جواب: ڇا سنڌ سلامت
ادا جاويد نواز سلام
ڀاء اسان هتي ئي سنڌ سلامت تي آهيون۔ اهو ضرور آهي ته آفيس ۾ مصروفيتن سبب ڏينهن جو ڪجھ گهٽ وقت ٿو ملي پر شام جو وري نڀاڳي بجلي وڏو آزار ڪيو آهي۔ اوهان خبر ناهي ڪهڙي حساب سان ڳالھ ڪئي آهي يا اشارو ڪيو آهي۔
دوستن کي گذارش ته هميشه ڳاله کولي بيان ڪندا ڪريو۔ اسان سڀ هتي پنهنجو پاڻ ۾ آهيون۔ ٻيو ته ضروري ناهي ته هر دوست اسان جي مضمون تي اچي ڪا راء ڏي۔ جيڪڏهن ڪنهن کي شيئرنگ وڻندي ته هو مجبور ٿي پاڻ ئي ڪجھ لکندو۔
اوهان جا قرب جو اوهان سنڌ سلامت جي سونهن ۾ اضافو ڪندا ٿا رهو۔