• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻهون يا ڪوريئڙو

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! فرانس جي دلير شيطان جي نالي ۽ ماڻهون جي روپ ۾ ڪوريئڙي طور سڃاتو ويندڙ فرانس جي الياس الآئين روبرٽ، دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت برج الخليفا جيڪا دبئي ۾ آهي انتي ڪوريئڙي وارا ڪرتب ڏيکاري دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ 828 ميٽرن جي اوچائي واري عمارت تي چڙهڻ ڪا مذاق يا ڪو کيل ناهي پر هي همراهه اهڙين عمارتن تي بلڪل ڪوريئڙي جيئان چڙهي وڃي ٿو ۽ سندس منهن تي تڪليف جو ڪو آثار به نظر نٿو اچي ۔۔۔

ڪالهه سومر واري ڏينهن جڏهن هو دنيا جي ڊگهي عمارت برج الخليفا تي چڙهي رهيو هو ته موسم طوفاني ۽ تيز هوا هئي پر هن همراهه کي ته اهڙين مشڪلاتن سان کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي ۔۔۔ انسان جڏهن پنهنجو پاڻکي مقابلي لا تيار ڪري ٿو ته هو هر قسم جا مقابلا کٽي وٺي ٿو ۔۔۔

اوهان پاڻ ڏسو؛


http://imageshack.us


http://imageshack.us

http://www.youtube.com/watch?v=AcV7E60r9eU

http://www.youtube.com/watch?v=t6LKoJpgiuM
 
جواب: ماڻهون يا ڪوريئڙو

۔ انسان جڏهن پنهنجو پاڻکي مقابلي لا تيار ڪري ٿو ته هو هر قسم جا مقابلا کٽي وٺي ٿو ۔۔۔


بيشڪ ادا ، تمام بهترين ۽ دلچسپ کيل ڪري ڏڪاريو اٿس
 
جواب: ماڻهون يا ڪوريئڙو

هن همراه جو شوق به نرالو آهي

بلڪل اسپائيڊر مين جو به ابو ٿو لڳي

انسان به ڪمال ٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ماڻهون يا ڪوريئڙو

ادا سائين انسان ۾ جڏهن ڪجه ڪرڻ جي تمنا هوندي آهي ته هو وڏا وڏا ۽ عجيب سان گڏ خطرناڪ ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي۔فرانس جو ڪوريئڙو ان جو هڪ کليل مثال آهي۔بهترين وڊيو شيئر ڪئي آٿئو توهان جي مهرباني۔​
 
جواب: ماڻهون يا ڪوريئڙو

سائين ابڙا صاحب ماڻهو جا ارادا اٽل هجن ته ڪا به شي ناممڪن نه آهي

لاجواب ونڊ آهي سائين

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: ماڻهون يا ڪوريئڙو

وڏيون خواهشون رکڻ ۽ آسمان جا تارا لاهڻ هر انسان جو خواب هوندو آهي، مگر اهيو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ٿئي سگهي ٿو جڏهن اسان سخت محنت ۽ جدو جهد ڪرڻ سکنداسين، توهان پاڻ ڏسو ته اهيو ڪم ڪوريئڙي وانگر بلڊنگن تي چڙهڻ ڪو آسان ڪم ته نه آهي،۔۔اڳي اسان ميلن ۾ ڏسندا هئاسين ته هڪ همراهه هڪ هٿراڌو کوهه ۾ موٽر سائيڪل هلائيندو هو جنهن کي موت جو کوهه سڏيو ويندو هو، اهڙي ريت هي به سمجهو ته اهو ئي موت جو کوهه آهي ۽ سنئون سڌو موت کي سڏ ڪرڻ وارو ڪم آهي مگر همت آ ان عظيم انسان کي جنهن موت سان سامهون ٿيندي اهو ڪم سرانجام ڏنو آهي، ادا اسان جو مذهب به اهيائي تعليم ڏئي ٿو ته محنت ۽ جدو جهد ڪريو، ۽ پنهنجو مقام حاصل ڪريو، ادا اسان کي به گهرجي ته ان انسان کي ڏسندي پنهنجي جدوجهد جو سفر ڊگهو بڻائي ڇڏيون ۽ اهڙي موقعي تي بهادريءَ ۽ سورهيائي کي مضبوطيءَ سان اپنائيندي دل جا سمورا رستا صرف ۽ صرف غاصب قوتن جي برباديءَ لاءِ استعمال ڪندي سڀئي هڪ ٿي، هڪ نظرئي ۽ سوچ مطابق جدوجهد ڪريون ۽ ٻيا سڀئي وهم دل مان ڌڪاري ڇڏڻ گهرجن ۽ هن عملي جدوجهد ۾ هر قسم جا هٿيار استعمال ڪرڻ گهرجن. مطلب ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هٿيارن کان وٺي، آئيني ۽ عوامي عدالتي هٿيارن تائين ڪنهن به قسم جي بچاءَ جي هٿيار کي خالي ناهي ڇڏڻو، ڇو ته توهانجي ڪاميابي يقيني تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن توهانجو هر مورچو ۽ محاذ مضبوط ۽ هٿيار ڪارگر ۽ عملي طرح استعمال ۾ اچي ويندو، اسان جو روحاني رهبر ۽ فڪري رهنما لطيف سائين به هميشه محنت جدو جهد جو ئي درس ڏنو آهي، شاهه صاحب فرمائن ٿا ته۽ شاهه صاحب اهيو ٿا سبق ڏين ته اي انسان الله وٽ نه ڪنهن رنگ نه ڪنهن نسل جو ڪو فرق آهي بس الله وٽ ته سچي دل لگن تقوا، ۽ محنت جي ضرورت آهي ۽ الله وٽ ته اهيو به ڪونهي ته فلاڻو فلاڻي نسل سان يا ذات سان تعلق ٿو رکي پر اتي ته نه ذات جي پڇ آهي نه وري نسل ۽ قبيلي جي اتي ته شاهه صاحب فرمائي ٿو ته ڪانه پڇي ذات، جي آئيا سي اگهيا ۔۔۔مڪمل بيت هن ريت آهي نئون نياپو آئيو، راڻي وٽان رات،،،،،،، لڌي سون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،،،،،،، ڪانه پڇي ذات، جي آئيا سي اگهيا.۔۔ ادا ابڙا صاحب مان ته ان شخص کي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪريان ٿو۔۔
 
Back
Top