دوستو سلام
مون پنهنجي مصروفيتن سبب شاعري جي ڊزائن وارو ڪم تقريبن ختم ڪري ڇڏيو هو۔ ان جو هڪ سبب سائين نثار ابڙو جي دل به هئي۔ اسان جي چونڊ شاعريء تي سائين جي دل جي رفتار ڪجھ گهڻو وڌي ويندي آهي تنهنڪري اهو خيال ٿيندو آهي ته ڪٿي وري نه سائين وڃي اسپتالن جا چڪر هڻندو رهي۔ ٻيو سبب هو گهڻن ئي دوستن جي خوبصورت ڊزائن۔ جڏهن مان هي ڪم شروع ڪيو هو ته سنڌي شاعري جي ڊزائننگ ڪرڻ وارا گهٽ هئا پر هاڻي ماشاء الله گهڻا ئي دوست بهترين ڪم پيا ڪن جيئن اسان وارو عاشق سولنگي به لاجواب ڪم پيو ڪري جيڪا وڏي خوشيء جي ڳاله آهي۔
شاعريء جي عالمي ڏينهن تي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ تي سائين هدايت بلوچ لفظ پيار تي هڪ بهترين شاعري ونڊ ڪئي هئي ۽ فرمائش به ڪئي هئي ته ان جي ڊزائن ڪو دوست ڪري ونڊ ڪري ته واھ واھ۔ ان پيار جي شاعري کي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪا خاص سهڻي ڊزائن نه ٺاهي سگهيو آهيان۔ پر خوبصورت شاعري دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي۔

پيار ڪر پيار ڪر
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر
پيار ڪر پيار ڪر
پيار ماکين مٺو
پيار مصرين ڳڙيون
وير ِوھ جون وٽيون
پيار موتين لڙيون
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر
پيار ڪر پيار ڪر
پيار مسلم سان ڪر
پيار هندو سان ڪر
پيار ڀنگي سان ڪر
پيار چُهڙي سان ڪر
ڇو ته سڀ جي رڳن ۾ آ رت ساڳيو
ڇو ته سڀني جي سيني ۾ ساڳي آ دل
رت جا رشتا اهي
دل جي ڌڙڪن اها
دل اندر حسرتون ساڳيون ساڳيون
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
هن ڌرتي جي سيني تي ڪاٿي به جي
ڪنهن ڏکايل جي نيڻن مان ڳوڙها اڙهيا
پوءِ تونگر هجي يا گداگر هجي
تن جي ڳوڙهن ۾ ساڳي ئي ڳنڀيرتا
تن ۾ ڏک ساڳيو تن ۾ پيڙا اها
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
پيار گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ آ
پيار پرڀات جو ڪوئي آلاپ آ
پيار سسئي ۽ سهڻي جو ورلاپ آ
پيار کي ڏيڻ پٺي هڪ وڏو پاپ آ
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
پيار قدرت اٿئي
پيار فطرت اٿئي
پيار امرت اٿئي. پيار راحت اٿئي
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر . پيار ڪر پيار ڪر
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر
پيار ڪر پيار ڪر
پيار ماکين مٺو
پيار مصرين ڳڙيون
وير ِوھ جون وٽيون
پيار موتين لڙيون
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر
پيار ڪر پيار ڪر
پيار مسلم سان ڪر
پيار هندو سان ڪر
پيار ڀنگي سان ڪر
پيار چُهڙي سان ڪر
ڇو ته سڀ جي رڳن ۾ آ رت ساڳيو
ڇو ته سڀني جي سيني ۾ ساڳي آ دل
رت جا رشتا اهي
دل جي ڌڙڪن اها
دل اندر حسرتون ساڳيون ساڳيون
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
هن ڌرتي جي سيني تي ڪاٿي به جي
ڪنهن ڏکايل جي نيڻن مان ڳوڙها اڙهيا
پوءِ تونگر هجي يا گداگر هجي
تن جي ڳوڙهن ۾ ساڳي ئي ڳنڀيرتا
تن ۾ ڏک ساڳيو تن ۾ پيڙا اها
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
پيار گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ آ
پيار پرڀات جو ڪوئي آلاپ آ
پيار سسئي ۽ سهڻي جو ورلاپ آ
پيار کي ڏيڻ پٺي هڪ وڏو پاپ آ
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
پيار قدرت اٿئي
پيار فطرت اٿئي
پيار امرت اٿئي. پيار راحت اٿئي
سوچ ويچار ڪر
ڪين انڪار ڪر . پيار ڪر پيار ڪر