ڍاڪا ڪانفرنس ۾ منفرد اعزاز واري شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڍاڪا ڪانفرنس ۾ منفرد اعزاز واري شخصيت

    ليکک: مفتي ڪليم الله ليغاري_ ڪراچي
    حاضر ڪندڙ: طاهر سنڌي​

    [justify]
    حضرت سائين ٻير وارن سان منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو تعلق پراڻو آهي. جڏهن حضرت جن سان ملڻ ٿيندو هو ته دل ۾ پڪو ارادو ڪندو هيم ته حضرت سائين وٽ ڪجهه نه ڪجهه پڙهبو ۽ پرائبو ته جيئن سائين استاديءَ واري نسبت قائم ٿي وڃي، ٻيو نه ته رجب شعبان رمضان جو وقت ڪڍي به ڪجهه ڪتاب ضرور پڙهندس. هي اها نسبت آهي جنهن لاءِ متقدمين ۽ متاخرين اڪابر عالمن، محدثن ۽ فقيهن پري پري کان سفر ڪري پاڻ تي ڏکن ۽ تڪليفن جان بار سهي پنهنجي سند عالي ڪرائڻ لاءِ وڏين هستين وٽ اچي نڪرندا هئا.
    1993 ع ڌاري ڪوٽ سبزل پڙهندو هوس وچ سال ۾ ٻير شريف اچڻ ٿيو حضرت سائين سان انهي دلي خواهش جي اظهار ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو جنهن لاءِ ڪيترا ئي سال دل ۾ شوق رکيو ايندو هوس. حضرت سائين جن کي عرض ڪيم ته اوهان وٽ ڪجهه ڪتاب پڙهڻ جو ارادو اٿم ان لاءِ جيئن اوهان حڪم ڪريو. حضرت سائين جن منهنجي اهڙي درخواست قبول ڪري ورتي ۽ فرمايائون ته ڪهڙو ڪتاب پڙهجي مون عرض ڪيو ته جيڪو اوهان فرمايو حصرت سائين جن فرمايو ته پٽ! شرح نخبة الفڪر حافظ ابن حجر عسقلاني جو اصول حديث ۾ تمام سٺو ڪتاب آهي اهو پڙهه. مون عرض ڪيو ته بالڪل صحيح آهي جيڪو اوهان حڪم ڪيو.
    منهنجي اها دلي خواهش پوري ٿي ته ڏاڍي خوشي ٿي، حضرت سائين جن کان موڪلائي مدرسي هليو ويس ۽ انهيءَ جي باري ۾ محترم رفيق احمد رسي مولوي عبدالجبار صاحب سان ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته جيڪڏهن رجب شعبان ۽ رمضان ۾ ٻير شريف حضرت سائين جن وٽ پڙهڻ نه ٿي سگهيو ته پوءِ ٽيئي گڏجي مولانا سرفراز خان صاحب گکڙ صاحب گکڙ منڊي واري وٽ تفسير جو دورو پڙهڻ هلنداسين.
    جمادي الآخر جي پڇاڙي ۾ جڏهن ڪتاب پورا ٿا ته ٻير شريف وڃڻ لاءِ تياري ڪيم.
    2 رجب 1413 هه آچر جي ڏينهن حضرت سائين وٽ حاضر ٿي حضرت سائين جن کي عرض ڪيم ته سائين ڪجههه وقت اڳ اوهان کان رجب شعبان ۽ رمضان ۾ پڙهڻ لاءِ ٽائيم ورتو هيم ان لاءِ حاضر ٿيو آهيان. حضرت سائين جن فرمايو ته پٽ! منهنجي طبيعت صحيح نه آهي ۽ وقت به نه ٿو ملي مون عرض ڪيو ته سائين! ڀلا جيڪي سبق هلي رهيا آهن انهن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت آهي؟ حضرت سائين جن فرمايو ته ڀلي پٽ شريڪ ٿي سگهو ٿا. انهيءَ وقت قرآن پاڪ جي ترجمي جو 20 پارو ۽ بخاري شريف جو جلد اول باب علامات النبوت کان هلي رهيو هو. مان به ساٿين سان گڏ سبق ۾ ويهي رهيس جن جا نالا ڪجهه هي آهن:
    )1)عبدالله، حضرت سائين جن جوفرزند(2)عبدالعزيزقاري محمد عالم جو فرزند (3)منيب سومرو شڪارپوري (4)محمود لاکو وغيره شامل هئا.
    سبق جو ٽائيم هن طرح هو جو ترجمو صبح جو نماز کان پوءِ شروع ٿيندو هو ۽ حديث جو سبق تقريبا 10 وڳي ٿيندو هو.
    حديث شريف جي سبق پڙهائڻ جو طريقو هن اصول حديث قراء علي وانا اسمع مطابق ٿيندو هو. يعني حضرت سائين جن حديث جي عبارت، ترجمو ۽ مطلب پاڻ بيان ڪندا هئا ۽ اسان ٻڌندا هئاسين ۽ ڪنهن ڪنهن مقام تي عملي طور حديث بيان ڪرڻ جو ڍيگ (طور طريقو) پڻ سيکاريندا هئا. ته حديث بيان ڪيئن ڪبي آهي.
    هڪ ڀيري حديث ۾ حضرت عمر رضه جي شهادت جو ذڪر آيو ته حضرت سائين جن ان کي اهڙي نموني بيان ڪيو جو ڄڻ ته سائين جن عين ان وقت شهادت واري ڪيفيت ڏسي آيا هجن. ابو لؤلؤ جو خنجر هلائڻ جو انداز عملي طرح ڪري ڏيکاريائون، جنهن سسان ڪجهه صحابي سڳورا زخمي ٿي پيا هئا، اسان کي حضرت سائين جن فرمايو ته پٽ! واقعن کي اهڙي نموني سان بيان ڪريو ڄڻ ته اوهان ڏسي پوءِ ٿا بيان ڪريو. ان کان سواءِ حضرت سائين جو سبق پڙهائڻ ڪيترن ئي خوبين سان سينگاريل هوندو هو. ان کي اهي عالم سڳورا بيان ڪري سگهن ٿا جيڪي ڪافي عرصو حضرت سائين جن وٽ رهيا ۽ پڙهيا ۽ جيڪي زبان ۽ قلم سان لکڻ جوملڪو رکن ٿا.
    بهر حال 26 ڏينهن ۾ آخري ٻه سيپارا ترجمي جا ۽ بخاري شريف جلد اول جا آخري ڏهه سيپارا مڪمل ٿيا آخري سبق 28 رجب 1413 هه جمع ڏينهن فجر جي نماز کان پوءِ پورا ڪرايائون پوءِ ڪن دوستن ٻڌايو ته هاڻي اڳتي ڪو سبق نه ٿيندو، تنهن ڪري ساٿين سان سبق نه ٿيڻ جي صورت ۾ مولانا سرفراز خان صفدر وٽ تفسير پڙهڻ لاءِ اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هيم. 28 رجب جي رات سائين جن سومهڻي جي نماز کان پوءِ گهر هليا ويا ۽ صبح جو موڪلائڻ جو ارادو ڪيم. ڪجهه وقت کان پوءِ غير متوقع طور تي پاڻ رات جو گهران نڪري آيا مٿي تي اڇو رومال ٻڌل هين. ڪنهن ڳوٺائي جو نڪاح پڙهڻو هين. حضرت سائين جن جڏهن نڪاح کان فارغ ٿيا ۽ ماڻهو به هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙجي ويا. ڏسان ته هن وقت سائين جن بالڪل اڪيلا ويٺا آهن. هي موقعو آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. اٿي وڃي حضرت سائين جن جي ويجهو ٿي ويٺس. ۽ عرض ڪيم ته مولانا سرفراز خان صفدر وٽ تفسير جو دورو پڙهڻ لاءِ ارادو ڪيو اٿم ان لاءِ مشورو به ڏيو ۽ مون لاءِ دعا به ڪريو. صبح جو سوير وڃڻ جو ارادو ڪيو اٿم.
    حضرت سائين جن فرمايو ته پٽ! ڏاڍو سٺو مولانا ڏي ضروري وڃ ۽ دورو ڀل پرهه.
    پاڻ فرمايائون ته صدر ايوب جو دور هو ڍاڪا (بنگلا ديش) ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس رکي وئي هئي جنهن ۾ پنج سؤ کن وڏن عالمن کي دعوت ڏني وئي هئي. مون کي به ان جلسي ۾ دعوت ملي هئي. ڪانفرنس ۾ تقرير ڪرڻ جو پروگرام هن طرح ڪيو هئائون جو هر عالم کي تقرير ڪرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ ٽائيم ڏين پيا ۽ اتي هڪ ترجمان بيهاريو هئائون جيڪو پنهنجي بنگلالي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندو پيو وڃي. پوءِ مون کي تقرير جو وارو مليو منهنجي به جواني هئي. ڏاڍو مطالعو ٿيل هو. واقعات وغيره گهڻا نظر مان نڪتل هئا. جڏهن مان پنهنجي تقرير جو اڌ ڪلاڪ پورو ڪرڻ تي هيس ته حضرت مولانا غلام غوث هزاروي صاحب اٿيا ۽ چيائون ته ميرا آدها گهڻه بهي حضرت ڪو هي تقرير جاري رکهين. پوءِ مان به تقرير کي جاري رکيم. جڏهن مولانا غلام غوث هزاروي صاحب وارو مليل اڌ ڪلاڪ پورو ٿيڻ تي هو ته حضرت مولانا سرفراز خان صفدر اٿي بيٺا ۽ چيائون ته ميرا آدها گهنٽه بهي حضرت ڪو هي بهر حال ائين مان ڏيڍ ڪلاڪ ۾ تقرير پوري ڪئي. ۽ ڪانفرنس ۾ مون کان سواءِ ڪنهن به اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ نه ڳالهايو. سائين جن فرمايو ته تقرير ۾ اهڙي قسم جا واقعا هئا. انهن جو تسلسل هو جو اهي بزرگ اڌ ۾ ڇڏڻ مناسب نه پيا سمجهن. بهر حال سائين جن کان صبح جو موڪلائي مولانا سرفراز صفدر ڏي هليا وياسون اتي دوري ۾ شريڪ ٿياسون مولانا سرفراز خان صاحب صفدر کي حضرت سائين جن جا سلام عرض ڪياسون دورو پڙهي جڏهن سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته سائين جن کي سارو احوال ڏنم.[/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڍاڪا ڪانفرنس ۾ منفرد اعزاز واري شخصيت

    ادا طاهر مهرباني

    اوهان سهڻا مضمون ونڊ ڪري رهيا آهيو جنهن لاء اوهان جي مهرباني۔ مٿيون انداز مونکي وڻيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو