تيز ترين نئون سپر ڪمپيوٽر ”ٽائي ٽن“ ايجاد

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    آمريڪي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي ايندڙ سال هڪ نئون سپر ڪمپيوٽر ”ٽائي ٽن“ متعارف ڪرائي رهيا آهن، جيڪو دنيا جو تيز ترين ڪمپيوٽر هوندو، هن وقت دنيا جو تيز ترين ڪمپيوٽر چين وٽ آهي، جنهن کي 2010ع ۾ تيز ترين سپر ڪمپيوٽر ٺاهڻ جو اعزاز حاصل هو، جنهن جي رفتار سان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي ترقي ڪري رهي آهي، انهيءَ کي نظر ۾ رکندي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه سالن کان پوءِ وڏن وڏن سپر ڪمپيوٽرن جي مقابلي ۾ عام ليپ ٽاپ وڌيڪ تيز رفتار هوندا ۽ انهن تي اڄ جي سپر ڪمپيوٽرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڊيٽا پراسيسنگ ڪري سگهبي، سپر ڪمپيوٽر سڀ کان اڳ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڪنٽرول ڊيٽا ڪارپوريشن متاعرف ڪرايو هو، جڏهن ته 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪمپنيون به انهيءَ ميدان ۾ آيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان دور ۾ استعمال ٿيندڙ سپرڪمپيوٽر کان وڌيڪ اڄ جي موبائيل فونن جي مائيڪرو پراسيسنگ آهي. سائنس جي اصطلاح ۾ سپر ڪمپيوٽر انهيءَ ڊجيٽل مشين کي چيو ويندو آهي جنهن جي ذريعي انتهائي تيزي سان انگ اکر ۽ معلومات ۽ پراسيسنگ ڪئي ويندي آهي، تيز رفتار پراسيسنگ جي وڌيڪ ضرورت ائٽمي سائنس، موسمن جي پيشنگوين، دفاع ۽ خلائي سائنس جي شعبن ۾ پوندي آهي، جڏهن ته هاڻي زندگي به تيز رفتار ٿيڻ جي ڪري زندگيءَ جي ڪيترن شعبن ۾ سپر ڪمپيوٽر انسان کي محتاج بڻائي ڇڏيو آهي، آمريڪا ۾ شايد ڪا به اهڙي يونيورسٽي هوندي جتي سپر ڪمپيوٽر لڳل نه هجي، تعليمي ادارن ۾ سپر ڪمپيوٽر سائنسي تجربن جي تجزين ۽ تحقيقي ڪمن جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

    سپر ڪمپيوٽر عام ڪمپيوٽر کان تمام گهڻو وڌيڪ هوندو آهي، چند ڏهاڪا اڳ هڪ سپر ڪمپيوٽر کي لڳائڻ جي لاءِ هڪ وڏي عمارت گهربل هوندي هئي ۽ اهو تمام گهڻو وزني هوندو هو، جڏهن ته جيئن جيئن ڊجيٽل شين جي سائيز ننڍي ٿي رهي آهي، ڪمپيوٽر جي ڊيگهه ويڪر به گهٽجي رهي آهي، انهيءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ ڪلهه ماڻهن جي گهرن ۾ ڪنهن ميز تي هڪ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر رکيل هوندو آهي، ان جي قوت، صلاحيت ۽ رفتار 80 جي ڏهاڪي واري سپر ڪمپيوٽر کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هڪ وقت ۾ ڪمپيوٽر ۾ هڪ کان وڌيڪ مائيڪرو پراسيسر ڪم ڪري رهيا هوندا آهن ۽ هو هڪ سيڪنڊ ۾ رياضيءَ جا ٻه لک کرب سوال حل ڪري سگهندو، ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت ۾ چين ۾ لڳل دنيا جو تيز ترين سپر ڪمپيوٽر هڪ سيڪنڊ ۾ رياضي جا 25 هزار کرب سوال حل ڪري سگهندو آهي، هڪ عام ڪيلڪيوليٽر ڪمپيوٽر جي سادي ترين ابتدائي شڪل آهي، جنهن تي هڪ وقت ۾ صرف هڪ ئي سوال حل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته توهان عام ڪمپيوٽر تي مختلف فائيل کولي هڪ ئي وقت ۾ درزنين فائيل کولي ڪم ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن سپر ڪمپيوٽر جي صلاحيت کي انساني ڪارڪردگي جي پئماني تي پرکيو وڃي ته نئين سپر ڪمپيوٽر جي صلاحيت هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿي ته هڪ ڏينهن ۾ اهو انگن اکرن جو ايترو ڪم ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي هڪ ئي وقت هڪ کرب ۽ 20 ارب ماڻهو پنهنجي ڪيلڪيوليٽر تي 50 سالن ۾ سر انجام ڏئي سگهندا، ڏهه ڪروڙ ڊالرن جي لاڳت وارو اهو سپر ڪمپيوٽر آمريڪا جي توانائي جي کاتي جي لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن کي رياست ٽيني سي جي شهر اوڪ رج جي نيشنل ليبارٽري ۾ لڳايو ويو.

    ايندڙ سال آمريڪا ۾ صرف ٽائي ٽن سپر ڪمپيوٽر جو افتتاح ئي نه ٿيندو پر آءِ بي ايم ڪمپني به ڪيليفورنيا جي قومي لبيارٽي ۾ هڪ نئون سپر ڪمپيوٽر لڳائيندي.

    عوامي نيوز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو