ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئدس ان ريءَ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]
    نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾
    ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئدس ان ريءَ
    سنڌ سونهاري اها سرزمين آهي جنهن اهڙا سدابهار انسان پيدا ڪيا آهن، جن جو نانءُ کڻڻ سان ئي ماحول معطر ٿي ويندو آهي. اهڙن ئي عظيم ۽ اعليٰ انسانن ۾ پروفيسر محمد حسن بودلو زرداري به هڪ هو، جنهن پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪارنامن ۽ صلاحيتن ذريعي اهڙا ته اهڃاڻ چٽيا جن تي سنڌ ڌرتي فخر ڪري سگهي ٿي. ان چوڻ ۾ مون کي ڪوبه وڌاءُ نظر نٿو اچي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي پنهنجي ڌرتي تي ناز هوندو آهي پر پروفيسر محمد حسن بودلو اهڙي عظيم شخصيت هو، جنهن تي ڌرتي کي فخر ۽ ناز آهي.
    پروفيسر بودلي پنهنجي زندگي علم جي ڏيئي جي لاٽ ٽمڪائڻ لاءِ تيل جيان جلائي اجالو ڪندو رهيو. هن جي خدمتن جو ڪاٿو ڪبو ته ڪتابن جا ڀنڊار ڀرجي ويندا. تازو ئي پروفيسر بودلي جي اوچتي وڇوڙي جتي سندس عزيزن ۽ رشتيدارن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي اتي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن سان گڏوگڏ سندس جي روحاني اولاد کي به اداس ڪري ڇڏيو آهي .
    پروفيسر بودلي 5 جنوري 1949ع ۾ ڪوڏ خان زرداري ۾ جنم ورتو ۽ اتي ئي پنهنجي تعليم جو آغاز ڪيو. هڪ اهڙو ڳوٺ جتي مشڪل سان ماڻهو مئٽرڪ پاس ڪري ٿي سگهيو پر پروفيسر بودلي لنڊن، آمريڪا ۽ اسڪائلينڊ مان پڙهي پنهنجي ڳوٺ ۽ سنڌ جي شاگردن ۾ شعور آندو ۽ پنهنجي علم جو شعور ڏئي کين اعليٰ درجن تي پهچايو. پروفيسر بودلي کي 1972ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه ۾ ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي عظيم درسگاهه، مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو ۽ اتي علمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پروفيسر بودلو پنهنجي علمي صلاحيتن جي ڪري جلد شاگردن ۽ استادن جي هر دلعزيز شخصيت بنجي ويو. سندس علمي صلاحيتن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن پاڻ هڪ دفعي ڪلاس وٺي رهيو هئو ته ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ جڳ مشهور شاعر شيخ اياز جو اتان گذر ٿيو ته، پروفيسر بودلي جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ اتي ويهي رهيو ۽ ليڪچر ختم ٿيڻ تي اٿي بيهي سائين جن کي داد ڏنو ۽ دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهيو. بلاشڪ پروفيسر بودلي کي قدرت اهڙن ئي خوبين سان نوازيو هو. اهڙن خوبين جي مڃتا طور برٽش ڪائونسل 1984ع ۾ اسڪالرشپ ڏني ۽ پروفيسر بودلي ليڊس يونيورسٽي مان انگلش لينگويج ۾ ايم اي ڪئي. پروفيسر بودلي جي علمي ذهانت کي ڏسي ليڊس يونيورسٽي کيس اردو جو استاد پڻ مقرر ڪيو، جتي هو انگريزن کي اردو سيکاريندو رهيو.پروفيسر بودلي 1994ع ۾ ايڊنبرو ڪاليج آمريڪا مان به ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي ئي (آمريڪا) کيس پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو. ان کانسواءِ پروفيسر بودلو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ۽ اگزيمنر ۽ مهراڻ يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو، جتي خوش اسلوبي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. توڙي جو پاڻ ڪجهه وقت لاءِ برطانيه جي مشهور يونيورسٽي ليڊس ۾ اردو جا استاد رهيا پر جلد واپس اچي سنڌ جي شاگردن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ان کانسواءِ به ڪيتريون ئي غيرملڪي آفرس هيون پر پاڻ هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جو فڪر ۽ ڳڻتي رهندي هئس.
    هميشه مرڪ چهري تي هوندي هئس، ڪڏهن اداس نظر ايندا هئو ته پڇا ڪرڻ تي جواب ڏيندو هئو ته: ”اسان جي خوشي ۽ غم اسان جا ٻڄا شاگرد آهن. انهن جي ڪاميابي اسان جي خوشي ۽ انهن جي ناڪامي اسان جي لاءِ غم جو سبب بڻبي آهي.“
    سائين جتي باڪمال خوبين جو مالڪ هئو ته ساڳئي وقت باڪردار ۽ بااخلاق پڻ هئو. اصول پرستي ته سائين جن کي ڄڻ ورثي ۾ ملي هجي. مونکي ياد آ ته مان هڪ ڏينهن نوڪري جي سلسلي ۾ سائين جن وٽ ويس ۽ اتي اڳ ۾ ئي هڪ عورت موجود هئي. مان هڪ ڪنڊ واري ڪرسي تي وڃي ويهي رهيس ته جيئن سائين جن فارغ ٿين ته نوڪري جي لاءِ عرض ڪريان، اها عورت به سائين جن کي نوڪري لاءِ منٿون ڪري رهي هئي. پر سائين جن مون ڏانهن آڱر جو اشارو ڪري ان عورت کي چيو ته: ”جيڪڏهن بنا ميرٽ جي توکي نوڪري ڏيندس ته هن ڪنڊ ۾ ويٺل غريب جي دل تان ڇا گذرندي“. مطلب ته سائين جن وٽ جيترو قدر پنهنجن جو هو ايترو پراون جو به، ۽ ڪڏهن به ميرٽ جي خلاف ورزي ڪندي نااهلن لاءِ راهه هموار نه ڪئي. هميشه ميرٽ تي اچڻ وران جي قدرداني ڪئي ۽ انهن کي ئي پنهنجي منزل جو ساٿي بنائيندا رهيا.
    پروفيسر بودلي جا ڪيترائي مضمون ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا آهن پر سندس مشهور ڪتاب ”Waiting for Godot“ آهي جيڪو سنڌ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن لاءِ هڪ قيمتي تحفو آهي. مطلب ته سنڌ هڪ عظيم استاد ۽ بهترين انسان کان محروم ٿي وئي. بقول هڪ شاعر جي:
    بڇڙا ڪڇ اس ادا سي ڪي رت هي بدل گئي
    اڪ شخص ساري شهر ڪو ويران ڪر گيا
    توڙي جو هو هن وقت اسان ۾ موجود نه آهي پر سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
    نيڪ انسان وسري نه ويندا
    هيئن ۾ هميشه ياد رهندا
    ٻين لاءِ جي جيئندا سي ڪين مرندا
    هتي ڪين هوندا مگر دل ۾ رهندا

    [/JUSTIFY]

    سهراب گوپانگ (عبرت)
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئدس ان ريءَ

    ادا سائين پروفيسر بو دلي صاحب جن کان اسان بلڪل به واقف نه هئاسين۔سهراب گوپانگ صاحب جو سائين جي باري ۾ ليک هن فورم تي ونڍ ڪري توهان اسان کي هڪ سنڌي ماڻهون جي عظمت کان آگاه ڪيو آهي۔توهان کي شاباس هجئي۔سائين جو ڪتاب ضرور پڙهبو۔​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئدس ان ريءَ

    ادا بهترين ليک آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو