• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوءَ اچي نه سگهي، دل جي آڳر تي

عرس پريو

سينيئر رڪن
چندر ڪيسواڻي

هوءَ ڪڏهن به وڻندڙ ٿي نه سگهي،
ميچوئر آهي ته ڇا ٿيو،
ان کي بُک به لڳي ٿي،
برگر ۽ آئسڪريم
ان جي بُک جو مٽ نٿا ٿي سگهن
نيٺ به ان کي وسارڻ لاءِ ناول ڇو پڙهجي
۽ ڇو روح کي ريجهائڻ لاءِ
يوٽيوب تي وڃجي
سائمن ڊي بوائر ته وڏي بهادر هئي
سارتر سان گڏ
نٽهڻ اس سهندي هئي
وسڪاري ۾ پُسندي
اخبارون وڪڻڻ کي زندگي سمجهندي هئي
تهمتون کڻڻ کيس ڏاڍو وڻندو هو
گوڏي هيٺ هوندي به
هو ڪڏهن وڻندڙ ٿي نه سگهي.
نشو به هڪ ٿوڻي آهي
وجود جو نشو
۽ مان ته پنهنجي ئي وجود جو عاشق آهيان
زندگي جو ڪاڪ ٽيل ته
ڪرچيون ڪرچيون ٿيڻ لاءِ
اتساهي ٿو
۽ مان لکان ٿو
۽ منهنجي لفظن ۾
منهنجن ڳوڙهن جي
الڪوهل ملي وئي آهي
اچو ته،
پنهنجي پنهنجي وجود سان
ٽڪرائي هي جام ڏوگهيون
مڙيو ئي شاعرن جي محبت جي نانءُ
جيڪي ڪڏهن به
وڻندڙ ٿي نه سگهيا
 
جواب: هوءَ اچي نه سگهي، دل جي آڳر تي

dnkktt.jpg

شاعر چندر ڪيسواڻي ڪشمور جي کهري مٽي جو شاعر، آهي۔۔ 4 اپريل تي ٿيندڙ سندس سالگرهه جي ڏينهن سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي هڪ عجيب قسم جي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته هو پنهنجي جوش، جن جي ادبي ڪمٽمينٽ کي جيئن جو تيئن نڀائي رهيو آهي.چندر پنهنجي ذات ۾ ڪڏهن به خالي ۽ کوکلو نه لڳندو آهي سندس ڳالهين مان طوفانن ۽ وڏ ڦڙن جي اچڻ جو گمان ٿيندو آهي، هن جي ڳالهائڻ جي وقت ڪيفيت عجيب هوندي آهي، هن وٽ چوڻ لاءِ ايترو ته مواد هوندو آهي جو ڳالهائڻ جي وقت سندس، اکيون هٿ ۽ سموري باڊي ڳالهائي رهي هوندي آهي. ادا عرس پريا صاحب مهرباني چندر ڪسواڻي جي وڌيڪ شاعري پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔۔
 
Back
Top