ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڪنڊياري جي ڳوٺ موسيٰ ديري ۾ 21 جون 1924ع تي علي محمد ميربحر جي گهر ۾ اکيون کوليندڙ ٻارڙي شير ميربحر جي ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هي ٻارڙو وڏو ٿي ملهه پهلوان بڻجندو ۽ رستمِ سنڌ طور شهرت ماڻيندو. مرحوم شير ميربحر پهريون مقابلو لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيل ملاکڙي ۾ ڪيو، جتان هن کي سوڀ ملي ۽ اتان کانپوءِ هي مشهور ٿي ويو. خيرپور ميرس ۾ ٿيل ملاکڙي ۾ ان وقت مهمان خاص صدر ايوب ۽ جنرل يحيٰ خان ۽ اڳوڻي رياست جو والي مير سردار علي خان ٽالپر موجود هئا ۽ رستمِ سنڌ شير ميربحر ان ملاکڙي ۾ ڪيترن ئي ملهه پهلوانن کي مات ڏني. صدر ايوب ان وقت اٿي بيهي شير ميربحر لاءِ تاڙيون وڄايون ۽ پڇيائين ته، هن جو نالو ڇا آهي؟ ماڻهن ٻڌايو ته هن جو نالو شير ميربحر آهي. جنهن تي هن چيو ته شير واقعي شير آهي ۽ جڏهن افغانستان ۾ ملهه مقابلو ٿيو ته هن جوان افغانستان جي پهلوان قطب خان کي دسي بازي کٽي ۽ آسٽريليا جو ملهه جوان آسٽن جڏهن ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شير ميربحر سان مقابلي لاءِ آيو ته شير ميربحر آسٽريليا جي ان پهلوان کي ڪيرائي پاڻ کي دنيا آڏو نروار ڪيو ۽ جڏهن هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي نگرانيءَ هيٺ ملاکڙو ٿيو ته ان مقابلي ۾ به شير ميربحر چيڪوسلواڪيا جي پهلوان زيبسڪو کي شڪست ڏني. حيدرآباد جي بين الاقوامي ملاکڙي ۾ به هن جو مقابلو هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو، جنهن ۾ به شير ميربحر سوڀارو ٿيو. اهڙا ڪيترائي تاريخي مقابلا هن کٽيا ۽ پنهنجو، پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو دنيا آڏو نروار ڪيو. 1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هن کي ملهه پهلوانن جو ڪوچ مقرر ڪيو ۽ جڏهن ضياءُ الحق صدر ٿيو ته هن کي 1977ع ۾ نوڪري مان فارغ ڪيو ويو. رستمِ سنڌ کي 14 آگسٽ 1997ع ۾ مڃتا طور گولڊن جوبلي ايوارڊ ڏنو ويو. مرحوم پهلوان سنڌ جي ثقافتي راند ملهه کي 32 سال ڏنا. گڙدن جي تڪليف سبب 28 مارچ 1985ع تي شير ميربحر اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو پر افسوس حڪومت تي آهي جو اڄ تائين ڪنهن به اسٽيڊيم جو نالو يا مڃتا طور ايوارڊ جو نالو رستمِ سنڌ شير ميربحر جي نالي سان منسوب نه ڪيو ويو آهي. مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي