جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر تمام سهڻي دزائن ۽ پياري شاعري آهي مان سمجهان ٿو ته لفظن جي ترتيب ۾ ڪٿي فرق آهي
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر منهنجي خيال ۾ پورو غزل ڪجھ هن طرح آهي : ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر تون، دل تان ڌوڙ ڇنڊيندي ڪر تون. منهنجي آس، اُميد آهين او، مون کان منهن نه مٽيندي ڪر تون. منهنجو شوق شفق ۾ رڱجي، ميندي روز مکيندي ڪر تون. ڪنهن جا جذبا ڇيڙڻ مان ڇا، سوپاريون نه چٻيندي ڪر تون. ساز آهيان استاد بخاري، ڇهندي ڪر، ڇيڙندي ڪر تون.
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر واھ واھ تمام بهترين..مٿان وري ادا سليمان ان شاعري کي مڪمل ڪري هن موضوع کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر جيڪڏهن عاشق هن مڪمل غزل جي ڊزائن ٺاهي ته اصل واه واه ٿي ويندي۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ته عاشق جا ڏنل رنگ به عجيب ۽ وڻندڙ هوندا آهن۔
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر سچ ۾ دل ۾ خيال آيو. وري سوچيم ته هي شاعري جنهن شيئر ڪئي آهي..اُھو پڻ هڪ ڊزائينر آهي..خير مان ڪوشش ڪريان ٿو...جلدي اوهان جي سامهون هوندي شاعري هڪ نئين روپ ۾.
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر يار عاشق ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان مڙئي ڪوشش ڪندا آهيون نه ته اسان ۽ ڊزائننگ کوڙو ئي ڪو نه ٿو لڳي۔ اوهان جا ڏنل رنگ لاجواب هوندا آهن۔
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر استاد بخاريءَ جو مٿيون غزل پڙهي اصل کل بيهي ڪون ٿي، شايد انڪري جو آءُ پڻ استاد جي جذبن سان شامل حال ٿي ويس، جو جڏهن هي لفظ لکيا هوندس ته پاڻ به ڏاڍو کليو هوندو؛ ڪنهن جا جذبا ڇيڙڻ مان ڇا، سوپاريون نه چٻيندي ڪر تون. استاد! به وڏو ڪو عاشق مذاج ماڻهون هو، سندس شاعريءَ ۾ موجود جذبا تمام گهڻو اڀاريندڙ هوندا آهن ۔۔۔ واه سائين ڪلوڙ ۽ مٿان وري سائين وساڻ صاحب جو غزل کي پورو ڪرڻ ۔۔۔ اوهان بيشڪ استاد جي اگهاڙن لفظن کي ڪپڙا پارايو پر پاڻکي ته سندس جا اهي اگهاڙا لفظ به ڏاڍا سهڻا لڳا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر استاد بخاري هڪ حُسن جو عاشق..ٻيو سنڌ جو...استاد جن جي شاعري جي جيتري تعريف ڪجي اُھا گهٽ آهي.
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر عاشق جي مهرباني پوري غزل کي کڻي ۽ وڻندڙ ڊزائن ٺاهي آهي۔ عاشق جا شاعريء کي ڏنل رنگ به وڻندڙ هوندا آهن استاد جي تمام پياري شاعري آهي
جواب: ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر ادا سليمان اوهان جا لک قرب جو استاد جي شاعري کي پورو ڪيو۔ ائين ئي اسان جي رهنمائي ڪندا رهو۔ سدائين گڏ