ڀينڊي کائڻ سان پيٽ ۾ سور۔۔۔۔

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    تازو ئي هڪ دوست شڪايت ڪئي ته ڀينڊي کائڻ سان مون کي پيٽ ۾ سور پوندو آهي۔۔۔۔ حالانڪه هي بهترين سبزي مون کي وڻندي به ڏاڍي آهي۔۔۔۔
    سوچيم ته ان بابت ڇو نه سنڌ سلامت تي ونڊ ڪجي۔۔۔۔
    ڀينڊي هڪ لذيذ ڀاڄي ٿيندي آهي۔۔۔ جنهن کي ڪيترن ئي طريقن سان پڪايو ويندو آهي۔۔۔اڪثر ماڻهون هن کي کائڻ کانپوءِ پيٽ جي سور جي شڪايت ڪندا آهن۔۔۔ توهان کي شايد خبر نه هجي ته ڀينڊي جي ٻوٽي تي سڀ کان وڌيڪ دوائن جو اسپري ڪيو ويندو آهي۔۔۔ جن ۾ مختلف ڪيميائي مادا ٿيندا آهن۔۔۔ ان لاءِ ڀينڊي کي صاف ڪري پوءِ پچائجي۔۔۔۔ نه ته هي صحت لاءِ هاڃيڪار به ٿي سگهي ٿي۔۔۔ ياد رهي ته اهڙن سڀني ميون ۽ ڀاڄين کي جيڪي کَل سوڌو کائبا آهن انهن کي پچائڻ کان اڳ ئي پاڻي سان چڱي طرح سان ڌوئڻ گهرجي۔۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڀينڊي گوشت سان پچائي رهيا آهيو ته ڀينڊي کي فرائي پان ۾ ٿورو تيل وجهي رکڻ گهرجي۔۔۔ ڪجهه منٽ هن کي هلايو ۽ پوءِ رنگ تبديل ٿيڻ تي لاهي وٺو ۔۔۔۔ جڏهن گوشت کي ڀُڃي تيار ڪري وٺو ته ان وقت ڀينڊي کي گوشت ۾ ملائي هلڪي باهه تي پچايو ۔۔۔۔ ڀينڊي انتهائي لذيذ پچندي ۽ کائڻ سان پيٽ ۾ سور به نه وجهندي۔۔۔۔۔
     
  2. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀينڊي کائڻ سان سور ٿيڻ الر جي زمري ۾ به اچي ٿو . انهيءَ ڪري صفائي وغيره ڪرڻ جي باوجود اهڙي شخص کي ڀينڊي پيٽ ۾ سور ڪندي رهندي، سنڌي ۾ چواڻي آهي ته واڱڻ ڪنهن کي وائي ڪنهن کي بادي انهيءَ ڪري ادا واهان دوست کي مشورو ڏيو ته هو ڀينڊين کي کائڻ کان اڳ ڦودنو 5گرام کائي ان کان پوءِ ڀينڊي کائي ڦودنو الرجي ۾ مفيد هجڻ کان سواءِ پيٽ جي سورلاءِ به مفيد آهي ، جي ان کان پوءِ به سور پوي ته ڀينڊي کائڻ ترڪ ڪري ڇڏي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو