• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بدين ۾ صحت کاتي جي پت وائکي، همراهه جا چار ٻار پوليو ۾ مبتلا

پسر شهيد

سينيئر رڪن
دين (ڊ ر) بدين جي سامونڊي پٽي جي ڳوٺ بادي پور ۾ پورهيت انور ملاح جا چار معصوم ٻارڙا 8 سالن جو غلام حسين 10 سال جي نازيه، 4 سالن جو صدام حسين ۽ ٻن سالن جو شهباز پوليو جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سندن پيءُ انور صحافين کي ٻڌايو ته بدين جي ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي سميت ڪنهن به سول سوسائٽي جي ماڻهو سندس سار نه لڌي آهي. هن غربت سبب گهر جو سامان وڪرو ڪري ٻارڙن جو علاج ڪرايو آهي، پر ڪو به فائدو نه ٿيو آهي. هن اعليٰ اختيارين ۽ سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سندس ٻارڙن جي علاج لاءِ سندس مدد ڪئي وڃي.


عوامي نيوز
 
Back
Top