• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
آچر 27 مارچ جي شام جو چئين بجي سچل ڳوٺ ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون جي عنوان سان عوامي جمهوري پارٽي ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاران هڪ سيمينار (ليڪچر پروگرام) ڪرايو ويو۔ جنهن ۾ سچل ڳوٺ جي سماجي ۽ سياسي پارٽين جي دوستن شرڪت ڪئي۔ محترم فياض نائچ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرس ۽ تجزيه نگار سنڌ ٽي وي نيوز آدمشماري جي اهميت تي ليڪچر ڏنو۔

هن اها ڳالھ واضح ڪئي ته ماضي ۾ اسان جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن آدمشماري جهڙي اهم مرحلي ۾ ڪو خاص ڪردار ادا ناهي ڪيو جڏهن ته هن وقت سياسي ۽ سماجي تنظيمون گهڻو متحرڪ نطر اچي رهيون آهن۔ هن چيو ته آدمشماري جي بنياد تي ئي بجيٽ ۽ پلاننگ ٿيندي آهي تنهنڪري اسانکي هن مرحلي ۾ سرگرم ٿي ڪم ڪرڻو پوندو۔ هن ٻڌايو ته 1948 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي ٻهراڙيء جو تناسب شهرن جي مقابلي ۾ ٽيڻ تي هو جيڪو 1998 ۾ گهٽجي تقريبن برابري تي آهي يعني 51 ۽ 49 پرسنٽ۔

هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ پريشان ٿيڻ بجاء وڌيڪ اتحاد ٺاهي ۽ وڌيڪ سرگرم ٿي ڪم ڪجي۔ هن چيو ته سنڌي ميڊيا خاص ڪري سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار نهايت اهم آهي ڇو ته هن کان اڳ ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌي ٻوليء ۾ نمائدگي ڪرڻ لاء اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پليٽ فارم موجود ڪونه هو۔ هن چيو ته ماڻهن کي گهرجي ته وڌيڪ خاندان لکرائن خاص ڪري هر شادي شده ماڻهو ته ضرور پنهنجو الڳ خاندان ڄاڻائي۔

فياض نائچ کانسواء ، مشتاق راجپر ۽ ٻين دوستن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو۔​

imxPrA.jpg

im2oeg.jpg

imy1DU.jpg

im2S88.jpg
 
جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

بهترين ڪم آهي ادا، جاري رکو، ان معاملي ۾ هر سنڌي کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي.
 
جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

بهترين ڪم آهي ادا، جاري رکو، ان معاملي ۾ هر سنڌي کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي.

ادا مهرباني

مان اوهان کي مِس ڪيو۔ اوهان جو هجڻ ضروري هو۔ تمام ڪارائتو ليڪچر هو
 
جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

ادا هر باشعور سنڌي تي اها ذميداري آهي ته هو پنهنجي اردگرد ۾ رهندڙ سڀني سنڌين جا نالاء آدمشماري واري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪري۔ايئن نه ٿئي ته اسان سنڌي غفلت جي ڪري گهڻئي ۾ هوندي به ٿورائي ۾ لکيا وڃون ۽ پنهنجو ترقي واري بجيٽ ۽ پلاننگ ۾ صحيحي حصو نه و ٺي سگهون۔
 
سائين ميمڻ صاحب مهرباني

بلڪل ادا هر ماڻهو کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عملي طور ميدان ۾ لهڻو پوندو۔ بجاء ان جي جو صرف کوکلا نعرا هڻون ۽ ڳالهيون ڪندا رهون۔ سنڌ جي بقا لاء آدمشماري ۾ صحيح انگ ڄاڻائڻ ضروري آهن
 
Back
Top