلامت آهي جيئي سند جيئي سندسلامت