• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوى ڪندڙن جي لاءِ هڪ آزاد نظم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هي آزاد نظم انهن دوستن جي نانءُ ٿو ڪريان جيڪي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهن پيا ۽ سنڌ جي آزاديءَ‌ لاءِ جنگ وڙهڻ جي دعوى ٿا ڪن، پر انهن جو هٿيار اهو ئي آهي جيڪو جنگين ۾ استعمال ٿيندو آهي يعني پسٽل، رائفل، رپيٽر ، وغيره وغيره۔۔۔ پر اصل هٿيار جيڪو انقلاب جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو قومن کي فتح ڪري ٿو يعني قلم ۽ علم۔۔ ان کان ڏور پيا ٿين۔۔ اهي دوست انهيءَ ذاتيءَ انا جي لاءِ ٺاهيل پارٽين کي پنهنجي تسڪين لاءِ جوائن ڪن ٿا ۽ اها عجيب دعوى ڪن ٿا ته اسان سنڌ جي آزاديءَ‌ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون۔۔۔ هي آزاد نظم انهن جي نانءُ ئي آهي۔۔

انهن دوستن کي سوچڻ گهرجي ته هي ڇا ڪري رهيا آهيون

2v34eg3.jpg
 
جواب: سنڌ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوى ڪندڙن جي لاءِ هڪ آزاد نظم

تمام بهترين ونڊ
بلڪل علم ئي وڏو هٿيار آهي۔ ۽ جهالت ئي وڏو نقصان آهي۔
علم روشني آهي۔ ۽ جهالت اونداهي آهي۔
علم انسان جي ٽئين اک آهي۔
علم سوڀ آهي۔ ۽ جهالت ۾ ناڪامي آهي۔

۽ علم بابت نبي پاڪ ﷺ جن جو فرمان مبارڪ آهي۔ ته "پينگهي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪريو".
 
جواب: سنڌ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوى ڪندڙن جي لاءِ هڪ آزاد نظم

مست کي سلام

مست سنڌ جي جنهن مادر علمي ۾ هرروز هٿيار ڏسي پيو ۽ پنهنجي ئي سنڌين کي پنهنجي ئي سنڌين هٿان قتل ٿيندي، تشدد ڪندي ڏسي ٿو بي اختيار سندس دل جو آواز هن نظم جي صورت ۾ ٻاهر ٿو نڪري۔

تمام سهڻو نظم ۽ تمام بهترين خيال آهن۔ دعا آهي ته سموري سنڌ علم جي خزاني سان مالامال بڻجي ۽ سنڌ ۾ امن هجي ۽ ڪا به ماء پنهنجي پياري پُٽ يا ڌيء لاء تڏهن پريشان نه هجي جڏهن هو درسگاهن جو رخ ڪري۔
 
جواب: سنڌ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوى ڪندڙن جي لاءِ هڪ آزاد نظم

ادا مست تمام بهترين ۽ سچائي تي مبني آزاد نظم بيحد پسند آيو
 
جواب: سنڌ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوى ڪندڙن جي لاءِ هڪ آزاد نظم

واه ادا مست واه لاجواب تمام بهترين
 
Back
Top