• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسقم قافلي تي حملو، هڪ ڪارڪن ۽ هڪ حملي آور مارجي ويا

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ ڌرڻي لاءِ ويندڙ جسقم جي قافلي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جسقم ضلعي ٺٽي جو صدر قتل ٿي ويو ۽ 3 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بشير قريشي جي گارڊز جي جوابي فائرنگ ۾ 3 هٿياربند مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. جسقم چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته حملو سندن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ جي سازش آهي. جسقم جو قافلو ملير کان سپر هاءِ وي تي تي ڌرڻي لاءِ وڃي رهيو هو ته صفوران چورنگي وٽ اڳواٽ لڪي ويٺل موٽر سائيڪل هٿياربندن قافلي تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ جسقم ضلعي ٺٽي جو صدر مشتاق خاصخيلي مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بشير خان قريشي جي گارڊز جي جوابي فائرنگ ۾ 3 هٿياربند مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. مارجي ويل هٿياربندن وٽان مليل سڃاڻپ ڪارڊن مان سندن سڃاڻپ زاهد مصطفى ۽ ذوالفقار طور ڪئي وئي آهي. جڏهن ته زخمي هٿياربند ٻڌايو ته کين جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي کي قتل ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل هو. جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حملو سندن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته هو حملي باوجود سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلندڙ تحريڪ جاري رکندا. ٻئي طرف ٽي پي او گلشن اقبال پوليس، عارب مهر هڪ هٿياربند جي مارجڻ ۽ هڪ جسقم ڪارڪن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ پاران پارٽي ڪارڪن ذوالفقار ملاح جي قتل خلاف سپر هاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو هو. جسقم قافلي تي حملي خلاف ڪراچي جي سنڌي وسندين سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.



71937229.jpg


56505816.jpg


21021899.jpg

(سنڌ ٽي وي نيوز جي ٿورن سان)
 
انا لله و انا عليه راجعون

الله تعالا شهيد ڪارڪنن کي جنت نصيب فرمائي ... سلام آهي انهن نوجوانن کي جي پنهنجي قومي جدوجهد جي راه ۾ شهادت حاصل ڪنٿا ...

اسانجون دلي همدرديون انهن ڪارڪنن جي خاندانن سان گڏ آهن ....

ڪٿي ته ڀنڃبو تڪ مسافر، ڪٿي ته ڀنڃبو ٿڪ
 
Back
Top