• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بغير ڪنهن سافٽويئر جي پنهنجيون وڊيوز بڻايو ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه ڪمپيوٽر تي ويهندڙ دوست يوٽيوب کي گهڻو ڏسندو آهي۔۔۔ ڪي وري وڊيوز بڻائيڻ جا ڪافي شوقين هوندا آهن ۽ اهڙيون وڊيوز پنهنجي يوٽيوب چينل تي به سجائيندا رهندا آهن۔۔۔۔ هوئن ته اهڙا ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ اڪثر پنهنجي پي سي ۾ يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو يا وري مووي ميڪر جهڙا سافٽويئر رکندا ئي آهي پر اڄ انهن سميت سمورن رڪنن کي سيکاربو ته توهان بغير سافٽويئر جي وڊيو ڪيئن بڻائيندو ۔۔۔۔
دوستو ۔۔۔ تازو يوٽيوب وارن پنهنجي ڊيٽا بيس کي اپگريڊ ڪرڻ سان گڏو گڏ وڊيو بڻائيندڙ شوقينن لاءِ وڊيو بڻائي يوٽيوب تي اپلوڊ ڪرڻ جو هڪ بهترين انتظام ڪيو آهي ۽ انهن ٽن بهترين آن لائين وڊيوز ٺاهڻ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽس سان معاهدو ڪندي انهن جا ٽولز پنهنجي سائيٽ تي رکيا آهن ۔۔۔ اهي مووي بڻائيندڙ سائيٽس آهن Xtranormal Movie Maker, Stupeflix Movie Maker and GoAnimate ۔۔۔۔۔

2v30ps1.jpg

ته هاڻي اهڙا شوقين پنهنجي شوق کي آن لائين ئي پورو ڪري سگهن ٿا۔۔۔ هنن ٽنهي ٽولز مان پنهنجي پسند جي ٽول کي استعمال ڪندي وڊيو بڻايو جنهن ۾ پنهنجي تصويرن، موويز کي ترميم ڪندي آواز تبديل ڪيو يا وري زبردست اينيميشن ڏيندي بڻايو هاءِ ڊيفينيشن وڊيوز جنهن کي اتي جو اتي يوٽيوب تي اپلوڊ ڪرڻ جي تڪڙي سهولت پڻ ۔۔۔ بس ان لاءِ توهان کي يوٽيوب يا وري گوگل جو کاتو هجڻ ضروري آهي۔۔۔

يوٽيوب وارن جو چوڻ آهي ته توهان آرام سان پنهنجا فوٽو، ڪلپس استعمال ڪندي سيڪنڊن ۾ سلائيڊ شوز ۽ منٽن ۾ وڊيوز بڻائي سگهو ٿا۔۔۔ پوءِ ڇو نه هڪ دفعو توهان به آزمايو ۔۔۔
ته پوءِ وزٽ ڪيو يوٽيوب جو لنڪ۔۔۔

يا وري ڊائريڪٽ سائيٽ جي لنڪ تي وڃڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪريو۔۔۔
 
جواب: بغير ڪنهن سافٽويئر جي پنهنجيون وڊيوز بڻايو ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔

ادا ٽرائي ڪيون ٿا جاني ڏسون ٿا ان جي لٻاڙ سهي آهي يا نه ۔ بحرحال اڳواٽ اوهان کي واه واه چئي ٿا ڇڏيون ۽ هڪڙي تاڙي به وڄائي ٿا ڇيڏن ڇا ياد ڪندو ۔۔۔۔
 
جواب: بغير ڪنهن سافٽويئر جي پنهنجيون وڊيوز بڻايو ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔

مهرباني ادا رشيد

لاجواب ونڊ۔ گهنن ڏينهن کان ان قسم جي شيئرنگ ڪانه پي ٿي ۔ ان جو سبب اوهان جو موڪل تي ڳوٺ وڃڻ به هو۔ اوهان جي اچڻ سان هاڻي هر روز هڪ نئين شيئرنگ ملندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر يار لائيٽ اسان جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڪو ڪم ئي ڪونه ٿو ٿي۔
 
جواب: بغير ڪنهن سافٽويئر جي پنهنجيون وڊيوز بڻايو ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔

مطلب ته هاڻ آ پنهنجيون پريزينٽيشنس وڊيو جي صورت ۾ ونڊ ڪري سگهانٿو يا اڃان اوهانجي مدد وٺڻي پوندي ۔۔۔ پاڻ انهن ڪمپيوٽر وارن ڪمن ۾ اصل اهڙا آهيون جهڙا مني بس جا ڊرائيور، ايڪسليٽر تي پير ضرور هوندو آهي ۽ خيال آسمان تي هوندا آهن ۔۔۔

خئير ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي ۔۔۔ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي۔؟

لک ٿورا مفت جي ونڊ جا ۔۔۔ علي پوڙهو مفت جون مانيون کائي اوڳرائي ڪون ڏئي انڪري ان مفت جي سوفٽ ويئر تي سندس اک ئي ڪون ٿي ٻڏي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: بغير ڪنهن سافٽويئر جي پنهنجيون وڊيوز بڻايو ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔

واهه سائين واهه زبردست.
 
Back
Top