ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
رانديگرجي کيڏڻ جو انداز ٻڌائي ٿو ته هي راند حڪومت جي چوڻ تي هاري وئي آهي پاڪستاني راندديگرن ۾ ڪنهن به مقام تي اها جدوجهد نظر نه ٿي آئي جا هڪ سيمي فائنل کيڏندڙ ٽيم ۾ هوندي آهي ۔ ٻيو ته انڊيا جا اسان جي نه فقط ڪرڪٽ بلڪه هر ميدان ۾ دشمن آهي اسان بمبئي اٽيڪس کان پوءِ جڏهن به امن جون ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيڪريٽري ليول تائين به ڪڏهن اسان کي لفٽ نه ملي هي انڊيا جو انهن ٻن ڏينهن جي اندر يڪطرفو رويو بدلجي ويو ۽ وزير اعظم ليول تائين اسان کي دعوتون ملي ويون اسان قبول ڪري هليا وياسون ۔ رحمان ملڪ جو بيان رانديگرن خلاف ۽ ان جي ايڪشن ۾ عمران خان جو بيان ته ڪيمرا رانديگرن نه پر رحمان ملڪ تي هنيا وڃن ۔اهي سڀ شيون پاڪستان جي شڪست ۾ وڏو ڪردار رکن ٿيون ۔اهي معاملا غور طلب آهن پر غور ڪري ڪري هتي جو ظالم آهي ان جي هٿ م فيصلو آهي سو انصاف جي اميد بي وقوفي آهي