[justify] [justify]وحدت تان ڪثرت ٿي [/justify] COLOR="Red"] [JUSTIFY] وحدت تان ڪثرت ٿي ، ڪثرت وحدت ڪُل حق حقيقي هيڪڙو ٻولي ٻي ۾َ ڀُلُ هُو هَلا چو هُلَ ، با الله سندو سڄڻين . سُر ڪلياڻ داستان پهريون شعر نمبر [/JUSTIFY]هي عشق جي منزل جو عجيب تصور آهي جنهن ۾ انسان کي کليل دعوت آهي هو هن جي رضا حاصل ڪيري هن جو هٿ ٿي سگهي ٿو، ڪنهن کي پنهنجي مرضين ۾ داخل ڪري ٿوليڪن هن عشق جي عجيب منزل اها آهي جنهن ۾ ڪثرت جو شمار ڪونهي ۽ وحدت متاثر ناهي ،جنهن جي هڪ مثال هي به ٿي سگهي ٿي ته هڪ شمع مان ڪئي شمئون ٻري سگهن ٿيون هر طرف روشني ئي روشني آهي ۽ پهرين شمع جي حقيقت متاثر ناهي ۽ جڏهن انسان ان منزل تي پهچي ٿو ته هو پنهنجي صفتن سان هن کي نوازي ٿو پو هي ڪاٿي جل جلالهُ ظاهر ٿو ٿئي ته ڪاٿي اهو حُسن جنهن جي ڳولا فطرتِ انسان ۾ رکيل آهي ڪاٿي عاشق نظر ٿو اچي ته ڪاٿي مغسوق ته ڪاٿي محبوب هر طرف هن جي هيڪڙائي ئي هيڪڙائي آهي ٻي ڪنهن ٻولي جو تصور ئي ڪونهي هن منزل تي ٻئي طالب نظر ٿا اچن ته ڪنهن وقت ٻئي مطلوب نظر ٿا اچن ٿا . جنهن کي شاھ صاحب هن جي هيين شعر ۾ اڃا واضع ڪيو آهي . اسان کي سالڪن ائين سمجهايو آهي . پاڻهين جل جلالهُ ، پاڻهني جانِ جمال پاڻهين صورت پرين جي پاڻهين حُسن ڪمال پاڻهين پير مريد ٿئي پاڻهين پاڻ خيال سڀ سڀوئي حال منجهان ئي معلوم ٿيو سُر ڪلياڻ داستان پهريون شعر نمبر 8[/justify]