منهنجو نالوفيض محمد سڪندري آهي۔ ذات جو پتافي آهيان۔ اصل ڳوٺ بهاول پتافي، ويجهو ڪينجهر پتافي، تعلقو ڏهرڪي، ضلعو گهوٽڪي۔ هينئر تقريبا 20 سالن کان حيدرآباد ۾رهيل آهيان۔ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ڪم ڪري رهيو آهيان۔ منهنجو پيشو هونئن ته “ڪتابت” آهي، پر ڪمپيوٽر سکڻ جوڏاڍو شوق اٿم۔ ڪنهن دوست جي مشوري تي هي فورم جوائن ڪيو اٿم۔ اميد رکان ٿو ته مون کي هتي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو۔
جواب: منهنجو تعارف [justify] ادا فيض محمد اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار،بلڪل ان شاءَ الله اوهان کي سکڻ لاءِ هت گهڻو ڪجهه ملندو، جنهن دوست جي مشوري سان آياانهن جو به ذڪرِ خير ڪري ڇڏيو ها ته هوند بهتر ٿئي ها،بحرحال ان دوست جي مهرباني، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ اسان جا سنڌ سلامت جا ميمبر پڻ اڳ به موجود آهن، جيڪا سندن پنهنجي مٺڙي ٻولي سان چاههَ جي نشاني آهي.[/justify]
جواب: منهنجو تعارف ڀلي ڪري آيوَ سائين منهنجا! توهان جا تمام ٿورا جو منهنجي مشوري تي عمل ڪري هن اڱڻ تي ڪَهي آيا۔ انشا الله العزيز توهان کي هتي گهڻوڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو۔ آئون دوستن کي ٻُڌائڻچاهيندس ته سائين جن اسان جا تمام مهربان دوست آهن۔ ٻيون خوبيون ته سائين جن ۾تمام گهڻيون آهن، پر ان سان گڏوگڏ هڪ خوبي جيڪا ساراهه جوڳي آهي ته سائين جن سنڌي، عربي جا تمام بهترين قسم جا ڊزائينر آهن۔ “سنڌ سلامت” جو لوگو جيڪو اوهان جي سامهون آهي، اهو سائين جي ڪتابت ۽ڊزائن جو نمونو آهي،جنهن کي مون مڙئي رنگن جي ڀيٽا ڏني اهي۔ نه ته اها سائين جن جي محنت آهي۔
جواب: منهنجو تعارف ادا فيض محمد سڪندري سنڌ سلامت فورم تي اوهانکي ڀليڪار چئون ٿا اوهانجي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: منهنجو تعارف [JUSTIFY]محترم فيض محمد پتافي سڪندري صاحب اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ لک ٿورا اوهان جا خاص ڪري سنڌ سلامت جي لوگو جي ڪتابت ڪرڻ لاء۔ سائين ابو واصف هڪ بهترين دوست آهي جيڪو سنڌي ٻوليء ۽ سنڌي فورم خاص ڪري سنڌ سلامت تي خاص مهربان رهيو آهي سندس ئي دعوت تي اوهان سنڌ سلامت تي پير پاتو آهي۔ مان سدائين اهڙن سنڌي دوستن تي ناز ڪندو آهيان جن جي محنت سان سنڌي ٻوليء جا نادر ڪتاب اسان جي هٿن ۾ هوندا آهن۔ اوهان جنهن اداري ۾ آهيو ان کي سموري سنڌ قدر جي نظرن سان ڏسندي آهي۔ يقينن اوهان جو فورم تي اچڻ اسان لاء گهڻي خوشي ۽ فخر جو باعث آهي۔ [/JUSTIFY] ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته اوهان جو ساٿ سلامت رهندو
جواب: منهنجو تعارف سائين پتافي صاحب هن محبتي اوطاق تي ڀلي ڪري آيا هتي اوهان کي بي انتها محبتون تمام سٺا دوست ۽ بهترين ڳالهيون پڙهڻ لا ملنديون
جواب: منهنجو تعارف ادا فيض محمد سڪندري سنڌ سلامت فورم تي اوهانکي ڀليڪار چئون ٿا اوهانجي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: منهنجو تعارف سائين فيض محمد صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ٿا چئون ادا هتي اوهان ڪجهه سکي ۽ سيکاري به سگهو ٿا سائين فيض محمد پتافي صاحب اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: منهنجو تعارف ادا فيض ڀلي ڪري آيا اوهان جي اچڻ سان اسان جون اکيون ٿڌيون اوهان منهنجا ڳوٺ جا پاڙيسيري به آهيو سو دل کي راحت ملي اهو پڙهي ۽ انشاالله اوهان هن محبتي اڱڻ تا گهڻو ڪجه سکندا۔اسان جا کاهوڙي يار اوهان جي مدد لا هر وقت حاضر آهن
جواب: منهنجو تعارف توهان سڀني دوستن جي وڏي مهرباني! جو اوهان هن عاجز کي پنهنجي اڱڻ تي ڀليڪار ڪيو۔ انشاءالله۔۔۔! جلد نئين تحريرن ۽ دلچسپين سان حاضر ٿبو۔۔۔ في الحال ته هي پيغام به ڪمپيوٽر تي پنهنجي پٽ محمد شهريار کان لکرائي پيش ڪري رهيو آهيان۔ اميد ته ليکو نه ڪندا۔۔۔ مهرباني۔۔۔