شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان
    محمد سليمان وساڻ

    اڄ 28 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ پنهنجي وقت جي رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسي جو ڏينهن آهي۔ سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو۔ شروع ۾ ئي سندس لاڙو ملھ طرف هو ۽ سندس والدين به کيس کير مکڻ کارائي اصل پهلوان ڪري ڇڏيو۔ هن ملھ جي شروعات ته پنهنجي تر کان ڪئي پر باقائده نالو ان وقت نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ ٿيل ملاکڙي کانپوء ڪڍرايوجنهن ۾ هن پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوانن اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پهريون انعام کٽيو۔

    شير ميربحر ٽن ڏهاڪن تائين ملاکڙي جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي زير ڪري رستمِ سنڌ جو اعزاز پاڻ وٽ رکيو۔ هن ملڪي پهلوانن کي ته ملاکڙي جي ميدان ۾ زير ڪيو پر 1962ع ۾ هالا ۾ ٿيندڙ دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ شير سنڌ جو لقب حاصل ڪيو، هن ملاکڙي جو اهتمام مخدوم محمد الزمان طالب المولى ڪيو . ٻيو مقابلو هندوستان جي گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن کي پڻ شڪست ڏنائين. ان کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي پهلوان آسٽن جيري کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هڪ ٻيو يادگار مقابلو خيرپور ميرس ۾ ٿيو جيڪو صدر ايوب خان ۽ والي رياست مير مراد علي خان پڻ ڏٺو. ان ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر افغانستان جي پهلوان قطب خان سميت ٽن پهلوانن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي ايوب خان کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته شير واقعي شير آهي.

    شهيد ذوالفقار ڀٽو سندس خدمتن کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. پر 1977ع ۾ عوامي حڪومتن کي ختم ڪندڙ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جي بحال ڪيو ويو.

    سڄي عمر پهلوانن سان مقابلو ڪندڙ هي شير آخرڪار 1984 ۾ بڪين جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو. 28 ماچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر ۾ آهي.

    حواله:

    وڪي پيڊيه ويب
    شيعه دوست ڊاٽ ڪام
    سنڌ ساگر آف جوکيو ويب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    ادا تمام معلوماتي ونڊ آهي سنڌ ڌرتي جي تاريخ ٻڌائي ٿي هن ڌرتي هر دور ۾ هر شعبي سان وابسته مهان هستيون پيدا ڪيون آهن ضرورت ان ڳاله جي آهي ته هن ڌرتي جي تاريخ جو مطالعو ڪري انهن هستين جي زندگي کان سبق حاصل ڪريون. الله اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري آمين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    هن وقت سنڌ ۾ راندين جي حالت به سنڌي قوم جهڙي ئي آهي، سنڌ جون ثقافتي رانديون، جن ۾ ملهه، ڏاندن جي گوءِ، ڪوڏي ڪوڏي يا ٻيون رانديون زوال پذير آهن ۔۔۔ نه ته حڪومتي سطح تي ڪي ادارا آهن ۽ نه ئي وري خانگي سطح تي ڪي ادارا آهن جو راندين جي واڌ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندا هجن ۔۔۔

    شابس آهي سنڌ جي انهن پهلوانن ۽ کلاڙين کي جو بک ڏک تي به پنهنجي ثقافت کي جيئرو رکندا اچن ۔۔۔

    هن وقت دنيا جون سڀ قومون پنهنجي قوم کي صحتمند رکڻ لاءِ مختلف جتن پيون ڪن ۽ دنيا ڀر جي راندين مان مستفيض پيون ٿين ۔۔۔ جن ۾ ڪرڪيٽ کان وٺي فٽبال تائين ۽ ملهه کان وٺي ريسلنگ تائين، باڪسنگ کان وٺي باڊي بلڊنگ تائين ۔۔۔ مطلب ته سڀ رانديون تمام اهم آهن ۽ قومي نوجوانن جي صحت ۽ تندرستيءَ سان گڏ و گڏ قومن جي مشهوري ۽ ناڻي ڪمائڻ جو ڪارڻ پڻ ٿين ٿيون ۔۔۔ پر افسوس سنڌ ان معاملي ۾ تمام پوئتي به نه چئجي ڪاٽو حالت ۾ آهي ۔۔۔

    روئڻ روئجي ته ڪنهنجي آڏو روئجي ؟؟؟؟ اهو هڪ اهم سوال آهي ۔۔۔

    واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    هر ڀيري سائين وساڻ صاحب نئون موضوع کڻي حاضر ٿيندو آهي
    ان مان اسانکي گهڻي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي
    تمام بهترين ونڊ
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    بهترين ونڊ آهي ادا .
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    ادا ابو جواد مهرباني

    بلڪل سنڌ اهڙيون مهان هستيون پيدا ڪيون آهن پر افسوس جو ڪاله ان ماڻهو لاء جنهن 32 سالن تائين رستم سنڌ جو اعزاز پاڻ وٽ رکيو ان کي ياد ڪرڻ لاء ڪو پروگرام يا ڪا ڀيٽا ڏئي نه سگهياسين
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسيء جي موقعي تي اڄ ٻيهر کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شير ميربحر - رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان

    [​IMG]

    ملهه ته شير ميربحر

    [JUSTIFY]”راند ته ملهه ۽ ملهه ته شير ميربحر“ هيءَ چواڻي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ان وقت مشهور ٿي هئي جڏهن ليمن ۽ انبن جي باغن جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ ساهتي پرڳڻي جي تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسوديري ۾ جنم وٺندڙ نوجوان شير ميربحر سنڌ جي روايتي راند ملهه ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ مان اڀري آيل هن نوجوان نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين سنڌ جي راند ملهه کي متعارف ڪرايو.

    هن نوجوان کي دنيا اڄ به ”رستم سنڌ“ شيرميربحر جي نالي سان ياد ڪري ٿي. ان دور جا حال حيات جهونا اڄ به شير جي ساروڻين کي ساري پاڻ کي جوان محسوس ڪن ٿا جڏهن نئون ديرو ۾ ملهه راند جي شوقين زوار در محمد مير بحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾ ان وقت جي بظاهر سيکڙاٽ هن نوجوان ملهه چئن نامور پهلوانن لال محمد ڦل، احمد لوهر، اقبال جوڳي ۽ پنجل مهر کي شڪست ڏني، وري هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ پاران ڪرايل هالا دنگل ۾ چيڪوسلاويا جي پهلوان زيبسڪو کي زبردست شڪست ڏئي شير ميربحر دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو ته اسين هر دنگل کٽي سگهون ٿا، ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل بين الاقوامي ملاکڙي۾ شير ميربحر هندوستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي شڪست ڏني، لکي محل خيرپور ميرس ۾ هڪ ٻئي يادگار ملاکڙي جنهن ۾ ملڪ جو تڏهوڪو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ اڳوڻو والي رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپور موجود هئا، اتي شير جي ڏات کي ڏسي صدر ايوب خان چيو هو ته ”شير واقعي شير آهي“.

    شير ميربحر ڪراچي جي نيشنل اسٽڊيم ۾ ٿيل هڪ ٻئي دنگل ۾ آسٽريليا جي پهلوان آسٽن کي ٻئي ملهون ماري ملڪ جو نالو روشن ڪيو، ان دنگل جي ڪامينٽري ريڊيو پاڪستان تان سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي هئي، شير ميربحر جي خدمتن کي سامهون رکندي عوامي دور جي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع ۾ کيس ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو جنهن دوران هو سيکڙاٽ ۽ نوجوان رانديگرن کي سکيا ڏيندو هو۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ ملاکڙن جي نگراني ڪندو هو.

    1984ع ۾ جڏهن سنڌ جو هي املهه ماڻڪ بڪين جي بيماري سبب اسپتال داخل ٿيو ته ان وقت جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس سهائتا ڪرڻ بجاءِ الٽو سندس قومي ڪوچ واري نوڪري به ختم ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران ملندڙ وظيفو به بند ڪري ڇڏيو، 21 جون 1924ع تي فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شير ميربحر 28 مارچ 1985ع تي انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ اسان کان هميشهه لاءِ جدا ٿي ويو.

    سڀاڻي رستم سنڌ شير ميربحر جي 27هين ورسي ملهائي پئي وڃي، اسين جمهوري حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سندس خدمتن کي سامهون رکندي ڀٽ شاهه ۾ ٺهيل ملاکڙا اسٽڊيم جو نالو ”شيرميربحر” اسٽڊيم رکيووڃي، ڀٽائي ۽ قلندر شهباز جي ميلن ۾ ٿيندڙ ساليانه ملاکڙن ۾ ملهه پهلوانن کي ”شير ميربحر“ ايوارڊ ڏنا وڃن، پهلوان شير ميربحر جي يادگار تعمير ڪرائي وڃي، شير ميربحر جي ورسي هر سال سرڪاري طور ملهائي وڃي ۽ کيس (بعد وفات) صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي.
    [/JUSTIFY]

    وفا شر قادري
    عوامي آواز تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ملهه سنڌي جي قومي ۽ ثقافتي راند آهي۔ پر افسوس جو وقت سان گڏ اسان جي هن راند کي ترقي نه ملڻ ۽ پهلوانن جي واهر نه ڪرڻ سبب هي راند پنهنجو حسن وڃائي رهي آهي۔ ثقافتي راند ملهه يا ملاکڙي جي پنهنجي دور جي تمام وڏي پهلوان، رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوڀ ميگزين ۾ ڇپيل ليک جو عڪس

    [​IMG]
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  12. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    مشهور پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر جي 28 مارچ تي 32 ورسي
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سر زمين سنڌ دنيا جو قديم زماني کان وٺي اهو عظيم خطو آهي جتي ڪيترن ئي مانجهي مڙسن ،باڪمال انسانن کي وقت به وقت جنم ڏيندي پئي اچي اهڙن مانجهي مڙسن جي صف ۾ سنڌ جي سر سبز اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز جي باغن واري علائقي جي تعلقي ڪنڊياري جي هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺ موسو ديرو جي معزز شخصيت ۽ ٻيلي کاتي جي عملدار (فاريسٽ آفيسر ) علي محمد ميربحر جي گهر ڌرتي جي وڏي ڏينهن 21 جون سال 1924ع ڇنڇر جي صبح ٿڌڙي هير هوا ۾ شير مير بحر جنم ورتو سندس اصل ڇٺي جو نالو (علي شير مير بحر) هوهن جي والد صاحب کي اهيا سڌ نه هئي ته هي منهنجو اکين جو ٺار پٽ عالمي شهرت کي ڇوهيندو ، شير مير بحر جي تربيت ننڍي هوندي زبردست اعلي نموني جي ڪئي وئي سندس والد ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ کان مالڪن کي جواب ڏنائين سندس وڌيڪ پڙهڻ کان دل نه لڳس سندس لاڙو ملهه راند کيڏڻ طرف ٿيس بس پوءِ جتي ملاکڙي جو ٻڌندو هو اتي وڃي ملهه کيڏي ڪيترن ئي پهلوانن کي دسي پيو انعام ۽ اڪرام حاصل ڪندو هو سندس پي ، ماءَ به کير مکڻ کارائي واقعي ملهه پهلوان جهڙو جوان بڻايو هو . شير مير بحر جو شروعاتي ملهه جو مقابلو سنڌ جي تمام ناليوارن ملهه پهلوانن اقبال جوڳي ، احمد لوهر ، پنڃل مهر ، ۽ لعل محمد ڦل، هنڊال مڪراني سان نئون ديرو (لاڙڪاڻي) ۾ پهلوان الهجڙيو سمون طرفان ڪرايل مقابلي منجهه ٿيو هن شير هر انگ سان سڀني پهلونن کي هڪ دس ڪري پنهنجي فن جا سڀ گر استعال ڪندي مقابلي مٿان مقابلو کٽي شوقينن کان پرستارن کان داد ۽ انعام حاصل ڪيو ۽ پنڊال ۾ واهه شير واهه جا هوڪرا لڳي ويا . انهي ئي زماني ان مقابلي کان پوءِ ستت ئي سڄي سنڌ جي ملهه پهلوانن ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرائي زبردست مشهوري ماڻي . علي شير مير بحر شاگرد ٿي ملهه جا سڀ انگ سنڌ جي ڏاهي ملهه پهلون استاد محمد لقمان خشڪ ڪنڊياري واري کان سکيا تنهن بعد هو ان شوق کي وڌيڪ مضبوط طريقي سان اپنائيندي مشهور استاد محمد اسماعيل بڙدي کان به تربيت جا انگ سکي ٻين ملهه پهلوانن کي پئي هر ڀيري مات ڏني جهڙو هو پاڻ شير تهڙا سندس استاد مليا هن سکڻ واري پورهي مان هٿ نه ڪڍيو شڪارپوري وڃي لا لا علي نواز خان پٺاڻ شڪارپوري وٽ ترسي سڀ ملهه جا انگ هٿ ڪري سکي رنگجي ريٽو ٿيو . سندس ڪيترن ئي پهلوانن زور آزمايا مڱر مجال جو هن شير مير بحر کي ڪو ملهه پهلون شڪست ڏئي . سندس ٿورڙي عرصي ۾ ملڪان ملڪ مشهور ٿي معتبر پهلون ۽ (رستم سنڌ ) جو اعزاز سان سڏجڻ لڳو هن شير مير بحر سنڌ کان علاوه پنجاب جي مشهور (ڀولو پهلوان ) سان ميرپورخاص جي ملاکڙي ۾ ان زماني جي ڊپٽي ڪمشنر ڪئپٽن محمد عثمان علي عيساڻي اتي موجود هو شير مير بحر جو ڀولوپهلوان سان مقابلو ڏٺو جنهن ۾ شير مير بحر ڀلو پهلون کي زبردست شڪست ڏني اتي ڊپٽي ڪمشنر داد ڏيندي چيو ته منهنجو (يڪو پهلوان) ئي ڪافي آ تنهن بعد شير مير بحر جو مقابلو ٻاهرين ملڪن جي پهلونن سان ٿيڻ شروع ٿي ويو هن بين الا قوامي سطح تي سال 1962ع ڌاري سونهار سنڌ جي ثقافتي رنگن واري شهر هالا ۾ جناب مخدوم محمد زمان طالب المولي جي ميزباني هيٺ ٿيل ملهه مقابلي منجهه چيڪو سلاويه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي بري شڪست ڏئي پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪيو هر طرف واهه شير واهه جا نعرا نروار ٿي ويا ۽ سندس ٻيو زبردست مقابلو سال 1963ع ۾ انڊيا جي ملهه پهلون گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد سنڌ ٿيو جتي هن مخالف ملڪ هندستان جي پهلون سان مقابلو ڪري حوصلا ۽ هوش حواس ختم ڪري ملڪ جو مان مٿاهنون ڪري تاريخي شڪست جو سبق سيکاريو . هندستان جو ٽائيگر پهلون گرنام سنگهه ڦهه ڪري ڪري پيو سندس پاڪستانين شير مير بحر جي ان مقابلي ۾ وڏي حوصلا افزائي پڻ ڪئي ۽ وڏو داد مليس پوءِ ته شير ميربحر هميشه لاءِ (شير سنڌ) جو خطاب لقب سان نوازيو ويو تنهن بعد شير دنيا جي ٻين ملڪن جي پهلوانن سان ملهه جا ڪندو رهيو ۽ مقابلا کٽيندو رهيو هن آسٽريليا جي پهلوان (آسٽن)کي به سخت شڪست ڏئي پاڻ مڃرايو هو علي شير مير بحر جو هڪ تاريخي ۽ يادگار مقابلو رياست خيرپور ۾ (لکي بنگلي ) ۾ پڻ ٿيو جتي ملڪ پياري پا ڪستان جي ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ۽ سابق والي رياست مير مراد علي خان ٽالپور گڏجي ان ملاکڙي کي ڏٺو جتي شير مير بحر جو مقابلو افغنستان ملڪ جي ملهه پهلوان قطب خان سان گڏ ٽن پهلوانن سان ٿيو جتي هر ڀيري شير ميربحر مقابلي جو فاتح ٿيو ۽ ٻاهرين ملڪن جي پهلوانن کي پنهنجي طاقت ۽ فن سان واهه جو شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ جو نالو ۽ مان مٿاهون ڪرايو اتي موجود ان مقابلي کي ڏسندڙ ملڪ جي صدر اٿي بيهي داد ۾ شير ميربحر لاءِ تاڙيون وڄايون ۽ سندس انعام ۽ داد ڏيندي شير مير بحر سان هٿ ملائي مخاطب ٿي چيو ته شير واقعي شير هي (اردو ۾ ) ۽ سنڌي ۾ ( شير واقعي تون شير آهين ) جي لفظن سان همت افزائي ڪئي اهي لفظ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن شير مير بحر زندگي جا مسلسل 30 سال پهلواني جا زور آزمائيندو رهيو ۽ ڪڏهن به شڪست نه کاڌائين شير مير بحر هميشه هن راند جي خدمت ڪندي گذاري شير مير بحر جي هن فن کي داد ۽

    مڃتا ڏيندي عو امي ليڊر شهيد ذوالفقارعلي خان ڀٽو صاحب پنهنجي دوري حڪومت سال 1974ع ڌاري شير مير بحر کي ملهه راند جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو سنڌي ثقافت جي هن مانجهي مڙس جڏهن به سنڌي پٽڪو ۽ ڪلهن تي اجرڪ رکي وڏي هشمت واري چهري ۽ پوري پني قد سان راند جو زور آزمائيدو هو ته ماڻهن جا هجوم لڳي ويندا هئا چوندا آهن ته وقت بادشاهه آ هن ملهه پهلوان جي بادشاهي جو زور سندس بيڪين (گڙدن ) جي اوچتو بيماري سال 1984 ع ڌاري هن طاقتور مڙس کي بيماري جي بستري تي سمهاري ڇڏيو بڪين جي عارضي سبب سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيو ته اوچتو پاڪستان اسپورٽس بورڊ سندس مدد (سهائتا) ڪرڻ بجاءِ کيس قومي ڪوچ واري اهم عهدي جو بار هلڪو ڪري هٽائي ڇڏيو افسوس جو سڄي عمر هن راند ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ۾ گذاري مڱر ان زماني جي حڪومت سندس بيماري واري حالت ۾ نوڪري به ختم ڪري سندس دل آزاري ڪئي پاڻ آخرڪار بيماري جي راڪاس کي منهن ڏيندو آيو سندس اوچتو طبيت وڌيڪ خراب ٿي پئي ڊاڪٽرن زندگي بچائڻ جون سموريون ڪوششون ڪتب آنديو مڱر زندگي بي وفا آهي زندگي جئين جو سهارو نيٺ 28 مارچ 1985ع خميس ڏينهن 60 سال 9 مهينا 7 ڏينهن گذاري زندگي ۽ طاقت جا سڀ فن بند ڪري اسان کان هميشه لائي موڪلائي راهه رباني ٿي ويو سندس آخري آرمگاهه ڪنڊياري جي محبت ديرو لڳ ناٿن شاهه قبرستان منجهه آهي اڄ 28 مارچ تي سندس جي 32 ورسي ملهائي ويندي حڪومت سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي اعلي عملدارن ۽ منشر کي منهنجي نماڻي گذارش ته اهڙين عظيم شخصيتن جي ورسي ثقافت کاتي کي پاڻ مرادو ملهائڻ گهرجي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو