[justify][justify]محترم ميمبرس سنڌ سلامت ۔ڪجه مهربان جيڪي هن فورم جا ميمبر آهن انهن اسان جي سٺي ادب ۽ شاعري پڙهڻ جي شوق کي مدنظر رکندي اسان جو ڌيان هن پياري سنڌي ٻولي جي فورم ڏانهن ڇڪرايو۔ڪجه ڏينهن ته اسان خاموش تماشائي وانگر چپ چپات ۾ ميمبرن جي سهڻي ،بامعنئ تحرير جي رنگن کان جيڪي هنن مختلف انداز ۾ چٽيا ان مان لطف انداز ٿيندا رهياسين، انهن جون محنتون ۽ سنڌي ٻولي سان محبتون ڏسي اسان الله پاڪ جاتماگهڻا ٿورا مڃاسين ته هن اسان جي قومجي ماڻهن ۽ خاص طور نوجوان نسل۾اهاسوچ پيدا ڪئي آهي ته هو سنڌي قوم ۽ ٻولي جي ترقي لاء خدمت ڪن۔اهو نيڪ مقصد اسان جي د ل ۾ روشن آهي۔تنهنڪري ساڳئي جذبي سان اسان هن فورم جي ميمبر ٿيڻ جي جسارت ڪئي آهي۔اسان جو تعارف۔ صنم نواز عباسي۔ تعليم بي اي -ايل ايل بي۔ مصروفيتون۔هڪ سٺي پروفيشن سان وابسط۔ دلچسپيون۔ سٺا ڪتاب ۽ شاعري پڙهڻ ۽ هيومن رائٽس رلٽيڊ معاملن ۾ مدد ڪرڻ@};-@};-@};-[/justify][/justify]
جواب: اسلام عليڪم محترمه صنم نواز عباسي صاحبه، اوهانکي سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ هي اڱڻ سجايو ئي انڪري ويو آهي ته سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل سڀني شين کي نه فقط محفوظ ڪجي پر سنڌ سڄڻن کي هڪ اهڙي اوطاق مهيا ڪجي جت هو سنڌ ۽ سنڌيت جا مسئلا پيش ڪن، انهن جا حل ڳولهن ۽ سنڌ جو مان اوچو ڪن ۔۔۔ سنڌ سلامت حب الوطن، ايماندار ۽ سچار دوستن جو اڱڻ آهي، هن اڱڻ تي ايندڙ هر هڪ رڪن کي مان ڏنو وڃي ٿو، هر رڪن کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جي آزادي ڏني وڃي ٿي، بلڪ اسانجن سڀني رڪنن جي اها خوبي آهي ته هو هن اڱڻ کي پاڻ مرادو محبتن جي اوطاق چون ٿا ۔۔۔ ڀيڻ صنم، اسين اوهانکي آنلائين ايندي ڏسندا رهياسون ۽ چپ رهياسون، ان آسري تي ته هڪ ڏينهن اوهان ضرور هن اڱڻ جي دوستن سان دوستيون ۽ محبتون وڌائينديون ۔۔۔ اسين سنڌ جي ڀينرن کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي، دلي طور تي پاڻ کي سگهارو سمجهندا آهيون ۔۔۔ اسانجو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت، اسانجو مقصد آهي سنڌيت ۽ اسانجي ڪوشش آهي ته سنڌي ٻولي جديد علمن سان سنوارجي سينگارجي ترقي يافته ٻولين جي سٿ ۾ شامل رهي ۔۔۔ اميد ته اوهان به اسانجي هن مقصد سان سلهاڙجي اسانجو مان مٿاهون ڪنديون رهنديون ۽ پنهنجي قيمتي خيالن راين ۽ لکڻين سان منور ڪنديون رهنديون ۔۔۔۔ اوهانجي تعليمي قابليت ٻڌائي ٿي ته اوهان قانون سان لاڳاپيل آهيو ۽ هن فورم تي قانوني مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو هڪ ڪمرو پڻ ٺهيل آهي، اوهين ان ڪمري ۾ يا هر ان ڪمري ۾ چڪر لڳايو ۽ پنهنجي پسند جا ليک پڙهو ۽ انهن تي پنهنجي پسند يا ناپسند جو اظهار ڪريو ۽ پنهنجي طرفان به ڪا شئي پيش ڪرڻ چاهيو ته اسانجون اکيون ٿڌيون ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ اميد ته اوهان ڀيرو نه ڀڃنديون ۽ ڀائرن سان سنڌ ۽ سنڌيت جي مد ۾ قدم ملائي هلنديون ۔۔۔ رب العالمين سنڌين کي هر ڪوسي وا کان بچائي ۽ سنڌ جو مان مٿاهون رکي ۔۔۔ آمين سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم محترمه ڀيڻ اسان اوهان کي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ هن محبتي اڱڻ جو ميمبر بڻجڻ تي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته توهان مختلف موضوعن تي مشتمل سٺو مواد پنهنجي ڀائرن سان ونڊ ڪنديون اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: اسلام عليڪم ادي اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي خوش آمديد ٿا چئون ادي اسان کي توهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: اسلام عليڪم محترمه صنم نواز عباسي صاحبه اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم ادي قابل ستائش آهن اهي حضرت شخصيتون جن هن اوطاق کي نه فقط ٺاهيو پر هن اوطاق کي صاف سٿرو رکينون پيا اچن جن هر اچڻ واري مهمان کي پنهنجو ڄڻ پراڻو ساٿي سمجهي اهڙي طرح سان آجيان ڪئي جو هاڻ هن اوطاق تي حاضري ڄڻ واجب ٿي وئي آهي سو اسان به اوهان کي هن مڪرم ۽ محترم سڄڻن جي سينگاريل اوطاق تي ڀلي ڪار چؤن ٿا ۔ سنڏ سلامت ساٿ سلامت وسلام
جواب: اسلام عليڪم عليڪم السلام اوهان کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀلي ڪار چئون ٿا۔ wellcom to sindh salamat
جواب: اسلام عليڪم ادي صنم نواز ! اوهان کي سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن طرفان ڀليڪار! جهڙي طرح اوهان اسان دوستن پاران جڙيل هن ويب سائيٽ جي تعريف ڪئي آهي اميد ته اوهان به هن ساٿ ۾ وڌ کان وڌ فعال رهي سنڌ سلامت جي نعري تحت ڪم ڪنديون رهنديون۔۔۔
جواب: اسلام عليڪم محترمه صنم نواز صاحبه اوهانکي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا اوهانجي لکڻين جو بيصبري سان انتظار رهندو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم ادي توهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون . ادي توهان جي شيئرنگس جو انتظار رهندو.