• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾
منهن جي ڳالھ پئي آهي ڄڻ بغل ۾

واڪوڪن ٿا سي پارسائي جو
ڦاٿل جي خواهشن جي دلدل ۾

غربت تي سيمينار ڪوٺايو تن
پيدائشي جيڪي رهن ٿا محل ۾

هن ساھ جو ڀروسو ڪونهي ڪو
هي رشتو ٽٽي پوندو هڪ پل ۾

تون لو ڪ ۾ ٿو ڳولين ليلا کي
هُو رهي ٿي سيني جي محمل ۾

لاهي آسرو ماڻهن مان اي ڏاڏل
پُڪاري ڏس ڪڏهن يار کي مشڪل ۾​
 
جواب: دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

واڪوڪن ٿا سي پارسائي جو
ڦاٿل جي خواهشن جي دلدل ۾

غربت تي سيمينار ڪوٺايو تن
پيدائشي جيڪي رهن ٿا محل ۾

ادا سائين بهترين احساسن ۽ ويچارن جي تر جماني شاعري جي صورت ۾ ڪئي اٿئو۔شاعر هر شي کي مختلف انداز ۽ پيماني تي پرکيندا آهن۔جنهن جو مثال اوهان جي شاعري ٍجا مٿين شعر آهن۔​
 
جواب: دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

واڪوڪن ٿا سي پارسائي جو
ڦاٿل جي خواهشن جي دلدل ۾

غربت تي سيمينار ڪوٺايو تن
پيدائشي جيڪي رهن ٿا محل ۾

ادا سائين بهترين احساسن ۽ ويچارن جي تر جماني شاعري جي صورت ۾ ڪئي اٿئو۔شاعر هر شي کي مختلف انداز ۽ پيماني تي پرکيندا آهن۔جنهن جو مثال اوهان جي شاعري ٍجا مٿين شعر آهن۔​

سائين پسنديدگي جي مهرباني
 
جواب: دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾
منهن جي ڳالھ پئي آهي ڄڻ بغل ۾

هن ساھ جو ڀروسو ڪونهي ڪو
هي رشتو ٽٽي پوندو هڪ پل ۾

تون لو ڪ ۾ ٿو ڳولين ليلا کي
هُو رهي ٿي سيني جي محمل ۾

واه سائين بهترين

هيء توهانجي پنهجي شاعري آهي يا ڪنهجي ونڊڪئي اٿو، جيڪڏهن پنهجي آهي ته نالو لکندا ڪريو، هڪ ميچوئر شاعر وانگر تمام سٺا ذهين خيال آهن۔

سڀ کان ڀلي ڳالهه ته انفرادئت آهي ڪنهنجي ڪاپي نٿي لڳي

مهرباني
 
جواب: دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

لاهي آسرو ماڻهن مان اي ڏاڏل
پُڪاري ڏس ڪڏهن يار کي مشڪل ۾

سائين ڏاڏل مهربانيون

اوهان جي شاعري ۽ ان ۾ سمايل پيغام تمام بهترين آهي۔ لک ٿورا جو اوهان ڪالمن سان گڏ شاعريء جي ذريعي به پنهنجي دل جو آواز پهچائيندا ٿا رهو
 
جواب: دل جي ڳالھ لهي وڃي ٿي دل ۾

واه سائين بهترين

هيء توهانجي پنهجي شاعري آهي يا ڪنهجي ونڊڪئي اٿو، جيڪڏهن پنهجي آهي ته نالو لکندا ڪريو، هڪ ميچوئر شاعر وانگر تمام سٺا ذهين خيال آهن۔

سڀ کان ڀلي ڳالهه ته انفرادئت آهي ڪنهنجي ڪاپي نٿي لڳي

مهرباني


لاهي آسرو ماڻهن مان اي ڏاڏل
پُڪاري ڏس ڪڏهن يار کي مشڪل ۾
سائين عرس صاحب نالو ته ڏنو آهي پر شايد اوهان کان رهجي ويو اهو شعر جنهن ۾ نالو آهي
 
Back
Top