ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
سڀ ڪٍجھ موجود آهي
منهنجي تنهائي کي ڪو غمخوار گهرجي
پنهنجي ذات جو به ڪو اعتبار گهرجي
ميدان ۾ بيٺا آهن ڏسڻ لاءِ هزار تماشائي
رهوارهزار سواري لاءِ ڪو سوار گهرجي
گهڻو ئي آهي مسلمان لاءِ خنجرِ لا جو وار
اي غافل تو کي ته تير نه تلوار گهرجي
مئي خانو به آهي ته ساقي به آهي شراب به
سر جو سانگو کڻندڙ ڪو مي خوار گهرجي
من کي لڳل آهن بيماريون مُدتُن کان
جيڪو ڏئي شفا سو تيمادار گهرجي
نه حسب جي ضرورت آهي نه نسب جي
اُتي سرخرو ٿيئن لاءِ فقط ڪردار گهرجي
جيڪو منزل تائين ڪري رهبري اسانجي
هن ڪافلي کي اهو ڪافلهءِ سالار گهرجي
ڪئي بُت پيا آهن هن بُت خاني ۾ اسانجي ڏاڏل
بُت ڀڄندا ضرور ظرفِ حيدرِ ڪرار گهرجي
پنهنجي ذات جو به ڪو اعتبار گهرجي
ميدان ۾ بيٺا آهن ڏسڻ لاءِ هزار تماشائي
رهوارهزار سواري لاءِ ڪو سوار گهرجي
گهڻو ئي آهي مسلمان لاءِ خنجرِ لا جو وار
اي غافل تو کي ته تير نه تلوار گهرجي
مئي خانو به آهي ته ساقي به آهي شراب به
سر جو سانگو کڻندڙ ڪو مي خوار گهرجي
من کي لڳل آهن بيماريون مُدتُن کان
جيڪو ڏئي شفا سو تيمادار گهرجي
نه حسب جي ضرورت آهي نه نسب جي
اُتي سرخرو ٿيئن لاءِ فقط ڪردار گهرجي
جيڪو منزل تائين ڪري رهبري اسانجي
هن ڪافلي کي اهو ڪافلهءِ سالار گهرجي
ڪئي بُت پيا آهن هن بُت خاني ۾ اسانجي ڏاڏل
بُت ڀڄندا ضرور ظرفِ حيدرِ ڪرار گهرجي