ادا وڏي ائڊمن اهي سموريون ڳالهيون پرفيڪٽ مون تي لاڳو ڪري سگهو ٿا پر مان اهو بدنصيب آهيان جو جڏهن ٻار هُئس تڏهن غربت سبب ٻن وقتن جي ماني پيٽ ڀري نه کائي سگهيس، جڏهن ٻالڪپڻي کان ٿورو اڳتي قدم وڌايم تڏهن پڙهائي سان گڏ محنت مزدوري شروع ڪري پنهنجي امي ابو پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن جي ٻن وقتن جي صرف روٽي واسطي پاڻ پتوڙڻ لڳس، جڏهن ميٽرڪ ڇڪي ڇڪي پاس ڪيم ته شادي ٿي ويئي پوءِ وري پاڻ ، امي ابو، ڀائرن ڀيڻن سان گڏ پنهنجي جيون ساٿي جي ٻن وقتن جي روٽي جي تلاش ۾ بقول توهان جي پيسن جي تلاش ۾ روڊ جا پٿر ٽوڙي، بصرن جون ٻوريون، شگر مل ۾ کنڊ جي ٻورين سان گڏ ڳُڙ جون ٻوريون پڻ کڻي، اسان جي شهر جي ڀر ۾ هڪ واهه جي کوٽائي ٿي رهي هُئي ان جي کانٽي ۾ شريڪ ٿي جيون کي جاکوڙيوسين۔ وري انڌي منڊي سرڪاري نوڪري هٿ ڪري سموري خاندان جي پيٽ جي بُک کي الله سائين جي مهربانين سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين۔ سائين مُنهنجا ڳالهه صرف پيٽ جي بُک جي ڪانهي پر تن ڍڪڻ لاءِ لٽي جي به ضرورت پئي ٿي ۔ ڀيڻون جوان ٿيون سندن ور تلاش ڪري کين آسائتو ڪيو۔ ڀائرن کي پڙهائي هڪ ڀاءُ کي سي ايس ايس آفيسر بنايو، هڪ ڀاءُ کي انٽر تائين پڙهايو۔ وري جيون ساٿي جي ساٿ سان رب ڪريم مونکي اولاد سان نوازيو انهن جي روزي روٽي جي تلاش واسطي ڏينهن جو گورنمنٽ جي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ کانپوءِ رات جو شهر جي مسافر خانن تي ڊيوٽي سرانجام ڏني۔ پوءِ پنهنجي اجهي کي نئين سر بنائڻ واسطي قرض جي چڪي ۾ پيسجي وياسين، نتيجي ۾ گهر ته بني ويو پر نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا۔ جڏهن پنهنجي اندر ۽ پنهنجي گهر ۾ نظر ڊوڙائي ته معلوم ٿيو ته نڪو کائڻ لاءِ گهر ۾ پيسو هو نڪو پنهنجي نوڪري هُئي۔ هاڻ تون ٻُڌائي ته تون ڪيئن ٿو چوين ته پيسي ۽ نوڪري واسطي انسان ماضي حال ۽ مسقبل سان جهيڙو ٿو ڪري۔ ادا بنا نوڪريءَ جي پيٽ ڪونه ٿو پالجي، بنا پئسي جي ٻن وقتن جي روٽي ڪانه ٿي ملي، ڳالهه صرف پنهنجي ذات جي هُجي پر چند جِيءَ جيڪي توهان سان مُنسلڪ هُجن انهن کي ته بُکيو نٿو رکي سگهجي، لطيف سائين چوي ٿو ته جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا۔ هينئر مان ريٽائر آهيان نه مون وٽ نوڪري آهي نڪو مون وٽ پيسو آهي، اها کنگهه خُشڪي ته هر انسان سان ساڻ ساڻ آهي۔ باقي هتي جيڪا تو پوڙهي واري شڪل اسان سان شيئر ڪئي آهي اُن پوڙي جي مٿان علي علي جو نالو لکي ڇڏ۔ ڇو ته جهڙيءَ طرح علي علي پاڻ کي جهونو سمجهندو آهي اڄ يا سُڀاڻي علي علي بلڪل اهڙي شڪل وارو ٿي ويندو ۔ ان ڪري ايڊوانس ۾ تون هن شڪل تي علي علي جو نالو لکي ڇڏ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آءُ ويس سڄڻ ڏانهن پنهنجا سور ۽ ڏک ٻڌائڻ، خبر پئي ته سڄڻ جا سور ته مونکان به گهڻا آهن، سو واپس موٽي آيس ۽ .... hatt-pare الله جا شڪر ادا ڪيم ...
سائين برو بر سچ ٿا چئو مان به ان تصوير کي جڏهن پهريان ڏٺو ته مهنجي رڙ نڪري وئي ته رشيد کي اها مهنجي تصوير ڪٿان هٿ آئي پوء گهڻي سوچ کان پوء اهو خيال آيو ته هڪ دفعو مان پهنجو ليپ ٽاپ ڪمپوٽر رشيد وٽ ڇڏي پاڻ ڊفينس ڪنهن ڪم سان ويو هئس ضرور هن مهنجي غير موجودگي ۾ اها تصوير پاڻ وٽ ڪاپي ڪئي هوندي خير سائين اها تصوير ته اڃا به سر ۾ آهي پر مان ته ان کان به ويل آهيان :d
اچو سُورن واريون ڪريون سُورَ پچار ڪنين گهڻا ڪنين ٿورا ڪن وٽ لک هزار ڏنا جي ڏاتار مون جهولي پائي جهليا۔