سنڌي شاگرد تنظيمن جي قيادت کي رحم جي اپيل

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سياسي شاگرد ڌرين جا ڌرڻا ۽ پوئنٽ بسون روڪڻ هاڻي روز جو معمول بڻجندو وڃي. يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ بائيڪاٽن سبب ان کي ”بند يونيورسٽي“ ته اڳ ئي چيو ويندو هو پر هاڻي سياسي تنظيمن سان لاڳاپيل شاگردن پاران روزانو پوائنٽ بسون روڪڻ ۽ ڌرڻا هڻڻ واري عمل سان شاگردن جو وقت زيان ٿي رهيو آهي. پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي پر احتجاج لاءِ مناسب وقت ۽ هنڌ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جا ”ڪامريڊ“ وري انتظاميا آڏو احتجاج ڪرڻ بدران شاگردن آڏو ڌرڻا هڻندا آهن يا وري پوائنٽ بسون روڪي انهن آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو آهي! سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوائنٽ بسن ذريعي واپس حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ هزارين شاگردن کي پڙهڻ، اسائنمينٽ ٺاهڻ، امتحانن جي تياري ڪرڻ، مختلف هنڌن تي پارٽ ٽائيم نوڪرين سميت مختلف مصروفيتون هونديون آهن. ڌرڻن ۽ پوائنٽ بسون روڪڻ سبب شاگردن لاءِ تمام ڏکيو هوندو آهي، جو اهي مختلف ڪم ڪري سگهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ”ڪامريڊن“ خانگي پوائنٽ بسون ان ڪري روڪرايون، جو کين پڪنڪ لاءِ پوائنٽ بسون نه پئي مليون. شاگرد توڙي ڊرائيور انهن صاحبن کي چئي رهيا هئا ته خانگي بسون روڪڻ جو فائدو ناهي، توهان انتظاميا آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر همراهه پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺا هئا ۽ ٻي ڪا ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. منجهند 12 وڳي کان اڍائي وڳي تائين شٽل پوائنٽون روڪيون ويون. هاڻي توهان اندازو لڳايو ته سخت گرميءَ ۾ اڃ ۽ بک جو عذاب ڀوڳيندڙ شاگرد واپس پنهنجن شهرن ۾ وڃي ڪهڙي پڙهائي ڪري سگهندا؟ سنڌي شاگرد تنظيمن جي قيادت کي رحم جي اپيل ڪندي کين اهو چوندس ته اهي روزانو پوائنٽون روڪڻ ۽ ڌرڻا لڳڻ واري عمل کي روڪي شاگردن جو انتهائي قيمتي وقت بچائين.

    علي محمد ڪيريو

    سنڌ يونيورسٽي (ڄامشورو)
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي شاگرد تنظيمن جي قيادت کي رحم جي اپيل

    پيارا دوستوء !
    جيڪي قومون علم۽ هنر جي اهميت کي نه سمجهندي انهن ٻنهي شين مان جيڪڏهن ڪنهن به هڪڙي شيءِ کان پري رهنديون آهن ته سمجهو ته انهن جي تباه ۽ ختم ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي۔
    هاڻي اسان جي شاگردن ،قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ڪير سمجهائي ته هڙتآل جو
    مقصد هوندو آهي دشمن يا مخالف قوت کي نقصان رسائڻ،نه ڪي پنهنجو پاڻ کي۔
    اسان جنهن قومي غلامي واري حالت مان گذري رهيا آهيون ان حالت ۾ اسان جي هر فرد کي ٻيڻو ڪم ۽ ٻيڻي محنت ڪرڻ گهرجي،نه ڪي هڙتالون ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻجي۔
    هن وقت سنڌي قوم جي ماڻهن کي پنهنجي هٿ ۾ اها ڪسوٽي کڻڻي پوندي ته اهي پنهنجي هر فرد( شاگرد،استاد،ڊاڪٽر، انجنير،هاري زميندار،شائر،اديب ،سياسي ڪارڪن۽اڳواڻن )جي ڪيل ڪمن ۽ڪارنامن تي نگاه رکن ته انهن جا ڪم ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن انهن پاران ڪيل ڪمن مان ڪو پنهنجي قوم ڪي ڪو فائدو پوي ٿو ته سمجهو ته اهي اسان جي قوم جا وفادار،هڏ ڏوکي۽سچار فرد آهن ۽جيڪڏهن نقصان رسي ٿو ته سمجهو ته اهي فرد پنهنجي پيٽ جا پوڄاري،ٺڳ،چور ۽قوم جا دشمن آهن۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي شاگرد تنظيمن جي قيادت کي رحم جي اپيل


    علي محمد ڪيريو صاحب بلڪل صحيح چيو آهي، اها ئي صورتحال هينئر تائين جاري آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڌرڻن ۾ شام جو 5 بجه تائين پوائنٽون روڪيون وينديون آهن پوءِ ته بس ويچارن شاگردن جا حال نه پڇو۔۔ پوءِ هو ڪيئن سنڌ يونيورسٽيءَ کان ”پنڌ“ فاٽڪ تائين وڃي لوڪل بسن ۾ چڙهندا آهن ۽ پنهنجي گهر پڄندي انهن کي رات ٿي وڃي ٿي۔۔۔​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي شاگرد تنظيمن جي قيادت کي رحم جي اپيل

    سنڌ جي سياستدان اياز لطيف پليجي جا خيال سنڌ جي تعليمي ادارن بابت:

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو