ڪرڪيٽ جي پسمنظر ۾ ٿيندڙ پاڪ ڀارت ڳالهيون!

'مختلف موضوع' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    هندستان جي وزير اعظم من موهن سنگهه کي ته پاڪستان جي ٻنهي سربراهن کي دعوت ڏيڻي هئي. هڪ پنهنجي هم منصب ۽ ٻيو حڪمران پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي صدر کي! پر ان ڳالهه جو علم هندستان جي حڪومت ۽ رياست جي پوري مشينريءَ کي هو ته ”موهاليءَ جو مهمان“ ڪير ٿيندو؟

    جيتوڻيڪ هن وقت ارڙهين ترميم جو خاتمو آيل آهي. ان ڪري صدر جو عهدو نالي ماتر هجڻ گهرجي پر جنرل مشرف ملڪ جي ان مظلوم عهدي ۾ ايتري هوا ڀري ڇڏي آهي جو هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ٻين ٽينوئر تائين ته ايوان صدر جي لئه لست ۾ گهٽتائي نه ايندي. موجوده حڪومت مشرف سرڪار جو تسلسل هجي يا نه هجي پر پاڪستان جو ايوان صدر پنهنجي اختياراتي وزن ۾ هن وقت به مشرف دور کان ڪنهن معنيٰ ۾ گهٽ ناهي. ان ڪري جيڪڏهن پرڏيهي دورن جو ئي رڪارڊ ڏٺو وڃي ته ان ۾ صدر جي سرسي نظر ايندي. هر اهم ايونٽ ملڪ جي صدر پنهنجي لاءِ منتخب ڪرڻ چاهيو آهي. پوءِ اهو آمريڪا جو دورو هجي يا برطانيا جو!! پاڪستان جو اهو صدر جيڪو افغانستان جي ڪنهن اهم تقريب ۾ به پنهنجي شرڪت يقيني بڻائيندو آهي، ان پاران هندستان حڪومت جي خاص دعوت تي موهاليءَ ۾ ڪرڪيٽ جي ورلڊ ڪپ جو سيمي فائينل نه ڏسڻ ڪيڏي نه حيران ڪن ڳالهه آهي؟ پر اهو ڪجهه ٿيڻو هو. ان سلسلي ۾ ڳالهه صرف سيڪيورٽيءَ جي ناهي پر پاڪستان ٻين ڪنهن ملڪ سان برابريءَ واري روش رکي يا نه رکي پر هن کي هندستان سان هر حال ۾ رکڻي هوندي آهي. ان ڪري هن رياست جا ڪرتا ڌرتا اها ڳالهه برداشت نه ڪن ها ته ڀارت جي وزير اعظم سان پاڪستان جو صدر ويهي. هندستان سان سفارتي اٿ ويهه ۾ جيستائين پرويز مشرف هو حوالو آهي ته هن جو دور هن جي ورديءَ سبب نرالو هو. ان ڪري ان جو ته ذڪر ئي نه ڪرڻ گهرجي. باقي هن ڀيري ڀارت جي دوري جي تمنا ته اسان جي صدر مملڪت جي دل ۾ تمام گهڻي مچلي هوندي پر جيئن ته اهي ڪم صرف خواهشن جي بنياد تي نه ٿيندا آهن پر اهڙين گڏجاڻين جو انڊراسٽينڊگس گهڻو اڳ طعه ڪيون وينديون آهن ۽ انهن کي راز ۾ رکي معاملا اڳتي سوريا ويندا آهن. ان ڪري ڪرڪيٽ جي جيت ۽ هار ڀلي ”باءِ چانس“ پر سياست هڪ تمام گهڻي ڳڻ ڳوت واري راند هوندي آهي. اها پهريان کان طئه ڪري ويٺي هوندي آهي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي ڇا نه ڪرڻو آهي. ان ڪري ڀارت جي پرڌان منتريءَ من موهن سنگهه کي پنهنجي پاڪستاني ڪائونٽر پارٽ يعني پرائيم منسٽر يوسف رضا گيلانيءَ سان ملڻو هو. پوءِ جيڪڏهن بيٽ بال وارن ڇوڪرن انهن کي اهو موقعو حاصل ڪري ڏنو ته انهن سٺو ڪيو پر جيڪڏهن هو اهڙو ڪارنامو سرانجام نه ڏين ها تڏهن به ٻنهي ملڪن جون رياستون ان ڏس ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺن ها. ڇو ته ممبئي حلمن جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پائي ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي سان مڪمل بائيڪاٽ ڪري ته ويهڻو هو. آخر دشمنيءَ هوندي به ته پاڪ ڀارت گلشن جو ڪاروبار هلڻو هو. پر ان لاءِ جهڙي طرح ڪرڪيٽ جي ورلڊ ڪپ راهه کي هموار ڪيو، ان کي ڏسي ڪير نه چوندو ته ڪرڪيٽ هڪ اهم راند آهي!!

    جهڙي طرح داغستان جي شاعر رسول حمزاتوف لکيو آهي ته ” جنهن هٿيار کي صرف هڪ دفعو ڀيرو استعمال ڪبو آهي، انهن جي سڄي زندگي سنڀال ڪرڻي پوندي آهي“ تهڙي طرح جنهن راند کي رياست سمورو وقت پاليندي نپائيندي آهي، ان جي ڪم اچڻ جو به هڪ وقت هوندو آهي. ان ڪري ممبئي حملن کان پوءِ ڪشيده صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن کي هڪ ميز تي آڻي ويهارڻ وارو ڪرڪيٽ جو اهو احسان پاڪ ڀارت لاڳاپن جي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.باقي ڀارت جو وزير اعظم من موهن سنگهه ۽ پاڪستان جو پرائيم منسٽر يوسف رضا گيلاني ڪرڪيٽ جا ڪيترا شوقين آهن؟ ان سوال جو جواب اسان کي اڳواٽ ئي معلوم آهي. ان کان سواءِ هندستان جي پرڌان منتريءَ پنهنجي پتر ۾ جهڙي طرح ڪرڪيٽ جي شان ۽ مان کي اوچو ڪرڻ ۽ هن راند جي ترقيءَ لاءِ جهڙن جذبن جو اظهار ڪيو آهي، ان جي اصليت به اسان جي اکين کان اوجهل ناهي. ان حوالي سان اسان ڄاڻون ته ٻنهي ملڪن جا سربراهه جڏهن پاڻ ۾ ويهندا ته انهن جو موضوع ڪرڪيٽ نه هوندي. اهي ڪرڪيٽ تي ڪچهري نه ڪندا ۽ نه وري هڪ ٻئي کي پنهنجي ننڍپڻ جا قصا ٻڌائيندا. انهن جي گفتگو مڪمل طور تي ٻن رياستن جي اهم مسئلن جي حوالي سان هوندي ۽ هن وقت تائين ميڊيا ۾ جيڪي رپورٽس آيون آهن، انهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان انڊيا جي آڏو بلوچستان ۽ پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ ڀارت جي ڪردار جي حوالي سان ڳالهائيندو ۽ ڀارت کي چوندو ته اها پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پري رهي.

    پاڪستان انهن ڳالهين تي تمام گهڻي وقت کان وٺي احتجاج ڪندو رهيو آهي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڀارت افغانستان جي صورتحال جو فائدو وٺي نه رڳو پاڪستان کي ڪابل مان مڪمل طور تي آئوٽ ڪيو آهي پر پاڪستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ ڪلچرل سينٽرس جي نالي ۾ ”را“ جو نيٽ ورڪ وڇايو آهي ۽ اهي سينٽرس پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهن. اهو احتجاج هاڻي جو ناهي پر مشرف حڪومت کان وٺي پاڪستان انڊيا جي اهڙي ڪردار تي دانهون ڪندو رهيو آهي پر انڊيا اهڙن احتجاجن کي ڪا به لفٽ نه ڏني آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ هندستان هر هنڌ تي رڙيون ڪندو رهندو هو ته پاڪستان ڪشمير ۾ دهشتگرديءَ جي ڀرپور مدد ڪري ٿو ۽ ڪشميري دهشتگردن لاءِ پنهنجي سرزمين تي تربيتي ڪيمپون به هلائي ٿو پر ڪافي وقت کان وٺي هندستان اهڙي ڪا به شڪايت نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪشمير ۾ اهڙي صورتحال آهي جنهن جي ڪري چئجي ته ڪنهن ملڪ جو ان ۾ هٿ ضرور هوندو! ڪشمير جون حالتون هاڻي سانتيڪيون آهن پر ڪوئيٽا، پشاور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به طور تي ٺاپر ناهي. اسان ائين نه ٿا چئون ته انهن ڪاررواين ۾ڀارت ملوث آهي پر اها ڳالهه طئه آهي ته ڪنهن به ملڪ جي اندر هلندڙ وڳوڙي ڪرت ڪنهن ٻئي ملڪ جي سڌي يا اڻسڌي مدد کان سواءِ ممڪن ناهي. ان ڪري هن وقت پاڪستان تمام گهڻو پريشان آهي. هو بلوچستان جي سلسلي ۾ سڀ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ چاهي ٿو ۽ هن جي ڀرپور ڪوشش آهي ته بلوچستان ۾ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ وارن کي جتان به پئسي ٽڪي جي سپورٽ ملي ٿي، اها انهن کان کسي وٺجي. ان سلسلي ۾ اهو ملڪ تمام گهڻي وقت کان وٺي پتوڙي رهيو آهي، جنهن ملڪ جو نالو پاڪستان آهي. پاڪستان لاءِ مصيبت اها آهي ته هن جو سڀ کان وڏو اتحادي به هن سان سچو ناهي. ان ڪري هو پنهنجي روايتي مخالف لاءِ ڇا چوي!!؟

    ڪنهن کي خبر ناهي ته بلوچستان ۾ سرڪار سان مهاڏو اٽڪائيندڙ آمريڪا جي اکين جا تارا ڀلي نه هجن پر اهي دنيا جي اڪيلي سپر پاور کي پيارا آهن. ڇو ته آمريڪا ڪنهن به طور تي اهو نه ٿو چاهي ته بلوچستان ۾ چين مضبوط ٿئي. هن لاءِ اها ڳالهه ناقابل برداشت آهي ته گوادر پورٽ جهڙي انتهائي اسٽريٽيجڪ پوائنٽ تي چين جو ڪنٽرول هجي. جڏهن کان گوادر پورٽ جو ڪم شروع ٿيو آهي، تڏهن کان ڪيترن چينين جي زندگين جو انت آيو آهي؟ ڇا انهن جي وجود کي ميسارڻ وارا جن ڀوت آهن؟

    آمريڪا کي سڀ کان وڏو خطرو چين مان آهي ۽ هندستان به هميشه چين کي پنهنجو دشمن سمجهندو رهيو آهي. ان ڪري چين جي دشمنيءَ واري معاملي تي آمريڪا ۽ انڊيا پاڻ ۾ ٻٽ رهندا آيا آهن. هاڻي به جيڪڏهن آمريڪا هندستان سان ائٽمي تعاون ڪري رهيو آهي ته ان جو ڪارڻ هندستان کي سگهارو ڪري چين جي منهن ۾ هڻڻو آهي. ان ڪري پاڪستان هن وقت بيوس بڻجي پيو آهي. هو انڊيا کي ٽف ٽائيم ڏيڻ به چاهي ٿو ته نه ٿو ڏئي سگهي. ان جو ڪارڻ انڊيا نه پر آمريڪا آهي. انڊيا سان معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پاڪستان منڍ کان وٺي ٽين ڌر جو مطالبو پيش ڪيو آهي. هن ڪيترائي ڀيرا سڌن سون لفظن ۾ به چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ڳالهيون آمريڪا جي ٽياڪڙيءَ ۾ ٿيڻ گهرجن. پر آمريڪا ۽ انڊيا ان جا انڪاري رهيا آهن. پر آمريڪا جي اها خواهش ضرور رهي آهي ته انڊيا ۽ پاڪستان پاڻ ۾ نه وڙهن ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي هن علائقي ۾ آمريڪا جي مفادن جو تحفظ ڪن. اهوئي سبب آهي ته جڏهن به آمريڪا ۽ پاڪستان هڪ ٻئي سان جنگ جهڙي صورتحال ۾ اچي ويا آهن ته آمريڪا وچ ۾ پئي معاملو ٺاريو آهي.

    هن وقت پاڪستان جو پورو وجود دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي زخمن سان ڀريل آهي. پاڪستان ۾ معاشي ميدان کان وٺي امن امان تائين هر حوالي سان صورتحال خراب آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي سرزمين تي هر رخ کان ٻريل باهه ٻارڻ وارا هٿ هندستان جا ناهن، تڏهن به انهن جي مٿان تيل هارڻ واري ڪردار مان هن کي عاري نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم ٿيڻ لاءِ جنهن امن جو طلبگار آهي، اهو هندستان جي تعاون کان سواءِ ممڪن ناهي. ڪافي وقت اڳ پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انڊيا سان اهي ڳالهيون ڪرڻ ويو هو جو ان وقت ممبئي حملا ٿي پيا هئا ۽ امن جون ڪوششون اڻ اعلانيل وقت تائين ملتوي ٿي ويون هيون. هاڻي وري انڊيا ان تي راضي ٿيو آهي ته هو پاڪستان سان ويهي ۽ ڳالهيون ڪري. ان سلسلي ۾ هن ڀيري ڪرڪيٽ جي گرائونڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ڇو ته راند جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ۽ اڳ جيڪي ڳالهيون ٻنهي ملڪن جي نمائندن ۾ ٿينديون، اهي ئي اهم هونديون ۽ انهن ڳالهين ۾ پاڪستان جي پوزيشن بظاهر بهتر نه ٿي لڳي ۽ شايد هندستان پاڪستان جي ان پوزيشن جو انتظار ڪري رهيو هو. ان ڪري هن پاڪستان کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، موهاليءَ جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾! اهو موهالي جنهن جو نالو سک مذهب سان تعلق رکي ٿو ۽ پنجاب جي هن شهر ۾ هن وقت به سڀ کان وڏي ٻولي پنجابي آهي ۽ شايد من موهن سنگهه ۽ يوسف رضا گيلاني پنهنجي ڳالهه ٻولهه لاءِ انهيءَ ٻوليءَ جي چونڊ ڪن. پر ٻوليءَ سان ڇا ٿو ٿئي؟ اصل ڳالهه ته انهن مفادن جي آهي، جنهن تي ٺهڻ ۽ نه ٺهڻ جي صورتحال تمام جلد اسان جي آڏو اچي ويندي


    اعجاز منگي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو