بينظير لياري ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]بينظير لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ڪراچي لاءِ 88 ۽ باقي سنڌ لاءِ رڳو 12 سيٽون مخصوص، ٽيسٽ دوران احتجاج، ڌرڻو

    حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) شهيد بينظير جي نالي سان قائم لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪراچي شهر کي 88 ۽ سنڌ جي باقي 22 ضلعن لاءِ صرف 12 سيٽون رکيون ويون، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزن جي 6 سيٽن لاءِ 2000 جي لڳ ڀڳ اميدوار ٽيسٽ لاءِ پهتا، سيٽون گهٽ هجڻ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان، رپورٽن موجب لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جي پهرين سيشن لاءِ ڪالهه پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، ان ڏس ۾ ڄاڻ موجب 100 ميرٽ ۽ 10 سيلف فنانس سيٽن واري لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪراچي لاءِ 88 سيٽون، جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ضلعن لاءِ صرف 3-3 سيٽون رکيون ويون، جڏهن ته سيلف فنانس جون اعلانيل 10 سيٽون به صرف ڪراچي واسي شاگردن لاءِ مختص ڪيون ويون آهن، جنهن لاءِ سنڌ جي 22 ضلعن جي اميدوارن کان ڪا به ٽيسٽ نه ورتي وئي، ڄاڻ موجب 3-3 سيٽن لاءِ به رٿيل ٽيسٽ سينٽرن تي سوين اميدوار پهتا، اين ٽي ايس معرفت ورتل ٽيسٽ لطيف آباد جي آٽو ڀان روڊ تي هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ريجن جي ضلعي جي 2000 کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اميدوارن کي فارم جمع ڪرائڻ باوجود ٽيسٽ واري ڏينهن ئي ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويا، سوين اميدوارن کي قطارن ۾ بيهاري کين واري واري سان ايڊمٽ ڪارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته پراسپيڪٽس ۾فوٽو آڻڻ جو اطلاع نه ڏيڻ باوجود اوچتو اميدوارن کان ڦوٽو گهريا ويا، جنهن تان عملي ۽ اميدوارن ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي، جڏهن ته اڪثر اميدوارن سان پنهنجا والدين ۽ مٽ مائٽ گڏ آيل هئا، جيڪي ڪلاڪن تائين روڊن تي انتظار ڪندا رهيا، ٽيسٽ ۾ ٿيل بدنظمي ۽ گهٽ سيٽون ڏيڻ تي اميدوارن مڇرجي مظاهرو ڪيو، سوين اميدوارن آٽو ڀان روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ بلاڪ ٿي وئي، ان موقعي تي اميدوارن ۽ ساڻن گڏ آيل عزيزن رضوان رند، ڊگهڙي جي ڌرمينڌر ڪمار، مٺي جي رابيش مهيشوري ۽ ٻين ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ قائم ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سمورن ضلعن جي چڱي خاصي ڪوٽا آهي پر هاڻ هڪ سازش تحت رڳو ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته سيلف فنانس جي 10 سيٽن تي سڄي سنڌ جو حق هئڻ گهرجي، حيدرآباد ريجن جي 7 ضلعن لاءِ 7 ته ٺهيو پر صرف 3 سيٽون آهن، هنن چيو ته اسان اهڙي ناانصافي خلاف پٽيشن داخل ڪرائينداسين
    [/justify]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: بينظير لياري ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي

    ناانصافي آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو